ڀيو ڪوڙا خان

ڀيو، ڪوڙا خان: شڪارپور ضلعي جي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت الحاج محبوب علي خان ڀيو عرف ڪوڙا خان، تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ جاڳڻ ۾ سردار محمد صلاح خان ڀيي جي گهر ۾ 1919ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان 1940ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين.
حاجي ڪوڙا خان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺي ڪيو. قومي سياست ۾ 1959ع ۾ شامل ٿيو. اولهه پاڪستان اسيمبلي (ون يونٽ) جي زماني ۾ 1962ع کان 1965ع تائين صوبائي اسيمبلي مغربي پاڪستان جو ميمبر رهيو. ان کان سواءِ مغربي پاڪستان صوبائي اسيمبلي ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري پڻ رهيو. ڪوڙا خان زندگيءَ ۾ سياسي رواداريءَ جو قائل رهيو. مسلم ليگ سان وابستگي رهيس ۽ سنڌ جي روحاني ۽ سياسي شخصيت پير پاڳاري سان واسطي ۾ رهيو. جڏهن پير پاڳاري مسلم ليگ (پاڳارو گروپ) ٺاهي ته حاجي ڪوڙا خان پاڳاري گروپ ۾ شامل ٿيو ۽ هن جو آخر تائين لاڳاپو مسلم ليگ (فنڪشنل) سان رهيو.
حاجي ڪوڙا خان 1985ع ۾ شڪارپور ضلعي جي صوبائي تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ حصو ورتو، پر ان اليڪشن ۾ ٿورن ووٽن تي جنيد احمد سومري کان شڪست کاڌائين. حاجي صاحب سياسي سرگرمين کان سواءِ علائقي جو انتهائي مُخير انسان رهيو آهي. غريب ۽ نادار انسانن جي ظاهري ۽ لڪل نموني سان امداد ڪندو رهيو. غريب شاگردن کي تعليم جاري رکڻ لاءِ به امداد ڪندو رهندو هو. هن خميس 23 آڪٽوبر 2008ع ۾ سفر دوران سڪرنڊ شهر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو