داخلا نمبر 7620
عنوان پاڻي
شاخ معدنيات
پڙهيو ويو 443 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون
پاڻيءَ جي تصوير

پاڻيءَ جي تصوير

پاڻي

پاڻي: فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. آڳاٽي وقت کان ڪائنات جي جوڙجڪ ۾ چئن عنصرن مٽي، هوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر مڃيو ويو آهي. سڀني الهامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انهيءَ حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو منو حصو پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي ترقيءَ جو مدار به پاڻيءَ تي آهي. پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب (H2O) آهي. پاڻي سائٽوپلازم جو خاص جزو آهي ۽ هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ پاڻي ضرور شامل هوندو آهي.پاڻيءَ جو نظام: ڪنهن ملڪ جي تهذيب ۽ تمدن جي معيار کي ان جي پاڻيءَ واري نظام مان جاچيو وڃي ٿو. وڏن شهرن لاءِ پاڻي انهن سمورن مقصدن لاءِ مهيا ڪيو ويندو آهي، جيڪي زندگيءَ سان هر وقت لاڳاپيل رهن ٿا. روءِ زمين تي مٺي پاڻيءَ جو ڪل مقدار سمنڊ جي پاڻيءَ واري حصي جي برابر آهي، جيڪو ٽي سؤ ملين ڪعب ميل آهي. شروعاتي زماني ۾ جڏهن انسان تهذيب ۽ تمدني نظام کان واقف نه هو، تڏهن هو پاڻيءَ جي سهوليت لاءِ ندين ۽ چشمن جي ڪنارن تي رهڻ لڳو. اڍائي هزار سال اڳ، رومن پهريان ماڻهو هئا، جن 60 ميل ڊگهي نهر ذريعي روم تائين پاڻي پهچايو. جڏهن ڪنهن ڳوٺ يا وسندي لاءِ پهريون ڀيرو پاڻي پهچائڻ جي اسڪيم ٺاهي ويندي آهي، تڏهن في ڪس پاڻيءَ جو مقدار مقرر ڪرڻ لاءِ انهي آباديءَ جي رهڻي ڪهڻي، گهريلو ۽ عوامي ضرورتن سان گڏ، ڪارخانن جي ضرورت کي به آڏو رکندي گذريل تجربن کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي.هر ماڻهوءَ کي پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ جو دارومدار پاڻيءَ واري جاءِ ۽ جاگرافيائي حالتن تي ٿئي ٿو. ٿڌن ملڪن ۾ 120 ڏينهن کان 250 ڏينهن لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ ڪافي سمجهيو وڃي ٿو. گرم ملڪن ۾ انهيءَ مقدار کي ٻيڻو ٽيڻو ڪرڻو پوي ٿو. پاڻيءَ جو مقدار جيڪو ضايع ٿئي ٿو، ان کي روڪڻ ناممڪن آهي، پر ان تي ڪنهن حد تائين ضابطو آڻي سگهجي ٿو.پاڻيءَ جون خاصيتون: (1) پاڻي قدرت طرفان اهڙو تحفو آهي، جنهن کان سواءِ ڪو به جاندار زنده رهي نه ٿو سگهي. (2) انساني جسم، وزن جي لحاظ کان 65 کان 75 سيڪڙو پاڻيءَ تي مدار رکي ٿو، (3) گرم هئڻ جي حالت ۾ پکڙجي ٿو ۽ وڌيڪ جاءِ والاري ٿو ۽ سرديءَ ۾ سُسي ٿو، (4) ٻوٽن جي واڌ لاءِ ڪاربان، هائڊروجن ۽ آڪسيجن ضروري آهن، جن جو سڌو يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو پاڻيءَ سان آهي. ساون وڻن ۽ ٻوٽن ۾ 80 کان 90 سيڪڙو پاڻي ٿئي ٿو، (5) گندرف، پوٽاشيم، مئگنيشيم، فاسفورس، ڪئلشيم ۽ لوڻ به پاڻيءَ جي ذريعي ٻوٽن تائين پهچي ٿو، (6) جانورن جي کير ۾ 87 سيڪڙو پاڻي آهي. روزمره جي جسماني ڪم ڪار ۾ گرميءَ جي درجي کي برقرار رکڻ، هاضمو ڪرڻ ۽ بيڪار مادن کي جسم مان خارج ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي، ڪو به ڳار پاڻيءَ کان سواءِ نٿو ٺهي سگهي، ان ڪري خوراڪ کي هضم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ تمام ضروري آهي. پگهر ۽ پيشاب به پاڻيءَ کان سواءِ نه ٿو ٺهي. پاڻيءَ جو وزن مخصوص گرمي پد سان ڪنهن قدر بدلجي ٿو ۽ 400 (F 390) تي گهڻو ٿئي ٿو. هن جو وزن معمولي پد تي هڪ گرام في مڪعب سينٽي ميٽر ٿئي ٿو. پاڻيءِ جا طبي فائدا: پاڻيءَ جو دوا طور استعمال تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. طبي لحاظ کان درياهه جو پاڻي چڱو ۽ وڻندڙ ٿئي ٿو. کوهه جو پاڻي جلد هضم ٿيندڙ آهي. سٺو پاڻي مينهن جو آهي. صاف پاڻي گهڻو پيئڻ سان پيشاب جاري ٿئي ٿو، سياري ۾ گرم پاڻيءَ سان غسل ڪبو ته مسام کلندا. گهاٽي رت کي صفا ڪندو آهي. روح کي فرحت ۽ تقويت ڏئي ٿو سوڄ گهٽائڻ لاءِ پاڻيءَ جي مسلسل ڌار هڻبي آهي. گهڻي بخار جي صورت ۾ مغز تي ٿڌي پاڻيءَ يا برف جون پٽيون رکيون وينديون آهن. ان سان بخار لهي ويندو آهي. تيل کي گرم پاڻيءَ ۾ ملائي ٻاڦارو ڏنو ويندو آهي ته اهو زڪام ۽ نڙيءَ جي مٿئين حصي جي سوڄ لاءِ نهايت ئي فائديمند آهي. 1200F تي پاڻي رت بند ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٿڌو پاڻي آنڊن ۽ بڪين جي حرڪت کي تيز ڪري ٿو. ڊسٽلڊ واٽر (آٺريل پاڻي) هر قسم جي دوائن جي تيارين ۾ ڪم اچي ٿو. فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. سڀني الهامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انهيءَ حقيقت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو مُنو حصو پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي ترقيءَ جو دارومدار به پاڻيءَ تي ئي آهي. هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ پاڻي ضروري شامل هوندو آهي. دنيا ۾ پاڻيءَ جا جيڪي ذريعا آهن، سي سڀئي قدرتي آهن. پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب آهي، جيڪو قدرتي طرح گهڻين شڪلين ۾ اسان تائين پهچي ٿو. برف پاڻيءَ جي خالص شڪل آهي ۽ برسات جو ٻيو نمبر مثال آهي. جابلو چشمن ۽ ڍنڍن جو پاڻي خالص ٿيندو آهي. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ سوڊيم ڪلورائيڊ جي آميزش هوندي آهي. هائڊرولڪس،هائڊرو ڊائنامڪس جو اهو حصو آهي، جيڪو انجنيئريءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلن سان تعلق رکي ٿو. پٽڙن مادن جو علم گهڻو پراڻو آهي، جيئن ته ڪيترائي بنيادي اصول (250 ق.م) ’آرڪمڊيز‘ دريافت ڪيا، پر هيءَ ڳالهه حيرتناڪ آهي، جو ان بعد لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار سالن تائين انهيءَ علم ۾ ڪا خاص ترقي نه ٿي. سلطنت روم ۾ آبپاشي لاءِ جيڪي نهرون ۽ نل تعمير ڪرايا ويا هئا، انهن مان خبر پوي ٿي ته رومن ماڻهن کي بيٺل ۽ متحرڪ/ وهندڙ پاڻيءَ جي ڪيترين ئي خاصيتن جي ڄاڻ هئي. 1585ع اسٽيوينس (Stevens)، آرڪمڊيز واري اصول جي روشنيءَ ۾ اهو معلوم ڪيو ته ڪنهن حوض جي تري ۽ ڀتين تي پاڻيءَ جو ڪيترو دٻاءُ موجود آهي. 1612ع ۾ گئليلو هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هُن، پاڻيءَ جي ترندڙ جسمن تي بحث ڪيو. ڪجهه ڏينهن بعد ٽاري چلي (Toricheli) ان تي بحث ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن سوراخ مان پاڻي سڌو هيٺ ڪري رهيو هجي ته ان جو عمل ڇا ٿيندو؟ پوءِ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري سائنسدان، تجربن ۽ دليلن ذريعي انهيءَ ڪوشش ۾ لڳل رهيا ته متحرڪ پاڻيءَ لاءِ اصول ۽ قانون ڪيئن گهڙجن، انهن ۾ فرانس جا برولي، ڊالم برٽ، ڊارسي۽ ٻيا، انگلستان (برطانيا) جا رينڪن، فروڊ، اينلڊز ۽ ٿامسن، اٽليءَ جو ونچري ۽ آمريڪا جو فرانسس گهڻو مشهور آهن. پاڻيءَ جي طبعي خاصيت: خالص پاڻي شفاف ۽ بي بوءِ پٽڙو مادو آهي، ان جو وزن مخصوص گرمي پد سان ڪجهه قدر بدلجي ٿو ۽ 4(39 ف) تي گهڻي کان گهڻو ٿئي ٿو. دٻاءَ جي وڌڻ سان ڄمڻ جو نقطو گهٽجي ٿو ۽ ٽهڪڻ جو درجو وڌي ٿو. هن جو وزن معمولي پد تي هڪ گرام في مڪعب سينٽي ميٽر ٿئي ٿو. پاڻيءَ ۾ معمولي لڳلاڻ (Viscosity) يعني کونئر به ٿئي ٿي، جنهن سان ڪنهن متحرڪ جسم کي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪرڻ جي طاقت گهربل آهي، جتي پاڻيءَ جي وڏي مقدار جو استعمال عمل هيٺ اچي ٿو، اتي پهرين ذخيري ڪرڻ ۽ نيڪال جو انتظام ٿئي ٿو.پاڻيءَ جا ذريعا: پاڻيءَ جي حاصلات جا جيڪي ذريعا آهن، انهن ۾ کوهه، نلڪا، پاڻيءَ جا تلاءَ، ڍنڍون، نديون، چشما ۽ برسات قابل ذڪر آهن. جيڪو پاڻي کوهن ۽ چشمن مان حاصل ڪيو ويندو آهي، ان کي وڏن حوضن ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو، جيئن ڪجهه عرصي لاءِ پاڻيءَ کي ذخيري ڪري رکي سگهجي. پاڻيءَ کي ڇاڻڻ کان اڳ اهو عمل نهايت ضروري آهي. ان جي گنجائش گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن جيتري هئڻ گهرجي. اڻ ڇڻيل پاڻيءَ ۾ ڄميل مادو جيڪو امونيا جو سلفيٽ هوندو آهي، ملايو ويندو آهي، ان کان پوءِ چئن کان ڇهن ڪلاڪن تائين ان کي ڇڏيو ويندو آهي ته جيئن پاڻيءَ جو بيڪار مادو تري ۾ رهجي وڃي.پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ذخيرا اندوزي: هن ۾ پاڻيءَ جو مقدار ۽ ذخيري جو هنڌ غور جوڳا هوندا آهن، جڏهن ته پاڻي (برسات وغيره ذريعي) جي فراهميءَ واري شرح مستقل نه ٿي ٿئي ۽ پاڻيءَ جي استعمال جي رفتار به بدليل ٿئي ٿي. پاڻيءَ جو وهڪرو: پاڻيءَ جي ڌار جا ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ قسم جي حرڪت واضح ۽ مقرر ڪيل ويرن ۾ ٿئي ٿي، يعني ڪنهن خاص هنڌ ۽ وقت تي ان جي طرف ۽ رفتار سان ٿئي ٿي، ان کي مستقيم حرڪت چئجي ٿو ۽ ٻيو قسم اهو، جنهن ۾ حرڪت واضح مقرر ڪيل نه ٿي ٿئي ۽ ڪنهن خاص هنڌ ۽ وقت تي ان طرف رفتار جي اڳڀرائي سوچيل نه ٿي ٿئي، ان کي غير مستقيم حرڪت چئجي ٿو.


لفظ پاڻي هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
بابر بادشاهه
بابل
آبت
بادام
آبپاشي
آب پيما
بادِلو2
آبِحيات
آبدارُ
آبدوز
آبدوز شڪن
آب زُلال
باراني پوک
آبِ زمزم
بارٽل فريئر
آبشار
آب شمار
آبڪلاڻي
آب ڪوثر
آبگير
آبھوا
باغباني
آبي
آبيانو
آبي پکي
آتش پرستي
آتش فشان
آتشي ڪائو
بالي اقبال
باوِلي
باهه
بايو گئس
ببوئي
آثار قديمه
بپتسمو
بجلي
بچي
بڇيري
بحر
بحري جهاز
ٻاجهري
ٻار (هنڌ)
بدر
بدڪ
ٻاڦ
بدنو
بدوي
بدهاضمو
بدين
ٻالپوري آستان
ٻانڀڻائيءَ جي ترائي
ٻانڌڻو
ٻانڌي (عمل)
ٻانڊ
ٻانهياري ڀٽ
ٻاوريو
ٻٻر ڪوري
ٻٽي
ٻڌيا
ٻر (پاڻي)
ٻرڻو
ٻرڻو (وڏو)
ٻاٻرين جا آثار
ٻرهاڙو
ٻڪ
ٻڪري
ارڙ اجگر ازدها
ٻگهه
اُرڙي
ٻلهڻ
اڙل واهه
ٻليار
ٻنارو
ٻنڌڻي گبر بند
ٻنڌڻي نئن
ٻنون
ٻني (زراعت)
ٻوٽا
ٻوڏ
اسٽوپا
اسپنج
اسپنگر
ٻولھاڙي
ٻوهڙ
ٻهڙ
ٻه منهين بلا
ٻيجل
ٻيلا
اشلوڪ
اصحابي واري سير اصحابو محمد علي گبربند
اعجاز قريشي پروفيسر
افغانستان
اعشاريه نظام
اڪبر بادشاهه
ٻيڙو
ٻيڙي
ٻيڙين جا قسم
اڪڙ
اڪول
اکا
اکيون ميگهه ملار
اگني
بڊوکو
بئراج
بربط
برڊ فلو
برزخ
برسات
ابت ڪنڊڙي
برف
الک واوَ
الله ڦهائي
برف باري
الهام
ابدالي احمد شاهه
برمو
الهندو نارو
الي
اُلي3
ابراهيم شاهه وڄڙي
ابڙو جمال
برهمي رسم الخط
برياني
ابن الهيثم
ابن مسڪويه
امرت ڌارا
بسيم
املتاس
آدمجي حاجي دائود
اڀرندو نارو
اٽڪ
اٽو
امونيا
امونيم نائٽريٽ
اميبا
آڌي سون
اٺ
اپٻيٽ
اپر نورواهه
انب
اجهور
اڇ ڍنڍ
اڇڙو ٿر
اڇو ويسر
آڙيڪو
آرِيٺو / آرِيٺڙو
بصر
آڏڻ
اِنجِڻ
انجير
ادبي تحريڪون
انڌو هينئر
انڌي جي موري
انڊلٺ
آر بي او ڊي
آرسي
بڪو
بکر
آرين جو مذھب
آڙي
انڪيوبيٽر
اڏ
اڏوهيءَ جي ڇن
اڏيرو لال
اڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري
اوسو
اوڪڙ
اول
اوئِن
اوئي
ايزڪ
ايسٽرن نارا ڪئنال
انور بلوچ
ائٽم
ايل بي او ڊي
ايم ايڇ پنهور
انور پيرزادو
اياز لطيف پليجو
بگهاڙ واهه
بگهياڙ ڦاٽ
ايٿ ائٿ
اين ڊبليو ڪئنال
ايوب خان
آسڻ 3
آنا
آنڊو
آنهن
آوانڌو
آهر
بهراڻو
بهشتي1
بهمڻ واهه
بهڻي بوهڻ
بيابان
بيبي راڻي رونجهي جو مقام
بيٽ
بلوچي شعري ادب
آڪسيجن
بند
بند مراد
بنگلو (هنڌ)
بيد مشڪ
بير
بيرم خان
آگبوٽ
آگياري
بيگاري بند
آڳڙيا
بني اسرائيل
بوبڪ3
انيل ڪن
بوسڻ
بوسي
بوعلي قلندر شيخ
اوڀارا
اوڀارو
اوڀارو2
اوڀر
اوتڙ
بوليجي
بونبلو
اوٺار اوٺيئڙو
اوٺي1
اوپڻي
بوهري2
اوجهري
بهه
بهه2
اوچتو ڦاٽ
اوڙاهه
اوزون
ادريس راجپوت
اڙل منڇر واهه
آکاٽي
اَبر
ابرار قاضي
ابل واهه
اوپيرا
بادشاهي مسجد
باعد پير
بخاري ممتاز
بڊو جبل
برموڊا ٽِڪنڊو
آڳيلي
ٻاريءَ جھل راند
ٻليءَ پيرڙو
بنجو آبشار
بودو ڪنڀ ۽ وادي
ٻلهڙيجي
الجي
الک واهه
انڊس فلوٽيلا
اونڌو ٻانڌو
ايف پي بند
تڳوسر جي ترائي
تل
تلاءُ
تلور
تلي 2
ڀاڳناڙي
ڀالِوا
ڀاناڻو
ڀان سيد آباد
تماچيءَ جي ماڙي
تماڪ
ڀاڻُ
تمر جا ٻيلا
ڀاوسار
تن 2
ڀائيبند پئنچات
ڀائي ڪنيا
ڀائي ڪيشورام
ڀِڀڙُ
ڀت جبل
ڀِٽَ1
ڀِٽارو2
ڀٽ شاھه
ڀٽون وڇون
ڀٽياڻي2
توانائي
ڀراسر تلاءُ
ٺڪر سازي
ٺڪري پڄائڻ
ٺڳ ۽ ڀنڊاري
ٺلهه گاجي کھاوڙ
ٺوڙهي تور
ٺوڪر
ٺينڍو
تورڻ 2
ثاليس
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ڀُرڻُو1
ثعلبيه
ڀَڙَج
ڀِڪَ
ثقفي حجاج بن يوسف
ترڇل
ترائي
ترائيءَوارو تڪيو
تربيلا ڊئم
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ترخان مرزا محمد باقي بيگ
ٺارو شاهه
ڀڳت واڌورام
ڀڳتياڻي شانتي ديوي
ٺٽو
ڀڳوان ٻڌ
ٺٽوي شيخ حسين صفائي
تروٽ جارج بوٿ ڪرنل
ڀڳو ٽوڙو ۽ لڪي تيرٿ
ڀلُ2
ٽاجوئا
ڀَلو ٽڻي
ٽارپين تارپين
ٽارو ڪپڻ
تڙ 4
ٽاڪ
ٽاڪرو
ڀن
تسنيم
ٽاڪور
ڀنڀرو غلام عباس
ٽالپر مير محمد حسن علي خان
ڀِنجُھو
ڀنڊن وارو ڍورو
ڀَنگَ
ڀنگر آچا2
ٽالهي
ڀنگر آچا3
ٽامو
ٽانڪو
ٽانڪو لڳائڻ
ٽانڪي
ٽانڪي باغ
ٽائٽانڪ
تعزيو 2
ٽائيفائيڊ مدي جو بخار
ٽُٻائون حوض
ٽٻڻو
ٽٻوهين جي ڍنڍ
ٽٻي
ٽڀو
ٽٽيءَ ٽور
ٽپال سرشتو ۽ سنڌ
ڀوپال
ٽرائوٽ
ڀوڄي مل مالهيءَ وارو خوني کوهه
ڀوڏيسرڀدريشر نگري
ڀوڏيسر تلاءُ
ڀوڏيسر مندر
ڀورو ٿِرڙو
ٽريور ريسٽ هائوس
ٽڙڙڙ ٽڙڙڙ
ڀوڪرُ
توريو
ڀوڻ
ٽڪو بارڻ
ڀئونر1
تولارام عاجز
ٽکڙ2
ڀيٽاري واري جنگ
ڀير2
تونسه بئراج
ٽماٽو
ٽمڻ جبل
ٽمون مٺو
ڀيم گوڏا
ڀِينڊي
ٽنڊو بهاول سانحو
تاپولي
تونگ شريف
تونئري
تهائو
ٽنڊيل
ٽنگڙ
ٽنگڙي
تاج حيدر
ٽوال
ٽوٻائي ترهو
تاج محل
ٽوٻو
ٽوٻو2
ٽوٻو3
ٽوڀو
ٽوڀو چشمو
ٽوپ
تحريڪ ميانوال
تاج محمود امروٽي
تحقيق
ٽهڙ
تهي ٽڪر
تخليق
تير ڀت
تيرٿ
تيرٿ ڌارا
تيزاب
تيل
تيلي ٻج
تميم
ٽيٽو
ٽيٽيهر واسڪوٽي گسلنگ گوڙينگ
تِر
تاؤمت
ٽيجهو
ٿامس جيفرسن
تاريخ ريگستان جو ڀاڱو ٻيو
ٽيڪٽونڪ پليٽون
ٿانور ڀٽي
ٿاڻو بولا خان
ٽيڪسيلا
ٽيليڪرون
ٿڌي
ٿر
ٽيوب ويل
ٽيويهه مارچ
ٿر جو ڪوئلو
ٽيئڙ تپ
تاراهه ڳوٺ
ٿوم
ٿرماميٽر
ٿرواهه
ٿرهـانـڊو
ٿوهو
تاڙي
ٿنگھئو
ٿيلهي ٿيري
ٿيليسيميا
تانتيا ٽوپي
تانگهه
پاٻوڙو پٻڻ جو پن
پير پڌرو
پاٻيڙو ڍنڍ
پاتال
پير ڌمڻ جو ميلو
پڙهيا
پاٽائي محمود صديقي
پاٽ پراڻي
پشاور
پاٺ
پاپڙ
پاپڙي
پاپڙي 1
پاپليٽ
پير عالي
پير گاجي شاهه1
پاچڙو
پير لال ڇتو
پادري
پار
پير مبي جو قبرستان
پير مشائخ مشاڪ
پير مونا ڳڙهه گبر بند
جلال فقير ٽالپر
جلال محمود شاهه سيد
جلترنگ
جل پري
جل ڌاڻا
جلندر
جل نيم
جاٽ1
جادم جکرو
جادُو2
جاکپاري ڍنڍ
جـاگرافي
جامي چانڊيو
جان جيڪب
جانور ۽ سندن پوڄا
جائلس
جبل
جبو ڪوٽ
جتوئي لياقت علي
پارچو
پارڪر
پارو
پارو شاهه
پاربرهم فقير
پارهيڙي جو شڪار
پاڙڇ
پاڪستان
جِپسي
پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن
جراثيم
پاڪستان پيپلز پارٽي
پاڪستان ريلوي
پاڻي
پاڻي ڪتاب
پاڻيارا پکي1
پاڻيارا پکي2
پاڻياري
پاڻيپٽ
پاڻي کولڻ
پاڻيءَ منجهه پساهه
پاڻيڻي
پاڻيءَ واتڙيو
پاهه
پاههُ2
پائيءَ وارو ڀڙو
پٻ جبل
پٻڻيءَ جي ڍنڍ
پتڻ رڪڻ
پتو
جمالين جو قبو 4
پتوڻي
پٿر
پٿرالي رس
پٿر جو پراڻو ثقافتي دؤر
پٿرو
پَٽُ
جمبو گاهه
پٽاٽو
پٽاٽو بيٽري
پَٽـرُ
پٽراس
پٽ فيڊر
پٽ ڪنوار
پٽ لاڻي
پٽڻ1
جمعو شيدي 2
جمنا ندي
جمهوري مجلس عمل
پٽيهل
جنت
جنتر
جَنڊي
جن لوهي
جنيوا ڍنڍ
جَوَ
جُوٺِي
جوڌا ٻائي
جوڳي2
ڄارُ
ڄام چينو
ڄام لاکو ڦلاڻي
ڄام مراد علي جوکيو
ڄاموٽ، شفقت حسين شاهه
ڄانڀو (Rocket/ eruca sativa)
ڄاهو
ڄاهـو (ٻگهه)
ڄڀ (زبان)
ڄرڪو (Wallago Attu)
ڄرون/ ڄؤرون (Leeches)
ڄمون
جهال
جهٽ پٽ
جهجهري
جُهڏو 1
جِهرڪِي1 (مڇي)
جُھڪر جو دڙو
جَهڳَرُ
جُهڳو
جهلڻو
جهمپير
جهم جو شوَ مندر
جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ (ماڳ)
جهنگ ٻِلو (Jungle Cat/ Felis chaus)
جهوڙ نانگ (King Cobra/ Ophiophagus Hannah)
جهول ماڙي
جھونا شاھبندر
چارڻ، نظير احمد، ڊاڪٽر
چاشَ
چاڳلي (مائي چاڳلي)
چال (مينهن جو قسم)
چانڊڪا پرڳڻو
چانور (Rice)
چانهه (Tea)
چانهونءَ جو دڙو
چاهي
چڀڙ/ متيرو
چترڪاري/ مصوري
چِٽ چَـر
چِٽو 1
چٽو 2
چَٺِ
چُڇانگي
چَرخو
چَرخِي
چرخي 2
چَرَسُ 2
چَـرُون1
چرُون2
چشتي حڪيم شمس الدين
چـشما لعل شهباز جا
چشمو
چشمه بئراج
چَڪُئو
چِکيا
چڱڙو ڍنڍ
چلم
چِلـمچِـي
چَلهو1
چمپا
چمڙو2
چمڙو3
چمڙي
چُن
چناب ندي
چند
چندر ڪانت1
چندر (ماسٽر چندر)
چنڊ
چنڊام
چنڊ گرهڻ
چنڙو ڪوٽ
چنگيز خان
چَڻا
چوٿين مارچ جو واقعو
چوٽياريون ڊئم
چَوَڙَ
چـوڪڙيـدار-ڳوراهه
چولستان
چؤماسو2
چوهڙ جمالي
چوئي واهه
چُهڙا
چيچَ
چيـڪـو
چيڪو2
چيڪي مٽي
چِيلهه
چـيڻو 3
چيهو1
چيهو 2
ڇاٻڙيا ’گوتم‘ شڪارپوري
ڇاتيون (اُرهه)
ڇاپاڪو ڏڏر يا سُرڻو
ڇاڇري
ڇاري ڍنڍ
ڇاڳُر
ڇالي
ڇاندڻ شريف
ڇانهين/ هنداڻو
ڇاڻي
ڇائرو
ڇٻلاڻي، منگهارام
ڇتي جي بيماري/ ڇتائپ
ڇَٽَ
ڇُٽي جي ڍنڍ
ڇپنو
ڇڄڙا 1
ڇڇ 1
ڇَڇُوندر
ڇـر
ڇرڪ ڀرائڻ
ڇلڙو
ڇِلو1
ڇِلوري
ڇلو مرون
ڇن بابو
ڇنڊن هڻڻ جي راند
ڇنڊڻ
ڇنڊو ڏيڻ
ڇن قبول
ڇوڏي2
ڇور
ڇوڙ
ڇهي
ڇيلري
ڇينار
ڇينهَرو
حاجي اسماعيل پير ڍنڍ
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
حاجي مريءَ جو مقام
حافظ محمد بخش خاصخيلي
حالي، الطاف حسين
حب
حب ڊئم
حب ندي
حديبيه
حُر تحريڪ
حُرن جو ڪوٽ
حسن علي واهه
حُقو
حليم شو
حمل
حمل ڍنڍ
حواس
حياتيات
حياتين
حيدرآباد دکن
حيدري، نذير حسين
خارش
خاشا ڪنب
’خاڪي‘ سيد احمد شاهه
خانبهادر، اَرد شير هرمسجي
خانپور1
خانه بدوش
خدا آباد 3
خسخس
خشڪسالي، سوڪهڙو
خلائي لباس
خواجه احمد عباس
خواجه خضر جو آستانو
خوشاب
خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس
خيبر
خيبر پختونخوا
خيرپور 1
خيرپور ناٿن شاهه 2
خيرواهه 1
داٻ
دادو 1
دادو ڪئنال
دادوءَ واري ماهي
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
داليون
دائود ڪنڀ
دبيار
دراوڙ لوڪ
درد جي تلاش
درگاهه سيد ساجن سوائي
درگاهه شاهه عبدالڪريم
درگاهه صوفي شاهه ڏنو مشتاق
درگاهه قائم شاهه بخاري
درگاهه مُگرڀين شهيد
دروت ڊيم
دروپدي
درويش دائود 1
درويش سلطان ابراهيم شاهه
دريا پنٿي
دريا خان جي اوطاق
دريا خان واهه
دريا شاهه مندر
دريـاهه
درياهي ڪينو درياهي کرو
دُڙٻ نئن
دڙو1
دست جُلاب
دستاگ
دشنت، راجا
دُلان نئن
دلبو
دلپاڪ
دلمراد خان کوسو
دلمون
دليپ ڪوٺارِي
دلير رند سخي
دليل ڪوٽ دهليل جو قلعو
دم، اُڀ ساهي ،ساهه جي بيماري
دماغ مغز
دمدمو
دمريلو
هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

پاڻي - مان نڪتل ٻيون شاخون-

ٻر (پاڻي)
برف
بير2
ڀٽائيءَ جي کوهي

معدنيات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابرق
ابرڪ
ٽاڪ
ٿر جو ڪوئلو
ٿيليم
پاڻي
پٿريلو گندرف
چيرولي
چيني
معدنيات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون