ڀائي مولچند عاج وارو

ڀائي مولچند عاج وارو: مشهور سماج سڌارڪ ڀائي مولچند جو جنم حيدرآباد ۾، 1850 جي ويساک مهيني جي 12 تاريخ تي مينگهراج ڪرپالاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ماءُ پيءُ جو سڪيلڌو پٽ هو. ننڍي هوندي سنڌي ۽ گرمکي اکر سکيو. سندس مائٽ وڏي پئسي وارا هئا ۽ سندن وڏو ڪاروبار هو. مولچند به شروع ۾ جنڊيءَ جو سامان خريد ڪري، سنڌ مان بمبئيءَ موڪليندو هو. پوءِ عاج جو ڌنڌو ڪيائين. ڌنڌي دوران غريبن جي ڪافي پرگهور لهندو هو. اسپتالن ۾ داخل مريضن لاءِ گاڏيءَ ۽ دوائن جو خاص بندوبست ڪندو هو. مسڪين ماڻهن جي گهر اناج پهچائيندو هو. سال 1897ع ۾ پليگ جي وڏي بيماري پکڙي ته ان وقت هن درويش پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، مريضن جي خدمت ڪئي ۽ مريضن کي هزارين رپيا کاڌي پيتي لاءِ وڃي ڏيندو هو. ان وقت هزار رپيا اڄ جي لک رپين کان مٿي هئا. هنن نيڪ ڪمن ۾ ڏيارام گدومل، ڀائي مولچند جو ساٿي هو. هيءُ نيڪ ٻانهو، 2 جنوري 1934ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو