داخلا ؛ 6502
پڙهيو ويو ؛ 422
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-09


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٽيڪنالاجي

ٽائيٽل ؛ ٽيڪنالاجي


شاخ : سائنس

ٽيڪنالاجي (Technology ):علمي مقصدن جي لاءِ، انساني ماحول ۾ ڦير گهير ۾ ڪتب ايندڙ علم کي ”ٽيڪنالاجي“ چئجي ٿو. هنر، ڪاريگريون (Technics) ۽ اهي ذريعا، جيڪي انساني زندگيءَ کي آسان بنائين ٿا، ’ٽيڪنالاجي‘ چورائين ٿا. سائنس جو قدرتي ڏيکن ۽ شين سان ”ڪيئن، ڇو ۽ ڇا“ جو تعلق تمام گهڻو آهي، -ٽيڪنالاجي- ۾ گهڻو ڌيان شين جي ظاهري طرح موجودگيءَ تي ڏنو ويندو آهي. -تاريخ- کان اڳ واري زماني ۾ -انسان- جيئن ئي -اوزار- استعمال ڪرڻ سکيو ته -ٽيڪنالاجي- وجود ۾ آئي. هزارن سالن تائين ٽيڪنالاجي، دستڪاري ۽ -پٿر- مان -اوزار- ٺاهڻ جي استعمال تائين محدود رهي. انهيءَ ميدان ۾ وڏي ترقي، -ان- وقت ٿي، جڏهن انساني محنت جي متبادل مشينون ٺهڻ شروع ٿيون، تڏهن کان هن وقت تائين، ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن -ترقي- -جاري- آهي، -جتي- سائنس جا اصول، ٽيڪنالاجيءَ ذريعي معمول جي زندگيءَ ۾ عملي طرح لاڳو ٿيڻ لڳا، اتي ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٿيندڙ ترقي، سائنسي -تحقيق- کي وڌيڪ جديد -اوزار- مهيا ڪري ڏنا. سائنس ۽ -ٽيڪنالاجي- جو هڪ ٻئي ڳانڍاپي جو عمل هڪ تسلسل آهي، جيڪو -انسان- جي زندگيءَ کي اڻ ڳڻين پاسن کان متاثر ڪندو رهيو آهي. اڄ جي مصروف ۽ هنگامي واري زندگيءَ ۾ بنيادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٿيندڙ ترقيءَ جي شرح ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي وڌيل آهي، جيتوڻيڪ -ان- جا ناڪاري نتيجا ماحولياتي گدلاڻ موتمار هٿيارن جي شڪل ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن.
اوائلي پٿرن جي زماني (Paleolithic Age) ۾ -انسان- پهريون ڀيرو ننڍن پٿرن کي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن -ان- مان مخصوص قسم جو ڪم وٺي سگهي. اندازو آهي ته سڀ کان -اول- -پٿر- جي ڪهاڙي ٺاهي وئي هوندي. -ان- بعد -پٿر- جي نوڪدار ٽڪڙن جي چوٽين کي نيزي جي شڪل ڏني وئي هوندي. -ان- بعد -پٿر- جي ڇري، -پٿر- جي سُئي ٺاهي وئي هوندي. انهن اوزان سان -انسان- کي غذا ۽ غارن ۾ پناهه حآصل ڪرڻ ۾ مدد ملي.
لڳ ڀڳ 20 هزار سال اڳ روءِ زمين مان -برف- پگهرجڻ شروع ٿي ته ڍنڍون، نديون ۽ جهنگ ٺهڻ شروع ٿيا. -انسان- غارن مان نڪتو، ٻيڙيون ۽ -تير ڪمان- ايجاد ٿيا، مڇين ۽ ٻين جانورن جو شڪار ٿيڻ لڳو. وڻن کي ڪٽي گهر ٺاهيا ويا. پر انجنيئرنگ ۽ -ٽيڪنالاجي- فن ۾ پهريون -انقلاب- لڳ ڀڳ 8 هزار سال اڳ موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن زراعت جي شروعات ٿي. جنهن ڪري -انسان- ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ وستين ۾ رهڻ لڳو ۽ جانورن کي پالڻ جي شروعات ڪيائين. اٽڪل ٽي هزار سال ق. م تائين وڏين وستين ۽ شهرن جي ابتدا ٿي چڪي هئي. مختلف ضرورتن ۽ سهولتن تحت اهو تمدن، ندين جي ڪناري وجود ۾ آيو ۽ سڀ کان پهريان فني -ترقي- نيل وادي (مصر) ۾ ٿي. -جتي- نيل درياهه جي ٻوڏن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رهواسين جو گڏيل سهڪار درڪار هو.
تمدن جو ٻيو مرڪز -بابل- به هو، جيڪو دجله ۽ فرات درياهه جي ڪناري يعني عراق ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سنڌ ۾ نظر اچي ٿو. دجله ۽ فرات وارين وادين جي ماڻهن ڦيٿو ايجاد ڪيو. پهريون ڀيرو ڦيٿو، ڪاٺ جو ٺهيل هو (سنڌ ۾ ڦيٿو اڄ به ڪاٺ جو ٺهي ٿو). -ان- بعد يوناني جو عروج شروع ٿيو. انهن جو ڌيان عملي ڪاروبار کان وڌيڪ علم ۽ سائنس جي اصولن طرف هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته سائنسي نظريي جا بنياد رکندڙ اهي ئي ماڻهو هئا. عملي استعمال جي لاءِ هنن ساديون مشيون (Wedge)، -بيرم- (Lever)، چرخي ۽ لوهي سيخ جي خاصيتن جو خاص تجزيو ڪيو. ارشميدس (Archimedes) ۽ هيرو (Hero) طبعيات ۽ رياضي جي عملي استعمال لاءِ مشهور آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽيڪنالاجي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽيڪنالاجي - مان نڪتل ٻيون شاخون-
اي ميل


سائنس - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آب پيما
آبدوز
آبدوز شڪن
آب شمار
بارود
بجلي
انفرميشن ٽيڪنالاجي
اڻ لڀ گئسون
اولڙو
توانائي
تعليم
تابڪاري
ٽيڪنالاجي
ٽيلي مواصلات
ٽيلي ميٽري
تاريخ


.....سائنس موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن