ٻيڙو فقير ڪنڀار

ٻيڙو فقير ڪنڀار

ٻيڙو فقير ڪنڀار

ٻِيڙو فقير ڪنڀار: سنڌ جي برک سگهڙ ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَرح جي سچي عاشق ٻيڙي فقير، محمد عثمان ڪنڀار جي گهر، ڳوٺ لقمان ڪوريجي، تعلقي هالا ۾، 1918ع ۾ جنم ورتو. غريب هئڻ ڪري گهڻو علم پڙهي نه سگهيو. پنهنجي ڪوشش سان عالمن ۽ بزرگن کان فيض حاصل ڪيائين. ٻيڙي فقير کي لوڪ ادب جي سڀني صنفن بابت چڱي ڄاڻ حاصل هئي. ڳجهارت جو بادشاهه ۽ ڳالهين جو ڳهير هو. سنڌ جو ڪوبه شهر، اهم هنڌ يا ماڳ هُجي، ٻيڙي فقير ضرور گهميو هوندو ۽ سموري تر جي علمي ادبي شخصيتن جي کيس خبرچار هوندي هئي. انتهائي مُحبتي ماڻهو هو .
سال 1960ع کان لوڪ ڪچهرين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ سڄيءَ سنڌ جي ڪچهرين ۾ حصو ورتائين. ان دوران مرحوم محمد اسماعيل خان نون سان به سندس رفاقت ٿي. هو هڪ لائق صحافي به هو. هفتيوار ”ڪچهري“ اخبار شايع ڪندو رهيو. هن اخبار جو اصل مقصد لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ اُن کي محفوظ ڪرڻ هو. سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن جي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پنهنجي برادريءَ جي تنظيم جو پڻ صدر هو. 30 آڪٽوبر 1964ع ۾ حيدرآباد شهر جي ڪاري موري تڪ مان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين. ٻيڙي فقير دل جي دوري پوڻ سبب 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 60 ورهيه هئي. حيدرآباد جي ڪاريءَ موريءَ جي ڀر ۾، ڦليليءَ جي ڪپ تي سندس مزار آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.00.00  عيسوي

ٻيڙو فقير، ڳوٺ لقمان ڪوريجي، تعلقي هالا ۾، 1918ع ۾ ڄائو.


1964.10.30  عيسوي

30 آڪٽوبر 1964ع ۾ حيدرآباد شهر جي ڪاري موري تڪ مان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين.


1977.01.02  عيسوي

ٻيڙو فقير دل جي دوري پوڻ سبب 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالجبار پنهور
’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي
رئيس امام بخش
بلاول بيلجم
پلي وڏيرو عبدالحڪيم
احمد محمد قاضي
جنيد بغدادي
اسلم خيرپوري
پپو سمراٽ
بيگم طاهره آغا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون