داخلا ؛ 7970
پڙهيو ويو ؛ 245
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-11-21


تصويرون


pathan.gif
پٺاڻ قوم جي ماڻهن جي تصوير
پٺاڻ قوم جي ماڻهن جي تصوير

Pathan1.gif
پٺاڻ قوم جي ماڻهن جي تصوير
پٺاڻ قوم جي ماڻهن جي تصوير



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--پٺاڻ

ٽائيٽل ؛ پٺاڻ


شاخ : قوم

پٺاڻ: هڪ قوم، جيڪا -پاڪستان- جي صوبي خيبر پختونخوا (سرحد) ۽ -بلوچستان- صوبن، ۽ پاڙيسري ملڪ -افغانستان- ۾ وڏي تعداد ۾ -آباد- آهي. هيءَ قوم ساٺيڪو قبيلن ۾ ورهايل آهي. سندن آبادي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جنهن مان اڌ آبادي -افغانستان- ۽ اڌ -پاڪستان- ۾ رهائش پذير آهي. پٺاڻن جي مُک قبيلن ۾ دُراني، ترين، غلزئي، بنگش، اورڪزئي، محمد زئي، توپالزئي (Topalzai) ڪاڪڙ (Kakar)، برانگ، شيراني، آفريدي، محمود ۽ مهمند شامل آهن ۽ اهي قبيلا وري سوين پاڙن ۾ به تقسيم ٿيل آهن. -پٺاڻ- ۽ افغان قوم بابت متضاد نظريا آهن. چيو وڃي ٿو ته اصل افغان، يهودي نسل مان آهن. پٺاڻن جا ڪيترائي قبيلا پنهنجو نسبي سلسلو -اسرائيل- جي پهرئين -بادشاهه- ’طالوت‘ جي پوٽي ’افغانه‘ سان ڳنڍيندا آهن. اهو به چيو وڃي ٿو ته ’افغان‘ ۽ ’پٺاڻ‘ ٻئي ڌار ڌار قومون آهن. افغان، هندستان جي ٻين قبيلن سان ميل جول کان پوءِ به پاڻ کي حقيقي افغان تسليم ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پاڻ کي -احمد شاهه- دُرانيءَ جي عروج کان پوءِ دُراني سڏائيندا آيا آهن ۽ غير دراني پشتو ڳالهائڻ وارن کي”اوپرن“ ۾ شمار ڪندا آهن. افغانن ۽ اڪثر پٺاڻن جي -ٻولي- ”پشتو“ يا ”پختو“ آهي ۽ اهي پاڻ کي ”پختون“ يا ”پشتون“ به چوائين ٿا. اهو لفظ پوءِ بدلجي ”پٺـاڻ“ ٿي ويو آهي. عيسوي صديءَ جي اوائل ۾ هن قوم جا ماڻهو ڪوهه سفيد ۽ اترئين ڪوهه سليمان تي -آباد- هئا. اهي پوءِ سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ کان وٺي درياهه سوات تائين ۽ -جلال آباد- (افغانستان) کان وٺي پشين ۽ ڪوئيٽا تائين آهستي آهستي پکڙجندا رهيا ۽ اتي جي افغان ۽ غلزئي قبيلن جي ٻوليءَ ۽ روايتن کي پنهنجو ڪيائون. اهڙيءَ طرح پشتو(پختو) زبان ڳالهائڻ وارا سڀ ماڻهو هڪ نالي ”پٺاڻ“ طور مشهور ٿي ويا. پنهنجي نسب جو سلسلو ”افغانه“ سان ملائڻ وارا -پٺاڻ- چون ٿا ته -بخت نصر- (سائرس عظيم) کين سام وٺي ويو ۽ پوءِ کين -فارس- ۽ ٻين ملڪن ۾ -آباد- ڪيائين. افغان جي حوالي سان ڪتاب ”پنجاب ڪي ذاتين“ جي مصنف ڊينزل ابسٽن، ايڊورڊ آليور جي ڪتاب ”پٺاڻ ۽ بلوچ“ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته -بن- يامين -بن- يعقوب جي اولاد مان هڪ پٽ ’قيس‘ يا ”ڪيش“ هو، جنهن کي پنهنجي پيءُ ۽ چاچي طرفان ورثي ۾ صرف چار رڍون مليون. قيس جو هڪ پٽ ’سارل‘ هو، جنهن کي طويل قد جي ڪري ’طالوت‘ چوندا هئا. طالوت، لوي قبيلي جي ٻن عورتن سان شاديون ڪيون. هڪ زال مان کيس هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جي شادي حضرت دائود عليه السلام سان ٿي، جيڪو پنهنجي ٻارهن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. دائود، عمالقه قبيلي سان جنگين دوران، وڏا ڪارناما ڏيکاريا ته کيس رياست جو اڳواڻ بنايو ويو. -ان- بعد دائود ئي طالوت (سارل) جو جانشين بنيو. طالوت جي وفات کان چند ڏينهن پوءِ، سندس ٻنهي زالن کي ٻه پٽ ڄاوا، -جن- جا نالا ’برقيه‘ ۽ ’ارميه‘ رکيا ويا. دائود ٻنهي ڀائرن تي مهربان رهندو آيو ۽ کين سرداريون ۽ ترقيون پڻ ڏنائين. ٻنهي جون شاديون ڪرايون ويون ۽ کين هڪ هڪ پٽ به ڄائو. برقيه جي پٽ جو نالو آصف ۽ ارميه جي پٽ جو نالو افغانه رکيو ويو. اهو ئي افغانه هو، جنهن کي افغان پنهنجو مورثِ اعليٰ سڏيندا آهن، جيڪو طالوت (سارل) جو پوٽو هو. اهڙيءَ طرح سندس نسب جو سلسلو اڳتي هلندو رهيو، پر هتي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اهو سلسله نسب افغانن جو آهي، جڏهن ته -پٺاڻ- هندستاني ماخذ آهن. ساڳئي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته نبي اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي دؤر ۾ جڏهن افغان قبيلن کي دين جي دعوت ڏني وئي ته ڪيترا سردار مديني طرف روانا ٿيا. انهن قبيلن ۾ سردار قيس جو قبيلو به شامل هو، جيڪو سڀ کان طاقتور هو ۽ -ان- جو نسبي سلسلو 37 هين نمبر تي سارل (طالوت)، 45 هين نمبر تي حضرت ابراهيم سان مليو ٿي. نبي ڪريم صلي -الله- عليه وسلم سان ملاقات بعد -ايمان- آندائون. سندن عبراني نالا هٽائي، عربي نالا رکيا ويا. ٻئي پاسي پنجين ۽ ڇهين صديءَ جي وچ ڌاري هندوڪش -جبل- ۽ واديء سنڌ ۾ سٿين (Scythian) قبيلن جي حملن، -ٻڌمت- جي پيروڪارن گنڌارا جي هڪ وڏي آباديءَ کي هڪالي ڪابل جي -اتر- ۽ -پشاور- جي اترين پهاڙين ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. انهن پوءِ هلمند درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي پنهنجون آباديون قائم ڪيون ۽ هڪ وڏو شهر -آباد- ڪيو، جنهن جو نالو ”گنڌار“ رکيائون، جيڪو پوءِ ”قنڌار“ ٿي ويو. اهي ئي ماڻهو ”خاص پٺاڻ“ آهن. جڏهن دنيا تي -اسلام- جو غلبو ٿيڻ لڳو، تڏهن نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم وٽ -ايمان- آڻيندڙ افغان قبيلا عرب فاتحن سان گڏ ڏکڻ -ايشيا- ڏانهن وڌڻ لڳا. اهڙيءَ طرح اهي هلمند درياهه جي ڪنارن ۽ قنڌار شهر ۾ آيا ۽ اتي جي رهاڪن خاص پٺاڻن سان ملي جلي ويا. پوءِ اهي ٻئي قومون ”پٺاڻ“ جي هڪ نالي هيٺ گڏ رهڻ لڳيون ۽ ٻنهي قومن هڪ ٻئي جي تهذيب، -ثقافت- ۽ ٻوليءَ کي قبول ڪيو. ’ابدالي‘، ’شيراني‘، ’دراني‘ ۽ ’ترين‘ قبيلا خالص افغاني ۽ اسرائيلي ماخذ جا آهن، جڏهن ته ’يوسف زئي‘، ’پاني زئي‘، ’مهمند‘ ’اورڪ زئي‘ وغيره خالص -پٺاڻ- آهن. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ -ابدالي- قبيلا طاقت ور ٿيا ۽ قنڌار توڙي ٻين علائقن جا حڪمران ٿي ويا ۽ -ان- ملڪ جو نالو -افغانستان- رکيائون. ستين صدي عيسويءَ جي خاتمي کان -ٿورو- اڳ، -پٺاڻ- (پشتون/پختون يا افغان) -پشاور- ۽ خيبر لڪ جي علائقي ۾ آيا. هنن ايندي ئي پنجاب جي حڪمرانن کان سنڌو درياهه جي اولهه وارو ميداني علائقو کسي ورتو، بعد ۾ گهکڙ قوم جي مدد سان سنڌو درياهه ۽ جهلم جي وچ واري علائقي تي قابض ٿي ويا. -ان- کان پوءِ پٺاڻن لاهور جي حاڪمن کي مجبور ڪيو ته سنڌو درياءَ جو الهندي وارو ۽ ڪابل درياهه جو ڏاکڻيون جابلو علائقو به پٺاڻن جي حوالي ڪن. هڪ طبقي جو چوڻ آهي ته -پشاور- اصل ۾ ’هندڪو‘ ڳالهائيندڙ اصلوڪن ميداني پشورين جو علائقو هو، جنهن ۾ پوءِ جابلو افغاني/ -پٺاڻ- اچي وسيا (وڌيڪ ڏسو: پشاور). ڏهين صدي عيسويءَ ۾ -پشاور- وارو علائقو وري -افغانستان- جي قبضي ۾ اچي ويو. جڏهن سبڪتگين لاهور جي راجا جئپال کي شڪست ڏني. -ان- کان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ يارهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ هندستان تي حملن دوران -پشاور- کي مستقل طرح ڇانوڻي بنائي ڇڏيو. سلطان محمود کان سؤ سالن تائين -پشاور- کي ”غزنه“ جو پرڳڻو شمار ڪيو ويندو هو. آخر ۾ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ غورين جي هٿان غزنوي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ 1505ع تائين هتي مختلف حڪمرانن جي حڪومت هلندي رهي. سال 1526ع ۾ بابر، خيبر لڪ کان حملي آور ٿيو. هو پنهنجي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ افغانن (پٺاڻن) ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ هن باجوڙ ۽ سوات کي فتح ڪيو. همايون جي زماني ۾ هتي خليل، مهمند ۽ دائودزئي قبيلن جي خانه جنگي ٿيندي رهي. انهيءَ ڪري -اڪبر بادشاهه- فسادن کي روڪڻ لاءِ گهڻن هنڌن تي فوجي قلعا ٺهرائي، وڙهندڙ قبيلن ۾ ٺاپر آندي. ليڪن هن علائقي تي قبضي جو اصل مقصد هو ڪابل ڏانهن ويندڙ رستي جي حفاظت. -ان- زماني ۾ يوسف زئي ۽ خٽڪ قبيلن ۾ اختلاف هئڻ سبب هي علائقو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هنن پنهنجو پاڻ کي اصلي حاڪم چوَرايو، پر دهليءَ جي حڪومت سان به نالي ماتر تعلق رکندا آيا. اها حالت جهانگير ۽ شاهه جهان جي عهد تائين قائم رهي. 1668ع ۾ پٺاڻن گهڻي تعداد ۾ گڏجي سنڌو درياهه جي حدن مان ڇڇ واري علائقي تي قبضو ڪري، دهليءَ ۽ ڪابل جو رستو -بند- ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح گهڻي وقت تائين -پشاور- جي سٺي ميداني علائقي تي قبضو ڄمائي ويٺا رهيا. انهيءَ عرصي ۾ اورنگزيب خود لشڪر وٺي آيو ته جيئن انهن قبيلن تي ٻيهر پنهنجو تسلط قائم رکي سگهي. اها جدوجهد ٻه سال (75-1673ع) -جاري- رهي. انهن جنگين ۾ پشتو زبان جي نامور شاعر خوشحال خان خٽڪ وڏو حصو ورتو هو. هو اورنگ زيب جو سخت مخالف هو، ۽ سندس ڪيتري شاعري اورنگزيب ۽ مغلن خلاف آهي. هن وصيت ڪئي هئي ته کيس مرڻ پڄاڻان اهڙي هنڌ دفن ڪيو وڃي، -جتي- ڪنهن مغل جو پاڇو به نه پوي. چون ٿا ته جيستائين مغلن جو اثر هو، خوشحال خان جي قبر جي نوجوان پهاڙن جي چوٽين -تان- بيهي حفاظت ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به -ان- تي ڪنهن مغل جو پاڇو پوڻ نه ڏنائون.اورنگزيب جي پونئرن بعد ۾ -پشاور- تي پنهنجو قبضو قائم رکيو، پر مغلن جي زوال سبب 1740ع ۾ -پشاور- نادر شاهه جي قبضي ۾ اچي ويو، جنهن ڪري مغلن سنڌو درياهه جو اولهندو ڪنارو سڄي جو سڄو نادر شاهه جي حوالي ڪري ڇڏيو. انهيءَ وچ ۾ نادر شاهه جي خراسان ۾ مصروفيت سبب يوسف زئي، خٽڪ ۽ ڪوهستاني قبيلا بلڪل آزاد ۽ خودمختيار رهيا، البته خليل، مهمند، دائود زئي ۽ محمد زئي قبيلن کان زبردستي خراج ورتو ويندو هو. نادر شاهه جي وفات کان پوءِ سدوزئي دُرانين، -احمد شاهه- ابداليءَ جي اثر هيٺ قنڌار ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي، جنهن جي دور ۾ -پشاور- جي علائقي ۾ به سندن قبضو قائم رهيو. 1793ع ۾ سدوزئي قبيلي جي آخري دعويدار شاهه شجاع -پشاور- ۾ پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪيو. آخرڪار وڏن انقلابن کان پوءِ شاهه شجاع 1815ع ۾ دستبردار ٿي. انگريزن جي حفاظت ۾ لڌياني ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اهو سمورو علائقو سکن جي قبضي ۾ هليو ويو. -پشاور- جي علائقي مان سکن جي حڪمراني تڏهن ختم ٿي، جڏهن 1849ع ۾ سکن کي آخري شڪست ملي ۽ -پشاور- جي وادي انگريزن جي مملڪت ۾ شامل ٿي وئي. ميجر لارنس کي -پشاور- جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، ۽ -ان- کي پنجاب گورنمينٽ جو هڪ انتظامي ضلعو قرار ڏنو ويو. -پٺاڻ- قوم نسل جي لحاظ کان وڏن وڏن قبيلن ۾ ورهايل آهي، -جن- جو ڪو گڏيل وجود نه آهي. قبيلي جو هر حصو جيڪو ڀلي ڪيترو وڏو يا ننڍو هجي، پنهنجو سربراهه رکندو آهي، جنهن کي خاص -پٺاڻ- لقب ”مَلڪ“ مليل هوندو آهي، ڪجهه قبيلن ۾ ’خيل‘ يا ’سردار خانه‘ به چوندا آهن. جڏهن ته مڪمل ۽ آخري فيصلي وارا اختيار ”جرڳي“ وٽ هوندا آهن. هر قبيلي جا وري ننڍا ننڍا قبيلا ئي فرقا هوندا آهن. اهي ننڍا قبيلا يا فرقا هڪ انداز ۾ ’زئي‘ يا ’خيل‘ جي اضافي سان مشترڪ مورث اعليٰ جي نالي سان منسوب هوندا آهن. ’زئي‘ پشتو ٻوليءَ جي لفظ ’زوء‘ يعني ”پٽ“ جي بگڙيل صورت آهي، جڏهن ته ’خيل‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ’جماعت‘ يا ’تنظيم‘ آهي، جيئن ’ڪاڪا خيل‘ يا ’يوسفزئيءَ‘ وغيره. سنڌ ۾ پٺاڻن جي آمد: سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي پٺاڻن جون قديم بستيون آهن. پنهنجي مکيه قوم ۽ ٻوليءَ کان ڪٽجي وڃڻ سبب، ڪيترن کي ته ياد ئي نه رهيو آهي ته انهن جو ڪو تعلق -پٺاڻ- قوم سان آهي. سنڌ ۾ رهندڙ انڊڻ، کجڪ، نحر ۽ ڪاڪڙ قبيلا، اصل ۾ -پٺاڻ- آهن. پر گهڻي وقت کان سنڌ ۾ رهڻ ۽ سنڌي ٻولي، -تهذيب- ۽ -ثقافت- اختيار ڪرڻ ڪري، هو -پٺاڻ- قوم جي پشتو -ٻولي- به نٿا ڳالهائين. خود ”پٺاڻ“ نالي سان به ڪيترائي قبيلا هتي رهائش پذير آهن، جيڪي ڪجهه سرائڪي ۽ ڪي سنڌي -ٻولي- ڳالهائين ٿا ۽ پاڻ کي سنڌي -پٺاڻ- سڏائين ٿا. اوائل ۾ -پٺاڻ- قوم جي سنڌ اچڻ جو واحد ذريعو سنڌو درياهه ئي هو، جنهن ذريعي هن قوم جا ماڻهو ٻيڙين ۾ چڙهي سنڌ پهتا ۽ اتي اچي مقامي ماڻهن جا هنر ۽ ڌنڌا اختيار ڪيائون. ڪي ماڻهو هتي اچي واپار جي ڪم ۾ لڳي ويا ته ڪن اچي ٻيڙيون ۽ بتيلا ٺاهڻ شروع ڪيا ته ڪن لوهارڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. هن قوم جي ماڻهن جو سنڌ ۾ اچڻ جو ٻيو وڏو سبب جنگيون ۽ حملا پڻ هئا. عربن جي دؤر کان پوءِ مختلف حملن ۽ جنگين ۾ -ارغون- ۽ -ترخان- حڪمرانيءَ دوران پڻ -پٺاڻ- سنڌ ۾ -آباد- ٿيا ۽ انهن مڪاني هنرن ۽ فنن سميت پنهنجا هنر به ڪم آندا. خاص طور تي نيزا، ڀالا ۽ تراريون ٺاهڻ وغيره. اڄ به لاڙڪاڻي طرف جا -پٺاڻ- لوهارڪو ڌنڌو ڪندا آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ مسلم اڪثريتي علائقن کي -پاڪستان- ۾ شامل ڪيو ويو، -تن- ۾ صوبو سرحد ۽ اتريان آزاد قبائلي علائقا پٺاڻن جي آباديءَ تي مشتمل هئا. اهڙيءَ طرح صوبي -بلوچستان- ۾ به بلوچن ۽ سنڌين کان پوءِ پٺاڻن جي گهڻي آبادي آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ به ڪيترائي -پٺاڻ- قبيلا رهائش پذير آهن. سنڌ ۾ خاص طور تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ -پٺاڻ- -آباد- آهن، جيڪي مختلف ڪم ڪار ۽ هنر ڄاڻن ٿا. ڪراچيءَ ۾ خاص طور تي موٽر ورڪشاپن ۽ ٽرانسپورٽ ۾ اڪثريت پٺاڻن جي آهي. -افغانستان- ۾ روسي مداخلت ۽ بعد ۾ خانه جنگيءَ جي صورتحال ۽ پيدا ٿيل معاشي بدحاليءَ بعد افغاني ڀڳوڙن جو هڪ وڏو تعداد سڄي -پاڪستان- جي مختلف حصن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾، سو به ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار ۽ ٻيا ڌنڌا ڪري رهيا آهن. ڪابل، قنڌار ۽ مزار شريف تي طالبان جي قبضي ۽ شمالي -اتحاد- جي شڪست ۽ بعد ۾ عالمي برادريءَ ۽ گڏيل قومن طرفان لڳندڙ معاشي ۽ اقتصادي پابندين جي ڪري، روز بروز ڪيترائي افغاني پٺـاڻ سنڌ ڏانهن به اچي رهيا آهن ۽ سنڌ جا ماڻهو هر وقت سندن آمد تي احتجاج ڪندا رهيا آهن. -ان- حد تائين جو -اسيمبلي- فلور تي به افغان پناهگيرن جي آمد خلاف ڪيترا ڀيرا آواز اٿاريو ويو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پٺاڻ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پٺاڻ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


قوم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
انگريز
بلوچ
اوڏ
ثمود
ٺاڪريا
ترڪ
پٺاڻ


.....قوم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن