پاڪستان رائٽرز گلڊ

پاڪستان رائٽرز گلڊ: پاڪستان رائٽرز گلڊ جو قيام 30 جنوري 1959ع تي ڪراچي ۾ عمل ۾ آيو. بابائي اردو ڊاڪٽر عبدالحق هن جو پهريون ميمبر بڻيو. اپريل 1940ع ۾ ڪراچي، لاهور ۽ ڍاڪا ۾ مقامي چونڊون منعقد ٿيون، ان جامول ۽ متا هي هئا:اظهار جي آزاديءَ لاءِ ضروري قدم کڻڻ.ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ته جيئن اُهي ادب جي ميدان ۾ پنهنجيون خدمتون آزاديءَ سان سرانجام ڏئي سگھن.گلڊ جي ميمبرن کي ادبي تخليقن جي اشاعت جي سلسلي ۾ گھربل امداد ۽ سهولت مهيا ڪرڻ. پاڪستان جي سمورين زبانن جي تصنيفن کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ادبي تخليقن کي شايع ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ. گلڊ جي ميمبرن تي مشتمل ادبي وفد کي ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلڻ جو اهتمام ڪرڻ. ڪاپي رائٽ ايڪٽ يا لاڳاپيل قانوني دفعن ۾ اهڙين ترميمن جي سفارش ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرائڻ ، جن سان ادبي ڪاوشن ۽ سرگرمين لاءِ حق خدمت يا معاوضي جي طور تي مصنفن کي حاصل ٿيڻ وارن مالي مفادن کي مڪمل قانوني تحفظ ملي سگھي ۽ انهن کي پنهنجي خيال جي اظهار ڪرڻ جي مڪمل آزاديءَ جي ضمانت حاصل ٿي سگھي. انهي قسم جي ٻين بين الاقوامي ادران سان اتحاد قائم ڪرڻ، بشرطيڪ اهي ادارا سياسي بنياد تي قائم نه ٿيا هجن ۽ اهو اتحاد ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي قومي مفاد جي خلاف نه هجي. ملڪ جي ٻين ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي پنهنجو پاڻ سان ملائڻ ۽ ضرورت مطابق انهن جي مالي امداد ۽ پرک لهڻ. اديبن يا انهن جي ڪٽنب کي مالي امداد مهيا ڪرڻ. پاڪستان رائيٽرز گِلڊ جي هڪ مرڪزي ۽ چار صوبائي آفيسون: لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ آهن. هر صوبائي آفيس ۾ هڪ سيڪريٽري مقرر آهي، جيڪي مرڪزي ميمبرن جي مقرر ڪيل طور طريقن سان ڪم ڪندا آهن. گلڊ جو سربراهه سيڪريٽري جنرل سڏرائيندو آهي. سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جنهن صوبي مان ٿيندي آهي ته گلڊ جو صدر دفتر به انهيءَ صوبي ۾ هوندو آهي. مرڪزي يا صوبائي عامله جو مدو ڏهه سال هوندو آهي ۽ هن جا ميمبر ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي نٿا سگھن. ڪارڪنن جي داخلا في، ساليانو چندو، ميمبرشپ، عطيا ۽ قرض هن جي آمدني جا اهم ذريعا آهن. آدمجي ادبي انعام، نيشنل بينڪ، ادبي انعام، يونائيٽڊ بينڪ، ادبي انعام، حبيب بينڪ، ادبي انعام جي ورڇ هن ئي اداري جي سهڪار سان ٿيندي آهي. هن اداري طرفان مختلف شهرن ۾ اديبن ۽ شاعرن کي رهائشي پلاٽ پڻ ڏنا ويندا آهن. پاڪستان رائيٽر گلڊ جو پهريون جنرل سيڪريٽري قدرت الله شهاب سيپٽمبر 1959ع تي منتخب ٿيو؛ جنوري 1967ع تي جميل الدين عالي؛ نومبر 1975ع تي محمد طفيل؛ آڪٽوبر 1982ع ۾ سيد رسول رساڻي جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. هن اداري شيخ اياز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’ڀونئر ڀري آڪاس‘، 1964ع ۾ ڇپايو هو، جنهن تي ايوبي مارشل لا دؤر ۾ بندش وِڌي وئي هئي.


لفظ پاڪستان رائٽرز گلڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو