ٻوٽي

ٻُوٽِي: نباتات جو ھڪ قسم، جنھن جي اوڀڙ (ول، ٻوٽو، گاھ، پن پاڙون وغيره) ۾ ڪاٺيءَ جي ڪا به خصوصيت نه ھجي. مثلا وڻ ۽ ٻوٽي ۾ الڪوھل يا ڪلوروفل ھوندو آھي. ليڪن ٻوٽي انھن خاصيتن کان پاڪ ھوندي آھي. ٻوٽي گھڻو ڪري پسارڪي وکر طور استعمال ٿيندي آھي، جنھن جا پن، تاندورا طب ۾ ڪم ايندا آھن. ڀنگ (سائي ٻوٽي) ڀنگ جي ڳوٽي ۽ گوشت جي ننڍي ٽڪر کي به ”ٻوٽي“ چوندا آھن، جمع ٻوٽيون. شاهه سائين چيو آھي:
ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا، کينئي ڪيچ جا! “


لفظ ٻوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو