ڀڳوانداس ميرچنداڻي

ڀڳوانداس ميرچنداڻي: ڀڳوانداس ميرچنداڻي، پنهنجي آڪهه ۽ دوستن ۾ بي.ڊي ميرچنداڻيءَ جي نالي سان مشهور هو. سندس جنم 25 فيبروري 1926ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ ديوان ڏيارام وسڻمل، سنڌ جو مشهور تعليم دان ۽ ڪيترن اسڪولن جو هيڊ ماستر ٿي رهيو هو. ڀڳوان مير چنداڻي هڪ ذهين شاگرد جي حيثيت سان، اقتصاديات ۽ تاريخ ۾ ايلفنسٽن ڪاليج بمبئي مان بي.اي آنرس جي ڊگري ورتي. بعد ۾ لنڊن جي اسڪول آف ايڪانامڪس جھڙي جڳ مشهور ڪاليج مان اقتصاديات ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. اُتي ئي هن انڊين سول سروس جو امتحان ڏنو ۽ 1929ع ۾ واپس اچي پنهنجون خدمتون سرڪار جي حوالي ڪيون. کيس سنڌ، گجرات ۽ ٻين هنڌن تي مقرر ڪيو ويو. ٿوري وقت بعد کيس عدالتي کاتي ڏانهن بدلي ڪيو ويو. هن احمد نگر، سورت، گجرات، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ تمام ايمانداريءَ سان خدمت ڪئي. 1947ع کان پوءِ کيس انتظامي کاتي ۾ رکيو ويو. 1948ع ۾ بمبئيءَ جو ڪمشنر ۽ ٻين اهم کاتن جو سيڪريٽري به رهيو. نوڪريءَ واري دور ۾ رلڻو ملڻو ۽ سٺي سڀاءَ وارو آفيسر ليکيو ويندو هو. ڀڳوان مير چنداڻي، سنڌ توڙي هند جي مختلف علائقن ۾ نوڪريءَ دوران سنڌ جي تاريخ تي تمام اهم مقالا لکيا. رٽائرمنٽ کان پوءِ هن انگريزيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ، سماجيات ۽ اقتصاديات جي موضوعن تي بي بها تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي ”جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، ”جرنل آف انڊين هسٽري“، ”جرنل آف ايشياٽڪ سوسائٽي“ ۽ ”اينلس پونا“ ۾ ڇپيل آهن. سندس 11 اهم مقالا سندس ڀيڻ مسز سرسوتي گلراجاڻي سهيڙي ڇپرايا آهن، ڪتاب جو نالو آهي: ”قديم سنڌ جون جھلڪيون“ (Glimpses Of Ancient Sind: A Collection Of Historical Papers). بي. ڊي مير چنداڻيءَ جا جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۾ هيٺيان اهم مقالا ڇپيل آهن:
1. Chachanama: Reference to Persia Zabul-Kashmir and Kanau.
2. Kalhora Invasions of Cutch.
3. Identification of Al-Bialduri’s Usaifan.
4. Sind and the White Hans identification of Hiven-Tsiang’s Sin-Tu Kingdom.
5. Sun Temple of Multan.
6. The Travels of Pranapuri.
7. Ancient Budha.
8. On Hiven T siang’s Travels in Baluchistan.
9. Hiven Tsiang’s Travels Places- names Khie-Tsi-Shi-Fa-lo, long-Kie-Lo and Su-nu-chi-fa-lo.
10. Bahram Gur’s Marriage with an Indian Princess. Fact or Fiction?
11. Crow’s Account of Sindh.
12. Purchase of Guns by the Kalhoras from the East India Company.
13. The English Factory in Sindh 1752-1775.
14. Nicholas Withingston’s route between Nagar Parkar and Thatta in 1613-14.
15. Some references to Sindh in a Chinese work of the 13th century.
16. The Pirates on the N.W Coast of India.
17. Sindh in 1809. Extract from Henery Ellies.
18. Cutch and Sindh (relation between the two countries with particular reference to Kalhoras invasions of Cutch.
19. Sindh Coasts Cutch, Kathiawar and Gujrat.


هن صفحي کي شيئر ڪريو