ٽڪرا ٽٽل صليب جا

ٽڪرا ٽٽل صليب جا

ٽڪرا ٽٽل صليب جا

ٽڪرا ٽٽل صليب جا (ڪتاب ):هي ڪتاب ناليواري شاعر شيخ اياز جي نثري شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران زيب سنڌيءَ نومبر 1984ع ۾ شايع ڪيو. ڊيمي سائيز جي 110 صفحن تي مشتمل پهرئين ڇاپي جي قيمت 35 روپيا هئي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، اياز جي ٻئي هڪ ڪتاب ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ سان گڏيل صورت ۾، ڊيمي سائيز جي 266 صفحن تي مشتمل، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1991ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي ڪچي جلد جي قيمت 60 روپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 80 روپيا آهي.
پهرئين ڇاپي ۾ ”ڳالهيون“ عنوان سان زيب سنڌيءَ لکيو آهي ته ”شيخ اياز جا ڪيترائي نوٽبڪ آهن، جن ۾ هن جي مطالعي ۽ مشاهدي جا نوٽ ورتل آهن، جن مان اڪثر نظري نظم جي صورت ۾ آهن. انهن مان ڪن ٽڪرن کي مجموعي تاثر نظم جو آهي، ۽ ڪي هن جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جو مختصر لفظن ۾ نچوڙ آهن.
ٻئي گڏيل ڇاپي جو انتساب، شيخ اياز پنهنجي پياري دوست مرحوم ع. ق. شيخ جي نالي ڪندي هيٺيون شعر ڏنو آهي:
”شال سڀاڻي جهول ڀري،
جي به لُريءَ ۾ لوچي ويا،
تن کي ڪوئي ياد ڪري!“
هن جا ٻه اکر لکندي، شيخ اياز لکي ٿو ته: ”منهنجا نثري نظم جا ڪل ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ’پور ڪري'>پتڻ ٿو پور ڪري‘، ’صليب جا'>ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘، ۽ ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ (جنهن ۾ ڪجهه منظوم نظم به آهن).
دراصل ٽنهي ڪتابن ۾ ڏنل نثري نظم، منهنجن ڪيترن نوٽبڪن تان ورتل آهن، جن ۾ مان پنهنجي مطالعي کان پوءِ ناول، ڪهاڻين، شاعريءَ ۽ ٻين ڪتابن تان ڪجهه ٽڪرا نوٽ ڪري ڇڏيندو هوس ۽ نوٽ ڪندي ڪنهن مهل پنهنجا ڪيئي اصل نثري نظم به ساڳين نوٽبڪن ۾ لکي ڇڏيندو هوس. ترجمي وارن ٽڪرن تي ڪٿي اصلي مصنفن جا نالا ڏنل هوندا هئا. ”صليب جا'>ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ ۾ شامل منهنجي منظوم شاعريءَ ۾ ته هڪ سٽ به ترجمو نه آهي.... ڪجهه سٽن ۾ منهنجي نوٽبڪن جا ترجما اچي ويا آهن.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو