داخلا ؛ 5994
پڙهيو ويو ؛ 190
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-04-05


تصويرون


Bhendo-Sharif-Madarso.gif
ڀينڊي شريف جو مدرسو
ڀينڊي شريف جو مدرسو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀينڊي شريف جو مدرسو

ٽائيٽل ؛ ڀينڊي شريف جو مدرسو


شاخ : درسگاهه

ڀينڊي شريف جو مدرسو: هن مدرسي جو نالو، مدرسه مدينة العلوم، -ڀينڊو- شريف آھي، جيڪو تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ ڀينڊي شريف ۾ مولانا احمد 1911ع ۾ قائم ڪيو هو. ھن مدرسي جو بنياد دارالعلوم ديوبند،دهليءَ جي نقش قدم تي رکيو ويو،بعد ۾ لاڙ، لس، ريگستان، بلوچستان، ايران، خضدار، خاران، سرحد ۽ پنجاب جا ڪيترا شاگرد ھن مدرسي ۾ -تعليم- پرائڻ لڳا. مولانا احمد، پنھنجي زندگيءَ جا 30 سال ھن مدرسي جي بنا اجوري خدمت ڪرڻ کان پوءِ 15 رجب 1946ع ۾ وفات ڪئي، جنھن بعد مولانا محمد عالم ھن مدرسي جو مھتمم مقرر ٿيو. مولانا محمد عالم پنھنجي محنت سان ھڪ ديني اداري جي نظم نسق ۽ تعمير کي پڻ آخري مرحلن تائين پھچايو. مدرسي ۾ تعليمي انتظام چئن شعبن تي قائم آھي؛
(1) عربي ٻولي، حديث شريف، تفسير، فقه، اصول فقه، عقائد، علم، ڪلام، ادب ۽ ٻيا علم، (2) تجويد ۽ قرئت، حفظ القرآن ۽ ناظره، (3) فارسي قديم ۽ جديد نصاب، (4) سنڌي- -اردو- حساب ڪتاب ۽ دينيات. ھن وقت مدرسي جو مھتمم مولانا عبدالخالق پنھور آھي، جڏھن ته ھر ھڪ شعبي لاءِ الڳ الڳ -استاد- رکيل آھن.
جن قابل معلمن هن مدرسي ۾ خدمتون سر انجام ڏيئي ويا، -تن- ۾: حضرت مولانا عبدالله کڏهري، مولانا علي محمد، مولانا خليل -الله- رباني، مولانا مفتي رشيد احمد لڌيانوي، مولانا جميل احمد، مولانا محمد -انور- شاهه هزاروي، مولانا محمد نور عيسيٰ خيلي، مولانا مفتي احمد ورياهه ۽ مولانا محمد ابراهيم سجاولي قابل ذڪر آهن.
هي مدرسو وفاق المدارس العربيه، -پاڪستان- سان سلهاڙيل آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري طرفان مدرسي جي سَند ’شهادة العالميه اسلاميه‘ کي ايم. اي جهڙي حيثيت عطا ڪيل آهي. سنڌ جا ٻه نامور عالم ۽ سياستدان، عبدالواحد -آريسر- ۽ مولانا عزيز -الله- ٻوھيو پڻ ھن مدرسي جا -تعليم- يافته آھن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀينڊي شريف جو مدرسو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀينڊي شريف جو مدرسو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


درسگاهه - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آڪسفورڊ يونيورسٽي
ابو محمد قاضيءَ جو مدرسو
ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو
ڀرمي ڳوٺ واري درسگاهه
ڀينڊي شريف جو مدرسو
جلال الدين ٺٽوي جي درسگاهه


.....درسگاهه موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن