پير علي محمد شاهه راشدي

پير علي محمد شاهه راشدي

پير علي محمد شاهه راشدي

پير علي محمد شاهه راشدي: پير علي محمد شاهه راشدي، پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي اولاد ’راشدي‘ پيرن مان، پير حسام الدين راشديءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ سيد حامد شاهه راشديءَ جو فرزند هو. 5 آگسٽ 1905ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’بهمڻ‘ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي چار درجا پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان پاس ڪيا ۽ انگريزي تعليم، ماستر محمد رفيق کان ۽ ان کان پوءِ نصرت اسٽيشن جي اسٽيشن ماسٽر وٽان حاصل ڪيائين. پير علي محمد شاهه راشدي، ڪنهن اسڪول ۽ ڪاليج ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي هئي، پر خانگي طرح علم حاصل ڪري وڏو عالم بڻيو. پير صاحب ننڍي عمر کان ئي صحافت ۽ ادب سان لاڳاپيل رهيو. 1920ع ۾ جڏهن سندس عمر اڃا رڳو 15 سال هئي، اخبارن ۾ مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1924ع ۾ صحافتي زندگيءَ جو آغاز روزاني ’سنڌ نيوز‘ اخبار سان ڪيائين، جيڪا ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي. شروع ۾ شاعري به ڪيائين. ڊسمبر 1924ع ۾ سنڌ تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ حصو ورتائين. 1925ع کان 1929ع تائين هفتيوار ’الحزبجاري ڪيائين ۽ ان جو ايڊيٽر رهيو. پير صاحب 1926ع کان 1931ع تائين سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ميمبر رهيو، جيڪا سنڌ جي مسلمانن جي اڪيلي سياسي تنظيم هئي. ان دوران ائسوسيئيشن جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏنائين. تنظيم جو صدر سر شاهنواز ڀٽو هو. جڏهن سکر مان ’الاميناخبار جاري ٿي ته هي ان جو ايڊيٽر (1925ع کان 1928ع تائين) ٿيو. 1927ع کان 1932ع تائين پير صاحب، محمد ايوب کهڙي جي سيڪريٽريءَ جا فرض سرانجام ڏنا ۽ سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ حصو ورتائين. 1929ع ۾ سکر مان نڪرندڙ اخبارسنڌ زميندار‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1930ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو. هن 1933ع ۾ روزاني اخبار ’ستاره سنڌ‘ جي نالي سان ڪراچيءَ مان جاري ڪئي. اهڙيءَ طرح هن 1936ع ۾ ’صبح سنڌ‘ نالي سان هڪ ٻي روزاني اخبار به ڪراچيءَ مان جاري ڪئي. 1938ع ۾ ماهوار ’الراشد‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪو مولانا ابوالڪلام آزاد جي ’الهلال‘ ۽ ’البلاغ‘ رسالن جيان شايع ٿيندو هو. 1934ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي نالي سان سائين جي. ايم. سيد ۽ ٻين جي ڪوششن سان قائم ٿيل جماعت جو سيڪريٽري رهيو، جنهن جو صدر سر شاهنواز ڀٽو هو. 1936ع ۾ ’سنڌ اتحاد پارٽيءَ‘ ۾ به ڪم ڪيائين. 1938ع ۾ هن انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ساڳئي سال محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ تاريخي ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ ۾ حصو ورتائين. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اها تاريخي ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪيو ويو هو. انهيءَ سال انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ۽ ان سان گڏ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو سيڪريٽري به مقرر ٿيو. پير علي محمد شاهه راشديءَ کي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي فائننس ۽ فارين ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ نشر و اشاعت شعبي جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن سر حاجي عبدالله هارون سان ملي سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو. هن پاڪستان جي عمل جوڳي رٿا بابت هڪ جامع رپورٽ به پيش ڪئي. پير علي محمد شاهه راشدي 40-1939ع ڌاري لاهور ۾ رهي مارچ 1940ع ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي تاريخي سالياني اجلاس جي انتظامن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ ’قرارداد پاڪستان‘ منظور ڪئي وئي. سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان مسجد منزل گاهه جي مسئلي تي جوڊيشل ٽربيونل جي اڳيان مقدمي جي پيروي ڪري اهو مقدمو کٽيائين. ٽربيونل فيصلو ڏئي مسجد سنڌ جي مسلمانن جي حق ۾ بحال ڪئي ۽ مسلمان قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. 1941ع ڌاري ڪراچيءَ مان انگريزي ٻوليءَ ۾ هفتيوار اخبار ’مسلم وائيس‘ جاري ڪيائين، 1945ع ۾ جي. ايم. سيد جي حمايت سان ’قرباني‘ نالي روزاني اخبار جاري ڪيائين. اها اخبار 1947ع ۾ کهڙي جي وزارت دوران ختم ٿي. 1946ع ۾ ’فرياد سنڌ‘ نالي سان ڪتاب لکيائين. 1948ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ روزاني ’سنڌ آبزروَر‘ جو ايڊيٽر ٿيو. 1949ع ۾ پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ڪانفرنس جو صدر چونڊيو ويو ۽ پاڪستاني پريس جي ان وفد جي سربراهيءَ جا فرض سرانجام ڏنائين، جيڪو ڀارت ويو هو ۽ جنهن ’لياقت- نهرو معاهدي‘ جي راهه هموار ڪئي. 1949ع ۾ ئي گڏيل هند پاڪ پريس جو صدر چونڊيو ويو. 1953ع ۾ ٻيهر مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪيائين ۽ سنڌ ڪابينا ۾ مالي وزير جي حيثيت سان شموليت ڪيائين. ان کان سواءِ 1955ع تائين سنڌ صوبائي ڪابينا ۾ وزير صحت، وزير اطلاعات ۽ نائب وزير اعليٰ جي عهدن تي به ڪم ڪندو رهيو. ان ئي دوران هن ون يونٽ جي حمايت ۾ سنڌ جي پيرن ۽ ميرن کي تيار ڪري ووٽ ڪرايو، جنهنڪري سنڌ واسين وٽ سندس شخصيت تڪراري رهي، بلڪ کيس سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ سڏيو ويو. خانبهادر ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي جو ان حوالي سان سنڌ جي محب وطن ماڻهن وٽ ڪردار داغدار رهيو. 1955ع ۾ پاڪستان جي مجلس قانون ساز جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ وفاقي حڪومت ۾ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير مقرر ٿيو. جڏهن ريپبلڪن پارٽي اقتدار ۾ آئي ته پير صاحب وزارت تان استعيفا ڏني ۽ مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺو ۽ پوءِ 1957ع ۾ مرڪزي مجلس قانون ساز تان به استعيفا ڏنائين ۽ فلپائين ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو. ساڳئي سال فلپائين جي حڪومت کيس شاندار سفارتڪاريءَ جي اعتراف طور اعليٰ ترين شهري اعزاز ’آرڊر آف سڪارتونا‘ عطا ڪيو. 1961ع ۾ کيس چين ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو. هن پاڪ- چين سرحدي معاهدي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. 1962ع ۾ سفارتي ذميوارين تان استعيفا ڏئي علمي ادبي ۽ تحقيقي مشغلن ۾ مصروف ٿي ويو. پير صاحب 1972ع ڌاري حڪومت پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو خاص صلاحڪار مقرر ٿيو ۽ پاڪستان نئشنل سينٽر جو چيئرمئن چونڊيو ويو، جيڪو سلسلو 1977ع تائين رهيو. جڏهن امير خسرو جو ست سؤ ساله ڏهاڙو ملهايو ويو ته کيس ’امير خسرو ڪميٽيءَ‘ جو رڪن بڻايو ويو.
پير صاحب 1963ع ۾ روزاني ’جنگ‘ ۾ ’مڪتوب مشرف بعيد‘ جي عنوان سان هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا، بعد ۾ اهي ڪالم ’مشرق و مغرب‘
جي عنوان سان آخر تائين شايع ٿيندا رهيا. سندس اردو زبان ۾ لکيل ڪالمن جي ٻوليءَ کي اردو اهل زبان ڏاڍو ساراهيندا هئا. پير علي محمد شاهه راشدي 14 مارچ 1987ع تي وفات ڪئي، پير صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ (ٽن جلدن ۾)، ’چين جي ڊائري‘ ۽ ’ون يونٽ ڪي ڪهاني‘ شامل آهن.


لفظ پير علي محمد شاهه راشديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.08.05  عيسوي

پير علي محمد شاهه راشدي 5 آگسٽ 1905ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بهمڻ ۾ پيدا ٿيو


1987.03.14  عيسوي

پير علي محمد شاهه راشدي 14 مارچ 1987ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام چينو
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
رشيد بن زبير قاضي
ھدايت الله پريم آخوند ڊاڪٽر
دائود بن يزيد
اسماعيل فقير سمون
رمضان ساريو
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
اجتو فقير راڄڙ
چيٽرجي سنيتي ڪمار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون