ٻڍل شاهه بخاري

ٻُڍل شاهه بخاري: صوفي، درويش ۽ عالم سيد ٻڍل شاهه بخاري، ڳوٺ تنيا بقا شاهه جو رهواسي هو. هن جو شاهه عنايت جهوڪ وارن جي مسند سان محبت جو رستو هو، پر خاص لڳاءُ اجمير شريف واري بزرگ حضرت خواجه معين الدين چشتيءَ رحه جي درگاهه سان هو. سندس جنم 16 ربيع الاول 1313 هه مطابق 1895ع ۾ ٿيو. سيد ٻڍل شاهه سلسلي قادريه کان سواءِ چشتيه ۽ نقشبنديه سان پڻ شغف رکندڙ هو. سلسلي قادريه ۽ چشتيه ۾ مرشد کان خلافت جو خرقو به حاصل ڪيائين. ساري عمر سير سياحت ۾ گذاريائين. هندستان جي سڀني وڏن بزرگن سان صحبتون ۽ رهاڻيون ڪيائين. هر مذهب ۽ مشرب جي عالمن ۽ درويشن سان سندس قُرب ۽ اُنس رهيو. پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن خاموشيءَ ۽ خلوت نشينيءَ ۾ گذاريائين. هن بزرگ جا منٺار فقير راڄڙ، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين خان سانگي، غلام محمد شاهه ’گدا‘ ۽ خواجه حسن نظاميءَ سان ويجها تعلقات رهيا. طبي حوالي سان سندس دهليءَ جي حڪيم اجمل خان سان خط و ڪتابت ۽ ملاقاتون رهيون. شاعريءَ ۾ ’حسيني‘ تخلص ڪم آڻي، سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين. فارسي ۽ سنڌيءَ جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ جي تتبع ۾ مسدس لکيائين. پوئينءَ عمر ۾ مٿس فالج جو خطرناڪ حملو ٿيو ۽ 7 ڊسمبر 1962ع تي وفات ڪيائين. سندس لائبرريءَ ۾ نهايت عمدا علمي، ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتاب توڙي قلمي نسخا وڏي تعداد ۾ موجود هئا. سندس ڪلام، سندس فرزند الهه بخش شاهه بخاري مرحوم ترتيب ڏئي ڇڏيو هو ۽ اشاعت جو منتظر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.00.00  عيسوي

ٻڍل شاهه بخاري جو جنم 16 ربيع الاول 1313 هه مطابق 1895ع ۾ ٿيو.


1962.12.07  عيسوي

ٻڍل شاهه بخاري 7 ڊسمبر 1962ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درازي راضي سائين
شاهه حسين تڪدري
اُستاد فدا حسين خان
سومر عطار
امير علي شاهه ڄاموٽ
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
راڻي آتمارام گدواڻي
حميده قاضي
پائلا
چوڌري نثار علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون