پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سربراهه

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سربراهه

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل

پاڪسـتـان مسـلـم ليـگ (فنڪشنل ):پاڪستان مسلم ليگ (ف) پاڪستان جي هڪ سياسي پارٽي آهي، جيڪا بنيادي پاڪستان مسلم ليگ کان جدا ٿيل جماعت آهي. فنڪشنل ليگ جو سربراهه مشهور شخصيت ۽ حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو آهي. هن پارٽيءَ جو بنياد 1985ع ۾ پيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته يونائيٽيڊ مسلم ليگ جو صدر محمد خان جـوڻيـجـي کــي مـقـرر ڪجي، تڏهـن پـيــر صـاحــب پاڳاري پـاڪــســتان مـسـلـم ليــگ فنڪـشـنل نالي الـڳ پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا وقت بوقت چونڊن ۾ حصو وٺندي رهي آهي. مئي 2004ع ۾ فنڪشنل ليگ، پاڪستان مسلم ليگ قائد اعظم سان شامل ٿي، پر ٻن مهينن بعد چوڌري ڀائرن سان اختلافن سبب الڳ ٿي. 2008ع وارين عام چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ قومي اسيمبليءَ جي چئن سيٽن سان گڏ هڪ مخصوص عورت ميمبر جي سيٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ 8 سيٽون سنڌ مان ۽ 3 پنجاب مان کٽيون. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي چونڊ جو نشان ”گلاب جو گل“ آهي، پير پاڳاري جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ۽ موجوده پير پاڳارو پير صبغت الله راشدي شاهه پارٽيءَ جو سربراهه آهي.


لفظ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو