ڀڳتياڻي هري ديوي

ڀڳتياڻي هري ديوي

ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي

ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي: ڀڳتياڻي ھري ديويءَ جو جنم، ساڌو ٽي ايل واسواڻيءَ جي ڀاءُ پھلاجراءِ واسواڻيءَ جي گھر، 26 نومبر 1915ع تي حيدرآباد شھر ۾ ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ڪرشنا ديوي ھو. ھوءَ گرو گرنٿ جي فدائي ھئي ۽ ھميشه ان جو پاٺ ڪندي ھئي جنھن جو اثر ڀڳتياڻي ھريءَ ديويءَ تي ٿيو، ويتر جو دادا واسواڻيءَ جو سنگ نصيب ٿيس، تنھن سندس من ۾ پالڻھار جي اڪير پيدا ڪري ڇڏي. بي. ايس. سي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ’رميشوري ٻائي چانڊواڻي اسڪول’ سکر ۾ ماسترياڻي مقرر ٿي. جڏهن دادا واسواڻيءَ حيدرآباد ۾ ميران اسڪول قائم ڪيو ته ھري ديوي اتي ماسترياڻي مقرر ٿي ۽ پوءِ ھيڊماسترياڻي ٿي. ھوءَ پڙھائڻ کان پوءِ گھڻو وقت پوڄا پاٺ ۾ گذاريندي ھئي، ھري ديوي سادگيءَ جي مورت ھئي، سندس رھڻي ڪھڻيءَ ۽ روحاني رمز کان ڪيتريون ئي شاگردياڻيون متاثر ٿيون. ورھاڱي کان پوءِ ھندستان لڏي وئي، جتي ميران اسڪول پوني جي ھيڊماسترياڻي مقرر ٿي، اتي ھن دادا واسواڻيءَ جي زندگيءَ تي ٻه ڪتاب لکيا، ھڪ انگريزيءَ ۾ Saint of Modern Time ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ”جوڳي جادوگر“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو