ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي

ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي: ليکڪ ۽ شاعر، ٽهل ايسرداس ڪيسواڻيءَ 27 مارچ 1931ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. ايس. ايس. سي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي هڪ ليکڪ ۽ شاعر طور متعارف ڪرايائين. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ ڪوِتائون ڇپيل آهن. ”نيلم“ نالي هڪ ماهوار مخزن به جاري ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر به رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.03.27  عيسوي

ٽهل ايسرداس ڪيسواڻيءَ 27 مارچ 1931ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آذر زوبي
ٽوانا
راحت ڪاظمي
شاهه حسن مرزا ارغون
حسين ساريو
عبدالعزيز ٻرڙو انجنيئر
پيرل پرديسي سيتائي
ڀڳونتي ناواڻي
قاسم پٿر
رام بخشاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون