پير زين العابدين شاهه زينل

پير زين العابدين شاهه ’زينل ‘:پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني ولد حاجي شاهه، ڳوٺ نورائي شريف، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ 14 شوال 1321هه مطابق 2 جنوري 1904ع تي پيدا ٿيو. روايت آهي ته زين العابدين شاهه جي ولادت ۽ ولايت جي بشارت سندس والد کي هڪ الله لوڪ درويش ڏني هئي. پير صاحب اٽڪل 12 سال گنجي ٽڪر جي غارن ۾ الله تعاليٰ جي عبادت ۾ گذاريو ۽ دنيا جي ماڻهن سان گفتگو بند ڪري خاموشي اختيار ڪيائين، ان خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ سندس والد کيس ڪيترن درويشن ۽ اوليائن وٽ وٺي ويو، ڪيترن حڪيمن کي ڏيکاريائين، پر ڪو فائدو نه ٿيو، پوءِ کيس اوٽي شريف جي بزرگن وٽ وٺي ويو، جتي سندس خاموشي ٽٽي. وٽس هر وقت محفل ميلاد برپا هوندي هئي. زين العابدين شاهه سال 1956ع ۾ بغداد شريف ويو، جتي حضرت غوث الاعظم عبدالقادر جيلانيءَ جي درگاهه جي زيارت سان گڏ حضور ڪريم جن جي وار مبارڪ جي زيارت ڪيائين، حج ڪيائين ۽ گهڻو وقت مديني پاڪ ۾ روضي مبارڪ سامهون ويهي صلواة و سلام ۽ ذڪر اذڪار ڪندو هو. پنهنجي زندگيءَ ۾ بي انداز شعر چيائين، سندس سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، اردو، انگريزي، فارسي، عربي ٻولين ۾ شاعري موجود آهي. آخر تائين حق جي تلقين ڪندو رهيو ۽ 13 محرم 1396هه/ 29 جنوري 1975ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.01.02  عيسوي

پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني ضلعي حيدرآباد ۾ 14 شوال 1321هه مطابق 2 جنوري 1904ع تي پيدا ٿيو


1975.01.29  عيسوي

پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني 13 محرم 1396هه/ 29 جنوري 1975ع تي وفات ڪيائين



شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪبر جسڪاڻي
جعفر ميرزا شيرازي مولوي
ايلڊرڊ پاٽينجر
پير شاهه صفي الله عاشق
ڀڳت روپچند
ٻڍو فقير وگهامل
جسپتراءِ مل
پير زين العابدين شاهه زينل
پاٽائي شهاب الدين سهروردي
جڳو
شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون