پير عبدالستار جان سرهندي

پير عبدالستار جان سرهندي: پير عبدالستار جان خواجه محمد حسن جان رحه سرهنديءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو، جيڪو 1311هه/ 1893ع ۾ ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) جي موجوده ٽکڙ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾ علامه حافظ محمد يوسف وٽان حاصل ڪيائين. ٽنڊي سائينداد ۾ به پڙهيو. ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ تيز فهم هو. پير عبدالستار جان سرهندي پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ’خلافت تحريڪ‘ سان ڪيو. هن خلافت تحريڪ جي جلسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ هڪ پرخلوص ۽ سرگرم ڪارڪن هئڻ ڪري، چوٽيءَ جي خلافتي اڳواڻن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. ’خلافت تحريڪ‘ دوران انگريزن امن سڀائي عالم مولوي فيض الڪريم کان ’تحقيق الخلافت‘ نالي هڪ فتويٰ جو رسالو لکارائي، هن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته خلافتي عالمن ان فتويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. پير عبدالستار جان سرهندي خلافتين جو ساٿ ڏيندي ان فتويٰ کي رد ڪرڻ جي تصديق ڪئي، پر هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ مالي مدد به ڪئي. خلافت کان پوءِ ’جمعيت العلماءِ‘ سان وابسته رهيو، جنهن ۾ سندس حيثيت صوبائي اڳواڻ جهڙي هئي. کيس سير ۽ سياحت جو ڏاڍو شوق هو ۽ ڪافي اسلامي ملڪن جو سير ڪيائين. کيس نين ٻولين سکڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، پارسي، عربي ۽ پشتو ٻوليون سٺي نموني ڄاڻندو هو. کيس عالمِ اسلام سان ڏاڍي محبت هئي. جڏهن عربستان ۾ ڏڪار پيو ته هتان سنڌ مان، هزارين مڻ اناج ۽ هزارين رپيا چندو گڏ ڪري موڪليائين. کيس شـاعـريءَ سـان بـه شـوق هـو. سندس ڪوششن سـان ٽـنـڊي سـائـيـنـداد ۾ هڪ ’انجمن الشعراءَ‘ برپا ٿي، جتي هر هفتي مشاعرا ٿيندا هئا. سندس ڪلام تخيل سان ڀرپور ۽ نهايت روان آهي. ڪـافـيءَ جـي صـنـف تي وڌيڪ طبع آزمـائـي ڪئـي اٿائين. پير عبدالستار جان سرهندي، 1 جمادي الثاني 1386هه مطابق 17 سيپٽمبر 1966ع تي وفات ڪئي


لفظ پير عبدالستار جان سرهنديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.00.00  عيسوي

پير عبدالستار جان 1311هه/ 1893ع ۾ ضلعي حيدرآباد جي ٽکڙ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو


1966.09.17  عيسوي

پير عبدالستار جان سرهندي 1 جمادي الثاني 1386هه مطابق 17 سيپٽمبر 1966ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي
ڏاهري متارو خان
روئداد خان
ڀائي ڪيشورام
زبير سومرو
جيجي زرينه بلوچ
سر سيد احمد خان
درويش زڪريا
سارغون اول
پير نور شاهه هاشمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون