داخلا ؛ 7019
پڙهيو ويو ؛ 418
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-26


تصويرون


peer-mazhar.gif
پير مظهرالحق
پير مظهرالحق



ٽائيم لائين

1949.09.14-A.D
پير مظهرالحق 14 سيپٽمبر 1949ع تي حيدرآباد ۾ پير شاهنواز جي گهر ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--پير مظهرالحق

ٽائيٽل ؛ پير مظهرالحق


شاخ : سياستدان

پير مظهرالحق: ناميارو سياستدان -پير مظهرالحق- 14 سيپٽمبر 1949ع تي حيدرآباد ۾ پير شاهنواز جي گهر ۾ -جنم- ورتو. پير صاحب اڳوڻي وزيراعليٰ پير الاهي بخش جو پوٽو ۽ نامور سياستدان قاضي محمد اڪبر جو ڏوهٽو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبرن ۾ شمار ٿيندڙ -پير مظهرالحق- بي. اي ۽ ايم. اي (سياسيات) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان ورتيون. پير مظهر -ان- دؤر ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. جنهن دؤر ۾ ڪيترائي پ. پ ميمبر ضياءَ -الحق- جي مارشل لا جي دؤر ۾ پارٽيءَ کان ڪناره ڪش ٿي رهيا هئا.
پير مظهرالحق نوجوانيءَ ۾ صحافت به ڪئي ۽ روزاني -اخبار- ’عبرت‘ ۾ ٻارن جي صفحي ’ٻارن جي ٻاريءَ‘ جو انچارج به رهيو ۽ ’ماما موجيءَ‘ جي نالي سان ڪيترا دلچسپ ليک به لکيائين. کيس ادب جي مطالعي جو ننڍپڻ کان وٺي وڏو چاهه رهيو آهي.
پير مظهر -الحق- پهريون ڀيرو 1988ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ سنڌ جو ميمبر چونڊيو. -ان- دوران هو حڪومت سنڌ ۾ هائوسنگ ۽ -ٽائون- پلاننگ جو وزير ۽ پارلياماني معاملن ۽ قانون جو وزير به رهيو. -ان- کان پوءِ 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع تائين مسلسل صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو آيو. پرويز مشرف جي دور حڪومت (2002ع) وارين چونڊن دوران پير صاحب خود ساخته جلاوطنيءَ هيٺ ملڪ کان ٻاهر رهيو، پر -ان- عرصي ۾ سندس نياڻي، مارئي مظهر 2002ع ۾ ايم. پي. اي چونڊي. پير مظهرالحق، پنهنجي سموري سياسي زندگي پيپلز پارٽيءَ کي ارپي آهي ۽ ڪيترا ڀيرا جيل به ويو آهي.
2008ع جي چونڊن ۾ جڏهن پيپلز -پارٽي- پوري -پاڪستان- مان اڪثريت سان کٽيو ته پير مظهر -الحق- به سنڌ اسيبمليءَ جو ميمبر چونڊجي پارلياماني پارٽيءَ جو ليڊر منتخب ٿيو. هو هن وقت هو سنڌ جو سينيئر وزير آهي ۽ وٽس -تعليم- ۽ خواندگيءَ جي وزارت جو قلمدان به آهي. -ان- دوران پير صاحب ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن به رهيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پير مظهرالحق- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پير مظهرالحق - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن