پرڀو وفا

پرڀو وفا

پرڀو وفا

پرڀو وفا: سنڌ ۽ هند جي غناني (Lyrical) شاعريءَ ۾ پرڀو ’وفا‘ جو وڏو نالو آهي. سندس شمار اوائلي جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پرڀو وفا جو پورو نالو پرڀو جوتومل ڇڳاڻي آهي. هن 19 سيپٽمبر 1915ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. بي. اي، ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ آل انڊيا ريڊيو تي ملازمت ڪيائين، جتان اهم عهدي تان 1973ع ۾ رٽائر ڪيائين. پرڀو وفا، 1930ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ مشاعرن ۾ شرڪت سان شاعري شروع ڪئي. شاعريءَ جي حوالي سان مٿس ڪشنچند ’بيوس‘ جو رنگ غالب رهيو. شاعريءَ جي فن ۽ علم عروض سکڻ ۾ سندس رهنمائي، نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ لاڙڪاڻي واري ڪئي. سنڌي غزل کي آسان، سرل ڪرڻ ۽ ان جي ڪئنواس کي ڪشادي بنائڻ ۾ پرڀو وفا، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جو وڏو هٿ آهي. پرڀو وفا غزل ته لکيا آهن، پر بنيادي طرح هو گيت جو شاعر آهي. هن غزل، پنجڪڙا، نظم، رباعيون، ٽه سٽا، گيت، چوسٽا، قطعا، مخمس پنج سٽا، مطلب ته شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو آهي. سندس شاعري پاٻوهه ڀري آهي، جنهن ۾ مٺاس، نرمي ۽ صداقت سان گڏ جذبات جي گهرائي، احساسن جي تازگي، خيالن جي شگفتگي ۽ معنويت جو دلڪش ميلاپ آهي.
وفا هڪ پختو، برک ۽ بلند پرواز شاعر آهي، پنجڪڙن جو موجد آهي، ٽه- سٽن تي به دسترس رکي ٿو. ٽه- سٽن تي مشتمل ڪتاب ’آئينا ۽ عڪس‘ ڇپيل اٿس. هن جي خيالن جي بندش اثر انگيز ۽ سندس نازڪ خيالي قابل داد آهي. هن جي دل عشق سان زنده ۽ جوان آهي، هر صورت ۾ جمال جو مشاهدو ماڻيندڙ، غريبن لاءِ همدردي رکندڙ، ٻيائيءَ ۽ تعصب کان پاڪ، وطن دوست، سنڌ تي ساهه ڇڏيندڙ شاعر آهي. پرڀو ’وفا‘ جي شاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) ’جهنڪار‘ (1955ع)، (2) ’پرواز‘ (گيت، غزل، نظم ۽ رباعيون: 1962ع)، (3) ’سرخ گلاب، سرها خواب‘ (پنجڪڙا: 1980ع)، (4) ’مان ازل جي اُڃ آهيان‘ (گيت، غزل، نظم، بيت: 1990ع)، (5) ’تون ساگر مان لهر‘ (گيت، غزل، نظم ۽ شرڌانجليون: 1993ع)، (6) ’آئينا ۽ عڪس‘ (ٽه سٽا/ هائيڪو: 1994ع) ۽ (7) ’سج لهڻ تي آ‘ (2000ع).
سندس شعري مجموعن ۾ ”سرخ گلاب، سرها خواب“ تي 1981ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي ڪئش اوارڊ ۽ مهاراشٽر سرڪار گورو پُر سڪار (اوارڊ) ”مان ازل جي اُڃ آهيان“ تي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران ٽرافي ۽ ڪئش اوارڊ (1992ع) مليل آهن. ان کان سواءِ سندس ادبي خدمتن تي سهيوڳ فائونڊيشن بمبئيءَ پاران نارائڻ شيام ٽرافي ۽ ڪئش اوارڊ، نئين دنيا ممبئيءَ جي ايڊيٽر اي. جي. اتم پاران ڪئش اوارڊ، پدم شري رام پنجواڻي ميموريل ٽرافي ۽ شال، فرينڊس آف انٽرنيشنل پاران 1979ع ۾ ڪل سنڌ ڀارت سنڌي مشاعري جي موقعي تي ٽرافي ۽ شال، 1993ع ۾ رام بخشاڻي ٽرسٽ پاران ماتا ايشوريءَ جي ياد ۾ ساهتڪار جنرل اوارڊ، روڪ رقم، ٽرافي ۽ شال ۽ پريه درشن اڪيڊميءَ پاران ممبئيءَ ۾ اوارڊ (1998ع) ملي چڪا آهن.
پرڀو وفا آل انڊيا ريڊيو لاءِ ڪيترا فيچر، جهڙوڪ: جنگ آزادي، سنڌي سنت ڪنور ڀڳت، هولي، ڏياري وغيره تيار ڪيا. سندس ڪتاب ”سرخ گلاب، سرها خواب“ مان ”مان خوشبوءِ“ عنوان واري نظم کي سوويت سرڪار پاران چونڊي، ”ويهين صديءَ جي انڊين شاعريءَ جي چونڊ“ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. سندس ڪتاب ”سرخ گلاب، سرها خواب“ ايم. اي سنڌيءَ جي ڪورس تي رکيل آهي ۽ سندس ڪيترا شعر پونا بورڊ ۽ گجرات بورڊ پنجين کان ٻارهين ڪلاس جي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيا آهن. پرڀو وفا، خليل جبران جي ڪتاب ”پيغمبر جو پيغام“ نالي سان ترجمو به ڪيو هو، جيڪو سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ 1983ع ۾ ڇپايو هو. شاعريءَ ۾ سنڌ جون نامياريون شاعرائون، سندري اُتمچنداڻي، پارو چاولا، ريٽا شهاڻي ۽ اندرا شبنم سندس شاگردياڻيون آهن.


لفظ پرڀو وفاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.09.19  عيسوي

پرڀو وفا جو پورو نالو پرڀو جوتومل ڇڳاڻي آهي. هن 19 سيپٽمبر 1915ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستار سروهي
ڪيف رضواني
غلام علي مداح ٺٽوي
باغ علي خان خائف
خالدي علي محمد
سيد حافظ شاهه حافظ حسيني
شاهنواز مسافر
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
عـبـدالله وريـاهه
افضل سولنگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون