ٻڍل شاهه

ٻڍل شاهه

ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه

ٻُڍل شاهه ولد نواب شاهه: سيد ٻڍل شاهه ولد سيد ميان نواب شاهه مٽياري سيدن جي سنائي شاخ جي اميناڻي پاڙي مان هو. سندس جنم نواب شاهه ۾، 1894ع ڌاري ٿيو. ابتدائي تعليم مقامي اسڪول مان ورتائين. کيس سيد غلام حيدر شاهه نالي ڀاءُ به هو. هي ننڍائي هئا ته 1904ع ڌاري سندس والد وفات ڪري ويو. وٽن آباڻي زمينون هيون. نواب شاهه شهر لاءِ سندس والد سيد نواب شاهه پنهنجون زمينون مفت ۾ ڏنيون. اڳتي هلي هي ڳوٺ مان شهر ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر بنيو. هاڻي هن شهر جو نالو مٽائي شهيد بينظير آباد رکيو ويو آهي.
سيد ٻڍل شاهه جا آسپاس جي زميندارن سان دوستاڻا تعلقات هئا. هي پاڻ مڙس ماڻهو، مهل سر سنگت کي ڪم ايندڙ، بي ڊپو ۽ زماني شناس شخص هو. ضلعي لوڪلبورڊ جو ميمبر، تعلقي لوڪل بورڊ نواب شاهه جو پريزيڊنٽ ۽ 1 جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1942ع تائين نوابشاهه ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. سائين جي. ايم سيد سان سٺا تعلقات هئس، جڏهن سن ۾ 1924ع ڌاري مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ٿي هئي ته پنهنجي پاڙي جي سيدن سميت شرڪت ڪئي هئائين. 48 سالن جي عمر ۾ 22 جنوري 1942ع تي وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.00.00  عيسوي

ٻڍل شاهه جو جنم نواب شاهه ۾ 1894ع ڌاري ٿيو.


1940.07.01  عيسوي

1 جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1942ع تائين نوابشاهه ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو.


1942.01.22  عيسوي

ٻڍل شاهه 48 سالن جي عمر ۾ 22 جنوري 1942ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالصمد خان اچڪزئي
شيام جئسنگهاڻي
آغا وقار پٺاڻ
ممتاز علي ڀٽو
جلال الدين سرخ بخاري
ڄيٺملاڻي رام
جلال حجام سنڌي شيخ
سڪندر خان ملڪ
هري شوداساڻي
جنجهي نور احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون