پروفيسر رام پنجواڻي

پروفيسر رام پنجواڻي (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، اُستاد، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مترجم، سماجي اڳواڻ ۽ ’سنڌيت جي هند ۾ سفير‘ ۽ پرواني، پروفيسر رام پنجواڻي جي سترهوين (70) جنم ڏينهن جي نسبت سان، کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر هري موٽواڻي، ٺاڪر چاولا، هوندراج ساجناڻي ۽ ٻلديو مٽلاڻي آهن. هي ڪتاب شري مورج. جي. منگھناڻي، چيئرمئن واگت ڪاميٽي دبئيءَ پاران شايع ڪيو ويو. ڪتاب جي ٽائيٽل ڪور ڊزائين ڏيوَن ڀوجواڻيءَ، رام لالچنداڻيءَ جي رٿا هيٺ ٺاهي آهي. هن ڪتاب جو سنڌي سيڪشن اشوڪ ڪمار ڀاڳچنداڻي، جئه شؤ شڪتي پرنٽرس، الهاس نگر مان ڇپايو ۽ اُن جو انگريزي سيڪشن ڪي. ٽي. ابراهام، ايڪسيل آرٽ، بندر روڊ، سيوري ممبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي سنڌي ڀاڱي ۾ رام پنجواڻيءَ جي فن ۽ شخصيت تي هند جي ناميارن ليکڪن جا مقالا شامل آهن، جن مان ڪن جا نالا آهن: ٻلديو گاجرا، ڪرشن راهي، لعلسنگهه اجواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ٻلديو مٽلاڻي، تيرٿ سڀاڻي، ٽهلرام آزاد، نارائڻ ڀارتي، پريم پرڪاش ۽ پارو چاولا ۽ ٻيا، جڏهن ته هڪ مضمون سنڌ جي ليکڪ شيخ عبدالرزاق راز جو شامل آهي. جڏهن ته پروفيسر رام پنجواڻيءَ کي شعر ۾ خراج تحسين ارجن شاد، هري دلگير، پرڀو وفا، ٻلديو گاجرا ”گمنام“، رتنا ڪيسواڻي ۽ ايم. ڊي. ڪڪڙيجا پيش ڪيو آهي. انگريزي ڀاڱي ۾ پنجواڻي صاحب بابت موتي گدواڻي، ايڇ. جي. آڏواڻي، ناري گرهساڻي، اين. ڊي. گولاڻي، نبي بخش بلوچ (خطٻلديو گاجرا، ارجن شاد، ڪي. ايل. پنجابي، چندو جئسنگهاڻي، گوبند مالهي، گني سامتاڻي، منگهارام ملڪاڻي، رام بخشاڻي ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ رام پنجواڻيءَ جا پنهنجا پنج غـزل ڏنل آهن ۽ ”گڏجاڻيـون- رام جي قلم مان“ جي عنوان هيٺ انهن يادگار گڏجاڻين جو ذڪر آهي، جيڪي نه وسارڻ جوڳيون آهن. هن ڪتاب ۾ تصويرون به شامل آهن. پروفيسر رام پنجواڻيءَ بابت هن ڪتاب ۾ 80 صفحا انگريزيءَ جا آهن. سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جو به مختصر رايو ڪتاب ۾ شامل آهي، جنهن رام پنجواڻيءَ کي ”روشني ۽ رهبريءَ جو مينار“ ڪوٺيو آهي. پڪي جلد سان، هي ڪتاب 280 صفحن تي مشتمل آهي.


لفظ پروفيسر رام پنجواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو