ڀڳت پرتاب

ڀڳت پرتاب: ڀڳت پرتاب، نارو ڀڳت ۽ ٽيڪو ڀڳت جي نامور خاندانن سان واسطو رکي ٿو. هن 18 سيپٽمبر 1941ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس خاندان سنت وسڻ شاهه ۽ سيرورام جي ڌرمي درٻارن سان لاڳاپيل رهيو آهي، جنهن سنڌي ڀڳت کي ترقي ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀڳت پرتاب گذريل 55 سالن کان سڄي ڀارت ۾ جتي به سنڌي وسيل آهن، ڀڳتي رنگ جو راڳ پيش ڪندو رهيو آهي. پرائمري سنڌي پڙهيل ڀڳت راڳيءَ جون نج سنڌي ڀڳتي راڳ جون بنيادي رنگ جون ٻه ڪيسٽون جاري ٿي چڪيون آهن ۽ AIR جو مڃيل راڳي آهي. آشا گنج اجمير ۾ رهي ٿو.


لفظ ڀڳت پرتابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو