ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام

ڀڳواناڻي، سترامداس ڪيولرام: سنڌي ٻوليءَ جو هي ليکڪ ۽ شاعر 25 آڪٽوبر 1904ع تي روهڙيءَ ضلعي سکر ۾ ڄائو. تعليم ۾ اورسيئر جو ڪورس ڪيائين. روحانيت سان لڳاءُ هجڻ ڪري، هن گھڻو ڪري مذهب سان لاڳاپيل موضوعن تي لکيو آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ “Bible in Nutshell”، ”روحاني روشني“ (سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾)، ”ڀڳوت گيتا“ (پهريون ڀاڱو نظم ۾ ۽ ٻيو ڀاڱو نثر ۾) ۽ ”سنتن جي سکيائن جو تت“ شامل آهن. ورهاڱي کان پوءِ سندس رهائش پوني ڀارت ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو