ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو

ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو

ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر

ٻگهيو، عزيز الرحمان، ڊاڪٽر: عزيز الرحمان ضلعي لاڙڪاڻي، لڳ موهن جي دڙي ڳوٺ ڪاراڻيءَ ۾ 28 فيبروري 1931ع ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. ست درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ 1945ع ۾ لاڙڪاڻي ويو، جتي 1952ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. 1956ع ۾ سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج مان بي. اي ۽ 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان عربيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. پڙهائيءَ دوران سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون لکندو رهيو ۽ پڙهائيءَ جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ ”نئين سنڌ“، ”مهراڻ“ ۽ ”نواءِ سنڌ“ روزاني اخبارن ۾ به ڪم ڪيائين. مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي همت افزائيءَ سبب ماهوار ”نئين زندگيءَ“ ۾ لکندو رهيو. ادبي دنيا ۾ مرحوم شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي کان گهڻو متاثر هو. پاڻ حڪومت پاڪستان جي انفرميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هئڻ سبب ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ مقالو لکي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي سنَدِ ورتائين. سندس مقالو ڪتابي صورت ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ 1988ع ۾ ڇپايو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو