ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر

ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي پهرين جنوري 1954ع تي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو مراد علي ٻگهيو آهي. پرائمري تعليم باڊهه مان، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي. اي ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. 1978ع ۾ ايل. ايل. بي ڪري بعد ۾ ايم. اي (صحافت) جي ڊگري به حاصل ڪيائين. 1977ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو، جتان اڳتي هلي سنڌي شعبي جو چيئرمئن به بڻيو. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي 1994ع ۾ ايسيڪس يونيورسٽيءَ (Essex University) (انگلينڊ) مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس مقالي جو عنوان هو ”شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جو سماجي لسانياتي تقابلي مطالعو“. هن وقت هُو سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف آرٽس جو ڊين آهي. ان کان اڳ آگسٽ 2001ع کان فيبروري 2005ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمئن به رهي چڪو آهي .
سندس لکيل ۽ سهيڙيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. ’مرزا قليج بيگ‘ (سنڌالاجيءَ پاران 1988ع ۾ ٻارن لاءِ تيار ڪيل ڪتابچو)، 2. ’مقالا‘ (1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ڪانفرنس جا سهيڙيل مقالا)، 3. ’نرتي تند نياز سين‘ (لطيفات جي موضوع تي ترتيب ڏنل مقالا: 1988ع)، 4. ’ڪلچرل هيريٽيج آف سنڌ‘ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ ترتيب ڏنل)، 5. سنڌي ٻولي لسانيات کان سماجي لسانيات تائين‘ (1998ع). ان کان علاوه هن ٻوليءَ، سماجي لسانيات ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترا مضمون ۽ مقالا لکي شايع ڪرايا آهن. هن گذريل ٻن سالن کان شيخ اياز بابت يونيورسٽيءَ ۾ ڪانفرنسون ڪرايون آهن. ان موقعي تي پڙهيل مقالن جا ڪتاب به ڇپايا اٿس. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو هن وقت سنڌ يونيورسٽي پاران قائم ٿيل مرزا قليچ بيگ چيئر جو ڊائريڪٽر پڻ آهي، پاڻ ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.01.01  عيسوي

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي پهرين جنوري 1954ع تي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


1994.00.00  عيسوي

ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي 1994ع ۾ ايسيڪس يونيورسٽيءَ (Essex University) (انگلينڊ) مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجو خمره
اشرف بلوچ 2
رامسي تلسي
جگجيت سنگهه
زبيده قادري آپا
آر اي ڪارسن
ڄام صلاح الدين سمو
احمد جي چاڳلا
جلال الدين سيوطي
جيسپرز ڪارل ٿيوڊور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون