ٻڍل فقير

ٻُڍل فقير/ ٻڍڙو فقير: ٻڍڙو فقير عرف ٻڍل سائينءَ جي درگاهه شڪارپور کان پنجن ميلن ۽ سلطان ڪوٽ ريلوي اسٽيشن کان اٽڪل ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ٻنهي شهرن جي وچ ۾ چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ تي، انجنيري ڏهين ميل وٽ ٽه پُليءَ جي ويجهو هڪ درگاهه ڳوٺ بخشي انڙ ۾ آهي. اُتي فقير طبيعت ميان عبدالواسع رهندو ھو، جنهن جي گهر ۾ ٻڍل فقير 1865ع ۾ ڄائو. ھن ڪا خاص تعليم حاصل ڪا نه ڪئي. مال چاريائين، جھنگ جي ماحول ۾ پليو ۽ اتي ئي ولين جو واس ماڻي جوان ٿيو. فقيريءَ ڏانھن لاڙو ھئس. صوفي درويشن جو ڪلام سڪ ۽ سوز سان ڳائيندو ھو. سچل سائينءَ سان خاص عشق ھوندو ھئس. ننڍي ھوندي کان ئي مستانو ھوندو ھو، ان ڪري ڳوٺ جا ماڻھو کيس ”ڏاوڻ“ فقير ۽ ”کاٻڙ“ به چوندا ھئا. پاڻ ڪافي ڪلام چيو اٿس، جيڪو تصوف ۽ عشقيه رنگ ۾ رچيل آھي، سندس ڪلام سنڌي کان علاوه سرائڪي زبان ۾ به آھي. ھن پنھنجي ڪلام ۾ سنڌ جي لوڪ ڪھاڻين کي خاص موضوع بڻايو آھي. فقير صاحب جو مسلڪ ۽ طريقو قادري ھو. سندس مسلڪ جو اظھار ھن ڪلام مان ٿئي ٿو ته:
نا مين سني، نا مين شيعا، نا مين مسلمان،
عشق اسان ڏا ڪعبا قبله، عشق دا عالي مقام!
ٻڍل فقير مستانائيءَ جي عمر ۾ پهريون ڪلام هي ڳاتو هو:
عشق ٻُڍل کي ٻنڌڻن لاڪون،
ڇو محب ڍڪين منهن عجيب اسان کون،
روح رتو آ، تن هي توهان کون،
دم نه ٿجان ڌار، توڏي ٿا نهاريون.
ٻڍڙي فقير جي شادي 26، 27 سالن جي عمر ۾ سندس مرشد جي حڪم تي ٿي، کيس ٽي پٽ ۽ نياڻيون پيدا ٿيون. ھيءُ شاعر 27 شعبان 1358 ھ/ 12 آڪٽوبر 1939ع تي وفات ڪري ويو. هاڻي هيءُ ڳوٺ ”ٻڍڙي فقير جو ڳوٺ“ سڏبو آهي. ٻڍل فقير جي همعصرن ۾ عبدالغفور همايوني ”مفتون“ ۽ رکيل شاهه هئا .


لفظ ٻڍل فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.00.00  عيسوي

ٻڍل فقير 1865ع ۾ ڄائو.


1939.10.12  عيسوي

ٻڍل فقير 27 شعبان 1358 ھ/ 12 آڪٽوبر 1939ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصغر گوزائي
ڇَتو فقير سانگي
سيد حاجي محمد حافظ شاهه ٽکڙائي
منٺار سولنگي
الهورايو اُداسي بهڻ
رفيق امروٽي
ڀاون علي شاهه
صهبا اختر
سوامي ڪلاچند ڪلياڻ
بسنت ڪمار تياڳي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون