نواب شبير احمد خان چانڊيو

نواب شبير احمد خان چانڊيو

چانڊيو نواب شبير احمد خان

چانڊيو، نواب شبير احمد خان: اڳوڻو ايم. اين. اي ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار نواب شبير احمد ولد نواب احمد سلطان چانڊيو، 3 نومبر 1950ع تي ڳوٺ غيبي خان چانڊئي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ڪوئيٽا ۾ تعليم حاصل ڪئي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪرڪيٽ جو اوپننگ بئٽسمين، هاڪيءَ جو گول ڪيپر ۽ فوٽ بال جو رانديگر به رهيو. هن جي مشغلن ۾ شڪار به شامل آهي. نواب شبير احمد 1989ع کان سياست ۾ پير پاتو. 1984ع ۾ هو باضابطه طور پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو 15سال صدر رهيو. سياسي ڪيسن ۾ ڪيترا دفعا جيل به ويو. پ پ پ جي ٽڪيٽ تان 93- 1990ع، 95-1993ع ۽ 99-1997ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر (ايم. اين. اي) رهيو. 1990ع جي اليڪشن ۾ سندس مقابلو ممتاز علي ڀُٽي سان ٿيو، جنهن ۾ نواب شبير چانڊيي کٽيو هو. 1993ع جي اليڪشن ۾ هن جو مقابلو پنهنجي والد نواب احمد سلطان سان ٿيو، جيڪو مسلم ليگ (ن) جو اميدوار هو. پيءُ کي هارائي، پ پ جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيو. 1997ع ۾ دبئيءَ جي مهمانن سان گڏ شڪار ڪندي هڪ حادثي ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ڀڄي پئي، جنهن جو علاج هن آمريڪا مان به ڪرايو، پر صحتياب نه ٿي سگهيو، جنهن کانپوءِ آخر تائين وِيل چيئر استعمال ڪندو هو. 2002ع واري اليڪشن ۾ هن پنهنجيءَ جاءِ تي وارهه جي تڪ لاءِ نجم الدين ابڙي کي نامزد ڪيو، پر نجم الدين ابڙي کي پ پ پاران ٽڪيٽ نه ملڻ تي هن جا پ پ سان اختلاف ٿيا ۽ ضلعي صدر واري عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي چوڻ کان پوءِ نواب شبير احمد استعيفا واپس ورتي، پر پارٽيءَ کان ڪنارا ڪش رهيو. 21 جنوري 2004ع تي اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سردار علي محمد مهر جي چوڻ تي مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ڊسمبر 2004ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ ضلعن جي حدن جي ڦير ڦار ڪري چار نوان ضلعا ٺاهيا ته انهن ۾ ضلعو قنبر به شامل هو، پر جڏهن ڏهن ڏينهن اندر ضلعي جو نالو شهدادڪوٽ ڪيو ويو ته علائقـي جـي مـاڻهـن سـخـت رد عمـل ظـاهـر ڪيو. ان دوران احتجاجي ريليءَ ۾ پوليس اهلڪارن هٿان چار شهري شهيد ٿيا. نواب شبير احمد خان ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، ضلعي جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد جي سرواڻي ڪئي. نتيجي طور ضلعي جو نالو ’قنبر- شهداد ڪوٽ‘ رکيو ويو. نواب شبير احمد خان 2005ع جي بلدياتي چونڊن ۾ نئين ضلعي جو پهريون ضلعي ناظم منتخب ٿيو ۽ سندس پٽ نوابزادو خان چانڊيو'>سردار خان چانڊيو قنبر تعلقي جو تعلقي ناظم چونڊيو ويو. نواب شبير احمد چانڊيي، چانڊيا قبيلي سميت مختلف ذاتين جا ڪيترا فيصلا ۽ نبيرا ڪيا. چانڊين کي مليل نَوَ لکي جاگير به وٽس هئي، جنهن ۾ ڪيترا تاريخي ماڳ، ڍنڍون ۽ ڍورا شامل آهن. نواب شبير احمد چانڊيي کي ٽي پـٽ ٿيـا: نـوابـزادو سـردار خان، نوابزادو برهان خان، ۽ نوابزادو ريحان خان. نواب شبير احمد چانڊيي 28 جون 2009ع تي وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ پُٽس نوابزادي سردار احمد خان چانڊيي کي قبيلي جي سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.11.03  عيسوي

اڳوڻو ايم. اين. اي ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار نواب شبير احمد ولد نواب احمد سلطان چانڊيو، 3 نومبر 1950ع تي ڳوٺ غيبي خان چانڊئي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.


2009.06.28  عيسوي

نواب شبير احمد چانڊيي 28 جون 2009ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد غوث حسين شاهه 1
ڄام بابينو
جان پولن
ابوالفضل
ابڙو نجم الدين
ارباب فيض محمد
صبح صادق کوسو مير
ريحانه
باتو خان
رڻمل جاڙيجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون