ڀڳت چيلارام

ڀڳت چيلارام

ڀڳت چيلارام چاولا

ڀڳت چيلارام چاولا: ڀڳت چيلا رام چاولا 10 جون 1933ع تي چمن شهر، بلوچستان ۾ ڄائو. تعليم بي. اي اٿس. پنهنجي ڀائرن هيري چاولا ۽ موهن ڇاٻڙيا سان گڏ 1960ع ۾ ”لوڪ سر“ نالو موسيقي جو ادارو جوڙيائين، جنهن جو مقصد سنڌي لوڪ ادب ۽ ثقافت کي محفوظ ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ هو. هن اُن سلسلي ۾ هندوستان ۽ هندوستان کان ٻاهر عرب امارات، هانگ ڪانگ، سنگاپور وغيره ۾ ڪيترائي پروگرام ڪيا. هن اتي ڀڳت جي ذريعي ناچ، راڳ ۽ ٻيا لوڪ رنگ پيش ڪري سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جون وڏيون ڪوششون ڪيون. هن کي 1988ع ۾ ڪلا وڪاس اوارڊ، ممبئيءَ ۾ ڏنو ويو. سندس رهائش بمبئيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو