داخلا ؛ 6513
پڙهيو ويو ؛ 256
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-13


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٽيلي ميٽري

ٽائيٽل ؛ ٽيلي ميٽري


شاخ : سائنس

ٽيلي ميٽري (Telemetery ): -ٽيلي ميٽري- ڪميونيڪيشن،رابطي جو هڪ خودڪار عمل آهي. هن ۾ پري پري يا پهچ کان ٻاهر هنڌن تي موجود اوزارن سان انگ اکر وٺي، -ان- کي ماپ، مانيٽرنگ، نمائش يا رڪارڊنگ جي لاءِ لاڳاپيل اوزارن تائين پهچايو وڃي ٿو. اهو رابطو -تار- جي ذريعي به ٿئي ٿو، پر گهڻو ڪري ريڊيائي لهرون استعمال ٿين ٿيون. هي طريقو گهڻو ڪري آئل پائيپ لائين جي نگراني، بحري مطالعي ۽ موسمياتي مشاهدن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن طريقي جي شروعات 1960ع واري ڏهاڪي ۾ مصنوعي سيارن -تان- ايندڙ معلومات کي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن سان ٿي ۽ تڏهن کان هن جي ڪارڪردگي ۽ لاڳو ٿيندڙ دائري ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. -ان- جو صنعتي استعمال ڪيترن ئي هنڌن تي ٿئي ٿو. مثال طور، ڪم دوران اندران تمام گهڻين گرم مشينن ۽ اسٽيم ٽربائن جي فعال حصن جي ڪارڪردگيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ئي طريقو استعمال ڪيو وڃي ٿو. بنا پائليٽ جي جهاز اڏائڻ ۾ پڻ هن -ٽيڪنالاجي- جو وڏو هٿ آهي. انتهائي تابڪار ماحول ۾ مختلف ڪمن جي سرانجام ڏيڻ جو گهڻو تڻو ڪم هن نظام وسيلي ٿئي ٿو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽيلي ميٽري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽيلي ميٽري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنس - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آب پيما
آبدوز
آبدوز شڪن
آب شمار
بارود
بجلي
انفرميشن ٽيڪنالاجي
اڻ لڀ گئسون
اولڙو
توانائي
تعليم
تابڪاري
ٽيڪنالاجي
ٽيلي مواصلات
ٽيلي ميٽري
تاريخ


.....سائنس موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن