داخلا ؛ 6126
پڙهيو ويو ؛ 593
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-04-15

تصويرون

toope.gif
ٽوپي
ٽوپي

toope2.gif

toope3.gif

ٽائيم لائين

sindhianaسنڌيانا--ٽوپي

ٽائيٽل ؛ ٽوپي

شاخ : ثقافت

ٽوپي: قومن جي -ثقافت- سندن ريتن، رسمن ۽ لباس مان سڃاتي ويندي آهي. لباس هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي ڏسڻ سان ئي سمجهي وڃبو آهي ته هي ڪهڙي علائقي يا قوم جو ماڻهو آهي. سنڌي -ٽوپي- به سنڌي -ثقافت- جو هڪ حصو بڻجي چڪي آهي. اڄڪلهه سنڌي ماڻهو ۽ خاص طور نوجوان طبقو -ٽوپي- پائڻ جو شائق آهي. شاديءَ جي وقت -ٽوپي- سنڌي ڳاني ۽ ڇلو سنڌي گهوٽ لاءِ لازمي سينگار سمجهيا وڃن ٿا. -ٽوپي- جو سنڌي لوڪ ادب، ثقافت، -تهذيب- ۽ ريتن رسمن ۾ وڏو عمل دخل ٿي چڪو آهي. شاديءَ توڙي ٻين خوشي جي موقعن تي عورتون -ان- بابت سهرا ۽ ڳيچ ڳائينديون آهن. ٽوپيءَ جو فن ايتري قدر -ترقي- ڪري چڪو آهي ۽ ايترو مقبول ٿي چڪو آهي، جو مشرق وسطيٰ ۽ يورپي ملڪن ڏانهن يا ٻين قومن جي دوستن يارن لاءِ سوکڙيءَ طور موڪليو وڃي ٿو. ٽوپيءَ جي قيمت جو مدار -ان- جي بناوت تي آهي.
هڪ روايت موجب سنڌ ۾ جڏهن -بلوچ- قومن جي آمد ٿي ۽ سنڌي ۽ بلوچي تهذيبن جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ٿيو ته ڪيترين ڳالهين ۽ ريتن رسمن جي ڏي وٺ کان سواءِ سنڌي لباس ۾ جيڪا بلوچن کان نئين ڳالهه آئي، سا -ٽوپي- هئي، پر -بلوچ- اڪثر -ٽاٽ- واري سخت -ٽوپي- پهريندا هئا، سنڌ ۾ وري نرم -ٽوپي- پسند ڪئي ويندي هئي. شروع ۾ سنڌي ماڻهو -ٽوپ- ڪو نه پائيندا هئا، پر مٿي تي ڪو ڪپڙو -پٽڪي- جي صورت ۾ ٻڌندا هئا. -ان- وقت هر سنڌي ماڻهوءَ لاءِ مٿو ڍڪڻ لازمي هوندو هو، جو سنڌي -تهذيب- ۾ مٿي اگهاڙي ماڻهوءَ کي چڱو نه سمجهيو ويندو هو. -ان- زماني ۾ -پٽڪي- کان علاوه ماڻهو ٽوپيون به پائيندا هئا. اهي ٽوپيون گهڻو ڪري ٻن قسمن جون هونديون هيون. انهن مان پهرئين قسم جون ٽوپيون، جيڪي صرف شڪارپور ۾ ٺهنديون هيون ۽ اڄ تائين ٺاهيون وڃن ٿيون. اڇي ڪپڙي جون ٺهيل هونديون هيون، اهي ٽوپيون ڪپڙي جا ٻه تهه پاڻ ۾ ملائي، انهن جي اندران رليءَ وانگر ڀراءُ وجهي ٺاهيون وينديون هيون. انهن ٽوپين کي محراب وغيره ڪو نه هوندو هو، پر پوريون گول هونديون هيون. اهي ٽوپيون اڪثر ڪري شرفاءِ ۽ نمازي پائيندا هئا. سنڌ ۾ ٻئي قسم جون ٽوپيون هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ڪثرت سان ۽ هاڻي ڪٿي ڪٿي استعمال ٿين ٿيون. اهي ٽوپيون هندو ۽ مسلمان ٻئي پائيندا هئا. اهي ٽوپيون گهڻو ڪري اڇي ڪپڙي جي تهن جون ٺهيل هونديون هيون، پر موجوده ٽوپين وانگر انهن تي ريشم ۽ زريءَ جي گلڪاري ٿيل هوندي هئي. ڪن ٽوپين تي ٽڪون به لڳايون وينديون هيون ۽ ڪن ٽوپين تي مٿان وچ تي ڦندڻ وانگر گل لڳل هوندو هو. هن وقت سنڌي -ٽوپي- جي سنڌي لباس ۾ مڃيل حيثيت ۽ اعليٰ مقام آهي. هن وقت جيڪا -ٽوپي- عام -جام- ڏٺي وڃي ٿي ۽ سنڌي توڙي -بلوچ- قومن جا ماڻهو، بنا -پٽڪي- جي پائن ٿا انهن جي اها -ٽين- صورت آهي. ائين کڻي چئجي ته سنڌ ۾ -ٽوپ- سازيءَ جو موجوده دور ٽيون دور آهي. انهن ٽنهي دورن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
پَٽ: برصغير هندوستان ۾ جڏهن سنڌ -بمبئي- پرڳڻي سان ڳنڍيل هئي، -ان- زماني ۾ سنڌ ۾ ڪشمير کان هڪ قسم جو اوچو ۽ قيمتي ريشيدار پٽ يا ريشم جدا جدا رنگن ۾ وڪري لاءِ ايندو هو. -ان- ريشم مان تمام گهڻا -ٽوپ- ٺاهيا ويندا هئا ۽ انهن ۾ ڪاوا (ٽڪون) يا ستارون جڙيون وينديون هيون. اهو -ٽوپ- جو پهريون دور ليکيو وڃي ٿو. -ان- دور ۾ -ٽوپ- نرم ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو هو ۽ ريشمي ڌاڳي سان ٽڪون جڙيون وينديون هيون. -ٽوپ- جو محراب اڌ گول ڪٽيل هوندو هو ۽ -ان- -ٽوپ- جي مٿان سنڌي ماڻهو -پٽڪو- ٻڌندا هئا، جيڪو -پٽڪي- جي پوري وچ مان ٻاهر نڪتل هوندو هو. عام حالتن ۾ ته -ٽوپ- جو اهو نمونو هينئر ختم ٿي ويو آهي. پر -پٽڪو- پائيندڙ ماڻهو اڃا تائين -ان- نموني جو -ٽوپ- استعمال ڪن ٿا.
سُرمي وارو دور: -ٽوپ- جي صنعت يا ڪاريگريءَ ۾ ٻيو موڙ اهو آيو جڏهن ڪاون يا ٽڪن بدران چمڪ لاءِ سرمو استعمال ٿيڻ لڳو، -ٽوپي- ڪنهن سٺي ريشمي ڪپڙي مٿان جيڪو اڪثر ڪري ڪاري رنگ جو هوندو هو، سرمي جي رنگدار لڙهين کي وڏي فن ۽ مهارت سان اهڙي نموني جوڙي ٺاهي ويندي هئي جو مٿي تي پائڻ سان اهو -ٽوپ- اُس جي ڪرڻن پوڻ ڪري ڪنهن -تاج- وانگر چمڪندو هيو.
زريءَ ۽ سيم وارو موجوده دور: هي دور، ٽوپ/ ٽوپيءَ جي فن جو ٽيون يا موجوده دور ليکيو وڃي ٿو. هاڻي ٽوپين تي مختلف رنگن جهڙوڪ سائي، ڳاڙهي، سونهري يا سفيد زريءَ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. -ان- زريءَ وسيلي ٽوپيءَ تي مختلف ڊزائينون تيار ڪيون وڃن ٿيون، -جن- ۾ گول، اڌ گول، چورس. مستطيل، پان، ڪنڊون، پن، گل ۽ ٻيا نقش اڀاريا وڃن ٿا. هن ٽوپيءَ جو چِندو توڙي ڀت ڪپڙي جي -ٽن- يا چئن حصن کي ملائي، -ان- ۾ اندر پلاسٽڪ يا بڪرم وجهي تمام سخت ڪري ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ انهن جي مٿان زريءَ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن قسم جي ٽوپين ۾ ريشم استعمال نه ٿيندو آهي. موجوده دور جي ٽوپين ۾ اهي ٽوپيون به اچي وڃن ٿيون، جيڪي ريگزن يا چمڙي مٿان رنگين يا سفيد سيم جي جڙاوت يا ڀرائيءَ وسيلي ٺاهيون وڃن ٿيون. سيم جي ڀرت کان پوءِ باقي رهيل حصن يا خانن ۾ زريءَ جو ڀرت استعمال نه ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ ٽوپين جي هنر لاءِ ڪي الڳ صنعتون يا ڪارخانا قائم ٿيل نه آهن، پر اهو ڪم ورثي طور گهرن ۾ هلندو اچي ٿو. سنڌي عورتون يا -بلوچ-
عورتون پنهنجن گهرن ۾ اهو ڪم ڪن ٿيون -ان- ڪم ۾ اهي عورتون ايڏي مهارت رکن ٿيون، جو ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي. ٽوپيءَ تي جنهن نموني ڀرت جو ڪم ريشمي ڌاڳي يا زريءَ سان ڪن ٿيون، يا -ان- ۾ ٽڪون جڙين ٿيون، انهن کي ڏسي اعتبار ئي ڪو نه ايندو ته ڪي گهرو ۽ اڻ پڙهيل عورتون صرف سئي ۽ سڳي جي مدد سان اهڙو ڪم ڪري سگهن ٿيون. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ٻهراڙيءَ جون عورتون گهرو ڪم ڪار کان فارغ ٿي، واندڪائيءَ جي وقت ۾ مختلف نمونن جون ٽوپيون ٺاهينديون آهن، اڳي اهو ڪم پنهنجن مردن يا ٻارن لاءِ ڪنديون هيون، پر هينئر جڏهن سنڌ ۾ -ٽوپي- عام ٿي وئي آهي ۽ اڪثر پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل ماڻهو پوءِ اهو -بلوچ- هجي يا سماٽ ذاتين مان -ٽوپي- -پائي- ٿو ۽ -ان- جي گهرج تمام وڌي وئي آهي، تنهن ڪري عورتون هاڻي وڪڻڻ لاءِ ٽوپيون ٺاهين ٿيون.
شهرن ۾ سنڌي هنرن جهڙوڪ رلين، ٽوپين، اجرڪن ۽ گجن وغيره جا وڏا وڏا دڪان کلي پيا آهن، -جتي- ٻهراڙيءَ جي عورتن جا ٺهيل ۽ گهرو هنر جا فن پارا خريد ڪري سگهجن ٿا. اڄوڪي دور ۾ -ٽوپي- پائڻ فيشن ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي خاص نشاني ٿي پيو آهي. ملڪ جي ڪهڙي به حصي ۾ ماڻهو -ٽوپي- -پائي- ويندو ته هڪدم کيس سڃاڻي وٺبو ته هي سنڌي آهي.
سنڌي ٽوپيءَ جي بناوٽ ۽ اهميت: پهرين دور ۾ سنڌي -ٽوپي- به موجوده دور واري -ٽوپي- وانگر هوندي هئي. فرق صرف اهو هو ته اڳي ٽوپيءَ جي آڏو وارو ڪٽيل ٽِڪنڊو، جنهن کي محراب سڏبو آهي. سو -ٽڪنڊي- جي بدران اڌ گول ڪٽيل هوندو هو. باقي ٻنهي دورن ۾ محراب -ٽڪنڊي- وانگر ڪٽيل ٿئي ٿو. محراب ۾ ٽي ڪنڊون ٿينديون آهن، -جن- مان ٻه لوندڙين وٽ ۽ هڪ نرڙ جي پوري وچ تي هوندي آهي.
ٽوپيءَ ۾ گول ڀت ٿيندي آهي، جنهن ۾ اڳيان محراب ڪٽيل هوندو آهي. -ٽوپي- جي ڇت کي ”چندو“ چئبو آهي. -ٽوپي- جي گول ڀت مٿان اهو چندو ڳنڍيو ويندو آهي ڀت کي محراب وانگر ڪٽي -ان- کي مختلف ڊزائين تي، ريشم، زريءَ يا سيم سان ڀريو ويندو آهي. -ان- کان پوءِ ٽوپيءَ جو چندو ڀري، ڀت سان ٽوپيو ويندو هو، جنهن ڪري -ٽوپي- نرم رهندي هئي ۽ مٿانئس -پٽڪو- سولائيءَ سان -ٻڌي- سگهبو هو. هاڻي ٽوپيءَ ۾ اندر ريگزن يا بُڪرم استعمال ڪيو وڃي ٿو ته جيئن -ٽوپي- سخت ۽ کڙي تڙي ٿي بيهي.
ٽوپ ۽ ٽوپيون مختلف نمونن جا ٺهيل ٿين ٿا. گهڻو ڪري هر ٽوپي، ٻيءَ ٽوپيءَ کان نموني ۾ مختلف ٿيندي آهي. جيئن ته ٽوپيون مختلف ڳوٺن ۽ مختلف گهرن ۾ ٺهن ٿيون، تنهن ڪري انهن جو نمونو ساڳيو، پر ڊازئينون مختلف ٿين ٿيون. انهن مان خاص گولڙي، چوڪڙي، لرزن تي، -پان- ڇاپ ۽ گلن واريون ڊزائينون آهن. سنڌي -ٽوپي- هونئن ته لباس جو هڪ اهم جز آهي ۽ -ان- کانسواءِ لباس اڻ پورو ليکيو وڃي ٿو، پر -ان- جي جيڪا خاص اهميت آهي ۽ جيڪا کيس ٻين قسمن جي مٿي ڍڪڻ وارين شين کان ممتاز ڪري ٿي. سا آهي سندس محراب وارو حصو، محراب جي ڪري نرڙ وارو حصو خالي رهي ٿو، جنهن ڪري چهري جي خوبصورتي به وڌي ٿي ۽ نمازين کي نماز پڙهڻ ۾ به آساني ٿئي ٿي. ٻئي ڪنهن به قسم جي ٽوپيءَ ۾ اها خاصيت موجود نه آهي.
ٽوپيءَ جي هنر جا خاص مرڪز: -ٽوپ- سازي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو خاص فن آهي ۽ ڳوٺاڻيون عورتون اهو ڪم نفاست سان ڪنديون آهن، تنهن ڪري ٽوپيون سنڌ جي تمام گهڻن ڳوٺن ۾ ٺاهيون وڃن ٿيون، پر سنڌ جا جيڪي ڳوٺ يا ننڍا شهر هن فن جي ڪري مشهور آهن. سي آهن ضلعي جيڪب -آباد- جو -تعلقو- ڳڙهي خيرو ۽ ميرپور ٻرڙو، -ان- کانسواءِ ڪنڌڪوٽ، غوثپور، ٺل، ضلعي سکر ۾ پنوعاقل، ڪنڌرا، گهوٽڪيءَ ۾ ڏهرڪي، خانپور مهر ۽ شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جو هڪ ڳوٺ ڇُٽي ڊٻ. لاڙڪاڻي ضلعي جا تعلقا ميرو خان، شهدادڪوٽ، قمبر، رتوديرو ۽ مٽياري ضلعي ۾ هالا، نيوسعيد -آباد- وغيره به هن فن سبب ڪافي مشهور آهن. -ان- کان سواءِ دادو ضلعي جي ڪن ڳوٺن ۾ به هي فن تمام گهڻو آهي. مطلب ته ڪثير يا محدود تعداد ۾ -ٽوپي- سازيءَ جو فن سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي.
تازو 6 ڊسمبر 2009ع تي سڄي سنڌ سميت دنيا ۾ رهندڙ سنڌين، سنڌي ٽوپيءَ جو ڏهاڙو شاندار نموني سان ملهايو، جنهن تحت هنڌين ماڳين رهندڙ ماڻهن سنڌي ٽوپيون، -اجرڪ- ۽ ثقافتي لباس پهري خوشيون ملهايون ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيون. چيو وڃي ٿو ته اهو ڏهاڙو هر سال ملهايو ويندو.

رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽوپي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽوپي - مان نڪتل ٻيون شاخون-
تاج
ٽوپلو

ثقافت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
ٻولي
اجرڪ
ثقافت کاتو پاڪستان
ثقافت کاتو سنڌ
ترڪي ٽوپي
تهذيب
ٽوپي

.....ثقافت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن