ٿريلي ٻولي

ٿريلي ٻولي: سنڌ جي اڀرندي طرف وارو ضلعو ٿرپارڪر ٻن علائقن تي مشتمل آهي. هڪ ”پٽ“ يا اڀرندي ناري وارو ميدان ۽ ٻيو ٿر يا ريگستان. ٿر جي ڏکڻ اوڀر ۾ پارڪر جو علائقو آهي، جيڪو ٿر کان ائين مختلف آهي، جو ان ۾ واريءَ جي ڀٽن بدران پٿر جون ٽڪريون آهن. پارڪر جي بنهه ڏکڻ اوڀر پاسي گجراتي ٻولي هلندي آهي، پر سموري ٿر ۾ اهو سنڌيءَ جو ”ٿريلي“ يا ”ٿريچي“ لهجو ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن جي هڪ محاوري کي راجپوتانا پاسي وري ” ڍاٽڪي“ چوندا آهن. راجپوتانا ۾ لفظ ”ڍاٽ“ جي معنيٰ آهي ريگستان ۽ اهو خاص طور ٿر ۽ ان سان دنگئي راجپوتانا جي رياست جيسلمير واري ريگستاني خطي لاءِ ڪم اچي ٿو.
جيسلمير ۽ سمکيا پرڳڻي ۾ به هن خطي جي ٻولي، سنڌي ۽ جيسلمير ۾ ڳالهائي ويندڙ مارواڙيءَ جو ميلاپ آهي. جيسلمير واري راجپوتانا رياست جي ڏکڻ ۾ ٿر ۽ پارڪر جي اوڀر ۾، راجپوتانا اندر مارواڙ رياست جو ”ملني خطو“ اچي ٿو. ملنيءَ جي مکيه ٻولي مارواڙي آهي، پر ان جي ۽ ٿر ۽ پارڪر جي وچ واري سرحد سان لاڳو هڪ سوڙهو پٽو اهڙو آهي، جتي جي ٻوليءَ کي مارواڙي ماڻهو سنڌي چوندا آهن. اهو سنڌي ۽ مارواڙيءَ جو گاڏڙ لهجو آهي، جيڪو سموريءَ سرحد سان لاڳو علائقي کان ويندي جيسلمير واري ڍاٽ تائين ڳالهائجي ٿو. ان پٽي ۽ ڍاٽ جي اوڀر ۾ اهو ريگستان يڪو هلندو وڃي راجپوتانا جي وچ ۾ پوي ٿو، جتي پهرين ٻولي جيڪا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، سا آهي راجستانيءَ جي مارواڙي لهجي جي هڪ صورت ”ٿلي“. مجموعي طرح ٿر، پارڪر ۽ جيسلمير جي ڍاٽ ۾ ڳالهائڻ جا مختلف محاورا ملن ٿا، جيڪي سمورا سنڌي ۽ مارواڙيءَ جي ملاوت جو نتيجو آهن، جن کي سنڌيءَ يا مارواڙي جا لهجا چئي سگھجي ٿو. ڪي ماڻهو انهن کي ڌار ٻوليون به قرار ڏين ٿا، پر اهڙي دعويٰ بنا تحقيق جي قابل قبول نٿي ٿي سگهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو