داخلا ؛ 661
پڙهيو ويو ؛ 516
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-01-18


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٻٽ سرائي

ٽائيٽل ؛ ٻٽ سرائي


شاخ : ذات

ٻٽ سرائي/ ٻٽ: ھڪ ذات جو نالو آھي ۽ ”سرائي‘ -ان- قبيلي جي چڱي مڙس جو لقب آھي، جيئن ته ھن ڳوٺ ۾ پھريان ”ٻٽ“ اچي -آباد- ٿيا، تنھنڪري سندن ئي نالي پٺيان ھن ڳوٺ تي ”ٻٽ سرائي“ نالو پيو، -ان- کان پوءِ ”اسراڻ“ قبيلو اچي -آباد- ٿيو، -جن- ”نئين ديري“ واري علائقي مان ”راشدي“ پيرن کي ھتي آڻي -آباد- ڪيو. ابتدائي طرح ”راشدين“ مان وڏو پير سائين محمد پناهه شاهه، ”پير پنھل“ حضرت روضي ڌڻي محمد راشد -جن- جو ڀائٽيو ۽ نياڻو ھو، جيڪو پنھنجي گھر -ٻار- سميت اچي ھتي رھيو ۽ ھن وقت به سندس مزار اتي ئي آھي، -ان- وقت پيرن سان گڏ سندن خدمتگار به آيا، جيڪي پاڻ کي خاصخيلي سڏائڻ لڳا، بعد ۾ ٻين به ڪيترين ذاتين جا ماڻھو ھتي اچي -آباد- ٿيا، -جن- ۾ شيخ، پتافي، پنھور، ساند ۽ سومرا وغيره شامل آھن. ھندو به ھتي رھندا ھئا، اھڙيءَ طرح مختلف ھنرمند، جھڙوڪ ڪنڀر، ڊکڻ، حجم، ميراثي، -لورا- ۽ ڌوٻي وغيره به مختلف ھنڌن -تان- لڏي اچي، ھن ڳوٺ ۾ -آباد- ٿيا. ٻن ديھن ”ٻٽ سرائي“ ۽ ”ڪيرڙي“ تي مشتمل -ٻٽ سرائي- ڳوٺ -تعليم- جو به مرڪز رھيو آھي، ھتي قديم زماني کان ھڪ ديني مدرسو ۽ انگريزن جي زماني کان وٺي ھڪ گورنمينٽ پرائمري اسڪول پڻ قائم ٿيل آھي، -جتي- اڳ سنڌي ستن درجن تائين -تعليم- ڏني ويندي ھئي، انھيءَ اسڪول مان فارغ ٿيل ڪيترائي شاگرد وڏن عھدن تائين پھتا. جھڙوڪ: سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، چيف انجنيئر، صوبائي سيڪريٽري، ڊپٽي ڪليڪٽر، ايڊيوڪيشنل ڊائريڪٽر، استاد، مختيارڪار، -اسيمبلي- ميمبر ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ جا صلاحڪار وغيره شامل آھن. صوبائي -اسيمبلي- جو اڳوڻو ميمبر منور علي -ٻٽ- ۽ مشھور اسڪالر ڊاڪٽر الھرکيو -ٻٽ- به ھن ڳوٺ جا رھاڪو آھن. ھن وقت ڳوٺ ۾ گورنمينٽ گرلز اسڪول، گرلز ووڪئشنل اسڪول ۽ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول پڻ قائم آھن، -جن- مان ھر سال ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿيندا رھن ٿا. ھن ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ پڻ موجود آھن -جن- ۾ جھتيال، ڳن، مگسين، کوسن ۽ چانڊين جا ڳوٺ شامل آھن. جتان جا ٻار، ڳوٺ -ٻٽ- سرائيءَ مان -تعليم- حاصل ڪندا آھن. -ٻٽ سرائي- يونين ڪائونسل به آھي. پڪي روڊ ذريعي ميھڙ ۽ راڌڻ شھرن سان ڳنڍيل آھي. ڳوٺ ۾ -بجلي- به موجود آھي. -اٽي- پيھڻ جون چڪيون ۽ سارين جو وڏو ڪارخانو به موجود آھي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ٻٽ سرائي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٻٽ سرائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ذات - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغائي سيد
باکڙا
بالاچ
بالادي
بانڪا
ٻاٽ (ذات)
ٻاٽ
آٿيلا
بجير
ٻاچڙا
ٻارا
ٻاراچ
ٻارڻ (ذات)
ٻاروپار
ٻاگھل
ٻاگھل (ذات)
ٻانڀڻ (ذات)
ٻانڌي (ذات)
ٻانها
ٻائيتال (ذات)
ٻٽ
ٻٽ سرائي
ٻٽ سرائي (ذات)
ٻٽوڙ
ٻپڙ
ٻپڙا
ٻجورا
ٻچڙا
ٻڌ (ذات)
ٻڍاڻي (ذات)
ٻرڙا
ٻرهام
ٻگهيا
ٻلال
ٻليداڻي
ٻنڀا
ٻوچ
ٻوچيا
ٻوڍا
ٻور پوٽا
ٻوڙاڻا
ٻوسڻ
ٻوهڙا
ٻوهيا
ٻهڙ (ذات)
ٻياپرايا
ٻيٽا
ٻيجل (ذات)
اعواڻ
بدين پوٽا
اگهم
اگهيم
اڱاريا
بروٿا
بروهي
آچرا
برهماڻي
آبڙيجا
بزگر
امرناڻي
امروهي2
اتمچنداڻي نک
اُتم سنگهه نک
آرائين (ذات)
اڇوت
اَحمداڻي
آريجا
آريسر
آڏواڻي
انبواڻي
انڍڙ
انڙ
بڪيجا
بڪيرا
اڍيجا
اڍيجاڻي
بلا (ذات)
آسواڻي
آهوجا
آئلاڻي
آئلسنگاڻي
بهراڻي
بهليم
بهمڻ
بهڻ
بمرا
بنبل
آگاڻي
آگرا
بوڌاري
بوڌيا
بوزدار
بوهڙ
اوڍا
اوڍا1
اوڍاڻا
اوڍر
اوستا
ابڙيجا
اڍا


.....ذات موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن