ٽلٽي

ٽلٽي: دادو ضلعي ( هاڻي ڄامشوري ) جو هيءُ قديم تاريخي ڳوٺ ۽ شهر ، قديم دور ۾ سنڌو درياهه ڀرسان هو . انهيءَ پراڻي شهر جا کنڊر ، اڄ تائين دڙن جي صورت ۾ موجود آهن . درياهه جي ڇڏيل پيٽ ۾ ڍنڍون ٺهي پيون آهن ، جن مان ڪاري ڍنڍ ، بخاري ڍنڍ ۽ شاهه ڳڙهه ڍنڍ اڄ به موجود آهن .
سمن جي دور جي مشهور علمي ۽ قومي شخصيت مخدوم بلاول جو تعلق به هن ئي شهر سان هو . جڏهن سنڌ جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ تي ارغونن جو حملو ٿيو ، تڏهن مخدوم بلاول ارغونن کي للڪاريو . اهوئي سبب آهي ، جو ارغونن کيس گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرايو . آڳاٽي وقت ۾ ٽلٽي ، وڏو درياهي پتڻ هو . سمن جي دور ۾ هي شهر واپاري شهر هو . شاهه بيگ ارغون جي زماني ۾ ٽلٽيءَ ۾ ٻه جنگيون لڳيون ، پهرين جنگ شاهه حسن ارغون ( شاهه بيگ ارغون جي پٽ ) سان ٿي ، جنهن ۾ هُن هارايو . پوءِ جلد ئي ان جنگ جي بدلي وٺڻ لاءِ شاهه بيگ ارغون ، ارغونن ۽ ترخانن جي وڏي فوج وٺي ، درياهه ۾ ٻيڙين رستي ٽلٽي پتڻ تي پهتو . شاهه حسن ارغون ، جيڪو هارايل لشڪر وٺي ڳاها طرف وڃي رهيو هو ، اهو سيوهڻ مان مير فاضل ڪوڪلتاش جي اڳواڻيءَ ۾ تازو لشڪر وٺي ٽلٽيءَ پهتو . ٽلٽيءَ جي چوڌاري شاهه بيگ ارغون حملو ڪرايو ، اها جنگ 9 اپريل 1520ع تي وڙهي وئي ، جنهن ۾ ٿر جا سوڍا ، راڻو رڻمل ، جوڌا سنگهه ، ساهتيءَ جا سهتا ۽ ٻيا ڪيترائي سورهيه شهيد ٿي ويا . دولهه درياهه خان جا ٻه پٽ مٺڻ خان ۽ محمود خان به هن جنگ ۾ شهيد ٿيا . محب وطن بزرگ مخدوم بلاول ٽلٽيءَ جي مجاهدن جي ڀرپور مدد ۽ حمايت ڪئي ، جنهنڪري کيس بغاوت جو مجرم قرار ڏئي ارغونن پاران شهيد ڪيو ويو . ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول جي مشهور درسگاهه هئي ، جنهن ۾ هُن ديس واسين کي ، قرآن شريف ، تفسير ، حديث ، فقه ، شريعت ۽ جهاد جي موضوعن کان روشناس ڪرايو . سندس درسگاهه ظاهري علم جي پالوٽ سان گڏ ، روحاني فيض جو به وڏو مرڪز هئي . ٽلٽي شمس العلماءَ عمر بن محمد دائودپوٽي جو اباڻو ڳوٺ به آهي .
ٽلٽي ، تعلقي سيوهڻ جي هڪ ديهه پڻ آهي ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
غلام محمد سولنگي ، سلطان ٻرڙو ، امام بخش جي مياڻي ، غلام محمد جي مياڻي ، احمد مياڻي ، مٺو حاجاڻو ، ميرجت ، ٽلٽي ، گدا جت ۽ خان محمد گاڏهي .


لفظ ٽلٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو