داخلا نمبر 4467
عنوان ڀارت
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 1296 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
گيٽ وي آف انڊيا

گيٽ وي آف انڊيا

ڀارت

ڀارت (ملڪ ):ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو ملڪ ڀارت، پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو ستون ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. ڀارت جي اتر کان ڏکڻ طـــرف ڊيـگهـه 3200 ڪلوميٽر (ٻه هزار ميل) ۽ اوڀر کان اولهه طرف ويڪر 2740 ڪلوميٽر (1700 ميل) آهي. هن جي اتر ۾ دنيا جي بلند ترين چوٽي هماليه جبل واقع آهي. هن ملڪ جو سرڪاري نالو ’جمهوريه هندستان‘ (Republic of India)، پراڻو نالو آريا ورت هو، قديم راجا ڀرت جي مناسبت سان هن کي ڀارت سڏيو وڃي ٿو.
ڀارت چئن هزارن سالن کان ، سماجي، سياسي ۽ مذهبي سڃاڻپ بحال رکندو آيو آهي. ڀارت ۾ سڀ کان اول سنڌو تهذيب هڪ هزار سالن تائين پنهنجي وجود کي برقرار رکيو. تاريخ نويسن موجب هيءَ تهذيب 2500 ق. م ۾ به پنهنجي عروج تي هئي ۽ 1500 ق. م تائين هن تهذيب جو ڦهلاءُ سنڌ کان نڪري نه رڳو هندوستان، پر افغانستان ۽ ايران جي حدن ۾ به نظر اچي ٿو. هن تهذيب جو مرڪز موهن جو دڙو هو. جنهن جا آثار لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موجود آهن. جنهن جي کوٽائي جان مارشل ۽ ٻين صاحبن 1922ع ڌاري ڪئي. ساڳي تهذيب جا آثار ڀارت ۾ لوٿل ۽ ڪالي بنگن ۾ پڻ مليا آهن.
هندومت جا پيرا تهذيب جي شروعاتي دور کان ڏسجن ٿا. ان زماني ۾ راڄ ڌڻي يا حڪمران پروهت هوندو هو نه راجا؛ ۽ پروهت يا مذهبي اڳواڻ خدا جي طرفان مقرر ٿيل تصور ڪيو ويندو هو. ماتا ديويءَ جي پوڄا عام هئي، جنهن جون مورتيون قديم ماڳن تان عام مليون آهن، جنهن اڳتي هلي ڪالي ماتا جو روپ ورتو، ۽ ٽه- منهون ديوتا طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو ويو، جنهن کي اڳتي هلي ”شِوَ“ ڪري سڏيو ويو. شِو هتان جو پراڻي ۾ پراڻو ديوتا مڃيل آهي، ان کان سواءِ ڪن جانورن جي پوڄا به عام جام هئي. جن ۾ ڍڳي کي خاص اهميت حاصل هئي، جو هُو زرخيزي مت جي علامت هو. موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽاين کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هتان جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني پوڄا سان وابسته هئا. جنهن اڳتي هلي هندو ڌرم جو روپ اختيار ڪيو. پراچين سمي بابت ڪو گهڻو مواد موجود ڪونه آهي، خود آرين جي اچڻ بابت به عالم مختلف رايا رکن ٿا. پر عام روايت اها به آهي ته آريا وچ ايشيا کان 1500 ق. م کان 200 ق. م تائين وقفي وقفي سان ايندا رهيا، جن هتان جي اصل تهذيب کي ڪافي ڌڪ رسايو ۽ هتان جي رهاڪن، جن کي دراوڙ ڪوٺيو وڃي ٿو، انهن کي تڙي ڪڍيو. نون آيل لوڪن پاڻ سان پنهنجو مذهب آندو، پنهنجا ديوتا آندا، جنهن ڪري مقامي ماڻهن ۽ ٻاهرين ماڻهن جا هڪٻئي سان مذهبي جهيڙا به هليا. جن جو ذڪر رگ ويد ۾ ملي ٿو. رگويد لاءِ عالمن جو چوڻ آهي ته اهي آرين/ نون آيل ماڻهن جا رچيل آهن. هتي مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن جا مذهبي جهڳڙا اٺين (8) صدي ق. م تائين شدت سان هلندا رهيا. انهي دور ۾ ڪي ديوتا غائب ٿي ويا، ڪن نون ديوتائن معاشري ۾ جنم ورتو، برهما به انهي پوئين دور جو ديوتا چيو وڃي ٿو. جنهن سان آتما منسوب آهي، يعني ’هڪ روح‘. هڪ خدا جي تصور انهيءَ دور ۾ جنم ورتو. اهڙي نموني پروهت جي هڪ هٽِي ختم ٿي ۽ بادشاهي نظام جي شروعات ٿي.
هي ملڪ 486-521 ق.م تائين ايرانين جي، 326 ق.م ۾ يونانين جي قبضي هيٺ رهيو. 500 ق.م ڌاري ٻڌ ڌرم هتي گهڻو زور ورتو، جين ڌرم ۽ هندو ڌرم به هن ملڪ جا آڳاٽا مذهب آهن. 712ع ڌاري محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ۽ هندوستان ۾ اسلامي حڪومتون قائم ٿيون.
هن قديم ملڪ هندستان (ڀارت) ۾ 1502ع ڌاري پورچوگيزن واپاري ڪوٺيون کوليون، ان کان پوءِ ڊچ ۽ ولنديزي ھتي آيا ۽ ان کانپوءِ ھيءُ علائقو مغلن جي قبضي ۾ رھيو. سال 1609ع ۾ برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ھن ملڪ ۾ واپار جو پروانو حاصل ڪيو، (ڏسو: انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني) ان کان پوءِ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني آھستي آھستي سڄي ڀارت تي قبضو ڪري وئي. پھرين مهاڀاري لڙائي (1914ع) دوران ھندستان جي ماڻهن ۾ آزاديءَ جو جذبو جاڳيو ۽ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي بعد ڀارت/ هندستان هڪ خود مختيار ملڪ طور 15 آگسٽ 1947ع ۾ ’برٽش انڊيا‘ جي ورھاڱي بعد آزاد ٿيو. پنڊت جواھر لال نھرو ڀارت جو پھريون وزيراعظم ۽ لارڊ مائونٽ بئٽن پھريون گورنر جنرل ٿيو. 26 جنوري 1950ع تي آئين ۾ هن ملڪ کي جمهوريه قرار ڏيندي، ان جو نالو ’ڀارت‘ يا ’انڊيا‘ رکيو ويو. اُن جي پهرئين وزيراعظم جواهر لعل نهرءَ 24 مئي 1964ع ۾ ديهانت ڪئي. سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ لڳي. روس جي ڪوششن سان جنوري 1966ع ۾ تاشقند وارو معاھدو ٿيو. 10 جنوري، تي لال بھادر شاستري، تاشقند ۾ ديهانت ڪري ويو ته 19 جنوري 1966ع تي مسز اندرا گانڌيءَ ڀارت جي وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو ۽ مارچ 1970ع تائين، ڀارت جي وزيراعظم رھي. (وڌيڪ ڏسو: اندرا گانڌي)
مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جي دستور موجب، ڀارت ۾ ٻه ايوان آهن: ھڪڙو ڪائونسل آف دي اسٽيٽس (راجيه سڀا) ۽ ٻيو ھائوس آف دي پيپل (لوڪ سڀا). راجيه سڀا ۾ 250 ۽ لوڪ سڀا ۾ 500 کان وڌيڪ ميمبر نه ھوندا آهن. ’راجيه سڀا‘ جي حيثيت مستقل آھي، ميمبرن جو ٽيون حصو ھر ٻئي سال بدلجي ويندو آھي. لوڪ سڀا جون چونڊون پنجن سالن کان پوءِ ٿينديون آھن. راجيه سڀا جي چونڊ، ھر رياست جا چونڊيل نمائندا ڪندا آھن ۽ لوڪ سڀا جي چونڊ ووٽر ڪندا آھن. هن وقت ڀارت ۾ ’ڪانگريس‘ پارٽيءَ جي حڪومت قائم آهي، جنهن جي سربراهي هونئن ته سونيا گانڌي ڪري پيئي، پر سندس پارٽيءَ جو وزيراعظم من موهن سنگهه، مسلسل ٻيو ڀيرو ان ذميواريءَ تي چونڊيو ويو آهي. ڀارت جي گاديءَ جو هنڌ نئين دهلي آهي.
ھن وقت ڀارت دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڀارت ۾ هندو، مسلمان، سک، عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. ڀارت آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. 2008ع ۾ ڀارت جي آدمشماري هڪ ارب، 14 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هئي. طب جي تعليم (ميڊيڪل سائنس) ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀارت ٻين ڪيترن ايشيائي ملڪن کان اڳڀرو آهي.
ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سياسي ۽ تجارتي لاڳاپا تبديل ٿيندا رهن ٿا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽي جنگيون لڳي چڪيون آهن. جڏهن ته ميڊيا ۽ فلم انڊسٽريءَ جي اوج سبب ڀارت جون فلمون ۽ ڊراما پاڪستان ۾ به شوق سان ڏٺا وڃن ٿا.
ڀارت ۾ 28 صوبا آهن: (1) آنڌرا پرديش، (2) ارونچل پرديش، (3) آسام، (4) بهار، (5) ڇتيس ڳڙهه، (6) گوئا، (7) گجرات، (8) هريانا، (9) هماچل پرديش، (10) ڄمون ۽ ڪشمير، (11) جهارکنڊ، (12) ڪرناٽڪا، (13) ڪيرالا، (14) مڌيه پرديش، (15) مهاراشٽرا، (16) منيپور، (17) ميگهلايا، (18) ميزو رام، (19) ناگالئنڊ، (20) اڙيسا، (21) پـنـجاب، (22) راجسـٿان، (23) سُـڪم، (24) تامـل نـاڊو، (25) تـريـپورا، (26) اُتر پرديش، (27) اتر اکنڊ ۽ (28) اولهه بنگال.
ڀارت ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. مختلف ثقافتن جا رنگ ڍنگ ڏسڻ ۾ ايندا. هندستان، مختلف صوبن ۾ پراڻن شاهي محلن، مندرن، مسجدن ۽ ڪيترن يادگار ماڳن مڪانن جهڙوڪ: تاج محل، ڪالي بنگن، ڍولا ويرا، اجمير، ٻڌ ڌرم جي يادگارن، اجنتا ۽ ايلورا جي غارن، قطب مينار ۽ لال قلعي دهليءَ جي ڪري به مشهور آهي.
1947ع جي ورهاڱي جي ڪري لڏ پلاڻ ٿي هئي ۽ سنڌي هندو ڀارت لڏي ويا ۽ اتان لکين مسلمان لڏي پاڪستان ۾ آيا، جن جو گهڻو تعداد سنڌ ۾ آباد ٿيو. هن وقت لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هندُو، هندوستان ۾ آباد آهن، جن مان اڪثريت جو تعلق واپار جي ڪِرت سان آهي ته ڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، وڏن عهدن تي رسيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي مشهور شاعر ۽ اديب، جيڪي سنڌ جا ڄاوا هئا يا ڀارت ۾ ڄاوا، اتي آباد آهن.


لفظ ڀارت هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
آبادڪاري
آبادِي
بابري مسجد
آبدوز
آبو جبل
اڇا گل ڳاڙها وار
آتش پرستي
آتمارام لعلواڻي
آتم تلريجا
آتم ڪٿا جي نالي ۾
آتم ڪهاڻي
ٻاٻاڻي ڪيرت
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بخاري جمال الدين
ٻاراڻيون آکاڻيون (ڪتاب)
ٻاراڻيون ٻوليون (ڪتاب)
ٻاراڻيون ٻوليون
ٻال ساهتيه جو وڪاس
ٻال مهاڀارت
ٻپهري
ٻڌا ڀڳوان
ٻڌ درشن
ٻلديو گاجرا
ٻلديو مٽلاڻي
ارم محبوب
استاد بسم الله خان
ٻنون (شهر)
ٻني
ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت
اسحاق سميجو
ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوت
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
ٻيو پاسو
اسماعيلي
اشتياق اظهر
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اعجازالحق قدوسي
اعلان تاشقند
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه
اڳتي قدم
اڳتي قدم2
الانا جِي
الاهي بخش پير
آچاريه ڀڳوان ديو
برڪت علي ڀٽ
برما
بندرابن
برهان پور
آچاريه ڪرپالاڻي
برهمپترا
امام علي نازش ڪامريڊ
ابنِ انشا
امرتا پريتم
ابوالاعليٰ مودودي
امروهي2
بسنت ڪمار رائچنداڻي
ابوالڪلام آزاد
آدمجي حاجي دائود
اتم اي جي
اتمچنداڻي سندري
اتم ديارام هنڱوراڻي
آدم عليه السلام
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اجرڪ
اجمير
اجنتا جون غارون
آرام محل
آرتي (ڪتاب)
اجواڻي لالسنگهه
اجهو (ڪتاب)
اڇڙو ٿر
احاديث نبوي
احمد آباد (انڊيا)
احمد حسن داني
اختر انصاري اڪبرآبادي
آڏواڻي ، ڀيرو مل مهرچند
آڏواڻي ، جڳت
آڏواڻي ، رام ڪرشن ھيرانند راھي
آڏواڻي لال ڪرشن
آڏواڻي ، ڪلياڻ
اندرا شبنم
اندرا گانڌي
ادبي آئينو
اندرا واسواڻي
انڊيا
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
آريا
آريسر عبدالغفور
آزاد برڪت علي ڪامريڊ
آزاد صوفي
اڌڪ
اڏيرو لال
اربيلو فقير ڪٽپر
ارجن
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
ارجن حاسد
ارجن سڪايل
ارجن شاد
ارجن ڪرشن
اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو
ايس آر راءُ
ايشور ڀارتي
ايشور داس
ايشوري شڪستي
ايشيا
اي ڪي بروهي
ايلاچي (ڦوٽو)
آسانند مامتورا
اياز شيخ مبارڪ علي
ايم ڪيو ايم
ايوب خان
ايوڌيا
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
آشا درگاپوري
آنند هنڱوراڻي
آءِ آءِ چندريگر
آئين
آغا خان فائونڊيشن
آغا حسن عابدي
آغا حشر ڪاشميري
آغا خان
بينظير ڀٽو شهيد
بهائي
بهترين سنڌي مضمون
بهترين سنڌي ناٽڪ
آغا شاھي
بهرو ڇاٻڙيا بيوطن
بئنڊ
بياس
بيوس جي ڪوتا
بيوس ۽ نئون دور
آفاق صديقي
آفتاب احمد شيخ
آفتاب شاهه جيلاني
بيدادي نگري
بلو سي راڻي
بمبئي
بنارس
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
بند دروازا
بنگال
بنگلاديش
آکاڙو
آکاڙ
آکاڻي
بيرم خان
آگرو
بيڪانير
بيڪانيري اٺ
آل انڊيا ڪانگريس
انوکا آزمودا
انيتا بوس
بولچند مورومل کٽواڻي
اوٺي1
اوجهڙي ڪئمپ
بهار ڪالوني
ادريس راجپوت
آريئڙو
آسودارام ، سَنت
ارونا حسين
ارون ڌتي راءِ
آڪاش واڻي
انڊين نيشنل ڪانگريس
اشفاق پرويز ڪياني جنرل
انور پيرزادو اڪيڊمي
آصف قاضي
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
بزمي نثار
بولچند سيتائي
بال ٺاڪري
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بينا1
ٻاڙمير
ارٿ شاستر
امر تسر
ائٽڪن اِي ايڇ
اي بي حليم
ڀاتکنڊي وشنو نارائ
ڀاٽيا لڇمڻ ڪومل
ڀاٽيا ، وشنو
ڀارت
ڀارت اخبار
ڀارت ڀوشڻ
ڀارت ڀوم يا جاگرافي هندستان
ڀارت پبلشنگ ھائوس ڪراچي
ڀارت جو بَلوو
ڀارت جيون
ڀارت جيون ساهتيه مالها
ڀارت سنگيت وديا
ڀارت ڪنيا
ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل
تلسي ناياڻي
ڀارت ۾ سنڌي ساھت جي سمالوچنا
ڀارت ۾ سنڌي ساھتيه جو مختصر جائزو
ڀارت ۾ ورھاڱي کان پوءِ جون بھترين سنڌي ڪھاڻيون
ڀارت ناٽيم
ڀارت ورش
ڀارت ۽ پاڪستان
تلور
تلوڪ تلسياڻي
ڀاڳچنداڻي ، رام نولراءِ گيان
ڀاڳچند پنجابي
ڀاڳي
ڀاڳي/ ڀاڳيا
ڀاڳيا سنتوش گاگو مل
ڀانيرا بابا پيارا سنگهه
تمر جا ٻيلا
ڀاوساگر گرنٿ
ڀاون سنگهه جي تلريجا
ڀائي پرتاب
تنجور ۾ شِوِ جا مندر
تنقيد
ڀٽو فاطمه
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽي عزيز ميجر شهيد
ڀٽي محمد علي
تنها 2
تنهنجي منهنجي ڪهاڻي
ڀُڄ
ٺڪر
ڀَرَتُ
ڀرگُو
ثانيه مرزا
ڀرم جي ڀلائي
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
ڀڳت پرتاب
ڀڳت پيسو رام
ڀڳت سنگهه
تربيلا ڊئم
ثناءالحق صديقي مولوي
ڀڳت گوبنداس
ٺارو شاهه
ٺارومل بجاج
ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ٺاڪر
ٺاڪر چاولا
ڀڳت هاسارام پنجواڻي
ڀڳتي ادب
ڀڳتي تحريڪ
ٺٽو
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
ڀڳوان ٻُڌ1
ڀڳوان ڪپور
ڀڳوان کلناڻي ساقي
ڀڳوان نردوش
ڀڳوت ڀڳود گيتا
ڀڳونتي ناواڻي
ٽامڙو2
ٽائمز آف انڊيا
ڀوٽان
ڀوپال
ٽڪا خان
تولارام ڪنعيا لال رهيجا
ڀيشم
ڀِيل1
ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر
ڀيم سين
ٽنڊولڪر سچن
تاج الدين بن زڪريا شيخ
تاج العاشقين محمد سنڌي
تاج حيدر
تاجل بيوس
تحريما ميٺا
تحفة الصائمين
تحفه اسلام عرف در مخفي
تحقيق ۽ تنقيد
ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي
ٽهلرام آزاد
ٽئگور رابندرناٿ
ٽئنڪ
تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي قابل
تيرٿ سڀاڻي
تيرٿ وسنت
ٽي ايل واسواڻي
تيليگو
تبليغي جماعت
ٽيڪچند مست
ٿانورداس شيوامنڊل ۽ مندر
ٿانوي اشرف علي مو لانا
ٿاڻو
ٿڌارام ڪيولرام سامتاڻي
ٽيڪسيلا
ٽيڪم آفتاب
ٽيڪواڻي
ٿر
ٽي ننڍا ناول
ٿر جو ديپ امر دليپ
تارا ميرچنداڻي
تاشقند
تامل ٽائيگرس
پيرزادو شريف الدين
پيرزادو عبدالستار
پيرزادو غوث محمد گوهر
پيرزادو مولوي محمد معاذ
پاپ موسيقي
پير علي محمد شاهه راشدي
پاجامو
جاگرافي2
جامعه الازهر
جامي چانڊيو
جان الله شاهه رضوي
جاويد شيخ
جاويد ميانداد
جائزو
جت
پاراشر
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
پارسي
پارڪر
پاروتي
پارو چاولا
پاڪستان
پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز
پاڪستان ايئر فورس
جڊيجا اجئه
پاڪستان پيپلز پارٽي
پاڪستان مسلم ليگ ن
پان
جشن واسواڻي دادا
پانڊوَ
پاڻيپٽ
پاوا
جڳتياڻي لالچند امرڏنو مل
جڳديش لڇاڻي
جڳواڻي سندر مينگهراج مجرم
جماڻي مدن
پٽيل ولڀ ڀائي
جمنا ڪناري
جمنا ندي
جمهوريت
جناح قائداعظم محمد علي
جنتر
جواهر لعل نهرو
جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر
جوڌا ٻائي
جوکيو اياز
جوليان پال اسانج
جَون ايليا
ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
ڄيٺملاڻي، رام
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
ڄيٺواڻي، هريڪانت
ڄيٺو لالواڻي
جهانگياڻي، سنتداس
جُهڏو 2 (شهر)
جهمون ڇڳاڻي
جهولي لال (فلم)
جهونا ڳڙهه:
چارو پرسو گدواڻي
چاليهو
چانڊورام، سَنت
چاولا، ارجن
چترا سنگهه
چترو ناگپال
چرن سنگھه
چغتائي عصمت
چناب ندي
چندر سنگهه، راڻو
چندر (ماسٽر چندر)
چندناڻي، ارجن (سي. ارجن)
چوٿ جو چنڊ
چوڌري
چوڌري خليق الزمان
چوراسيا، هري پرساد
چولستان
چوهڙ جمالي
چوئٿرام گدواڻي، ڊاڪٽر
چيتن ماڙيوالا
چِيتو
چيٽ جا نوراتا
چيٽرجي سنيتي ڪمار
چيٽرجي، شرت چندر
چيري
چيـڪـو
چـيـن
ڇاڙ2
ڇُڳاڻي قسمت راءِ
ڇور
حافظ محمد 1
حـُر
حسن عابدي
حسن ۽ جنگ
حسينه معين
حشو پارواڻي
حشو ڪيولراماڻي
حفيظ ڪاردار
حفيظ ڪنڀر
حقاني محمد حسن
حڪيم غلام محمد شاهاڻي
حڪيم ويرومل آريا پريمي
حمودالرحمان ڪميشن
حنيف محمد
حيدرآباد دکن
خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر
خانصاحب اُستاد فتح علي خان
خان عبدالغفار خان
خان محمد مڱڻهار
خدا وادي/خدا آبادي خط/لپي
خشڪسالي، سوڪهڙو
خليفو خدابخش سولنگي
خوشبخت شجاعت
خيرالنساءِ جعفري
خير محمد خان، استاد
دادا ڀائي ڦالڪي
داداڀائي، ولي محمد
دادا گرداس واڌواڻي
دادو 1
دارالعلوم ديوبند
داس طالب
داسي ديوي
دبئي فيسٽيول
دخـمو
دراوڙ لوڪ
درد جو دريا 2
درد جي تلاش
درس، محمد سچل
دروپدي
دروڻاچاريه
دريا پنٿي
درياڻي هري دلگير
دريوڌن
دسهڙو
دشنت، راجا
دکايل، هوندراج
دل ڏجي دل وارن کي
دلربا طائوس
دليپ ڪمار
هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون