داخلا نمبر 811
عنوان ٻلديو گاجرا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 696 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ٻلديو گاجرا

ٻلديو گاجرا

ٻلديو گاجرا

ٻلديو گاجرا: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور اديب، شاعر ۽ نقاد ٻلديو تارا چند گاجرا، تخلص ”گمنام“، 9 سيپٽمبر 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. ھن کي شاگرديءَ واري زماني کان ئي علم ادب سان دلچسپي ھئي. 1947ع ۾ ورھاڱي کان پوءِ ھو بمبئيءَ لڏي ويو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ 1930ع ۽ 1942ع جي وچ ۾ ٽي سال جيل پڻ ويو. ڀارت ۾ ”ڀارت واسي“ اخبار جو 1953ع کان 1991ع تائين ايڊيٽر ٿيو، سندس تصنيفن ۾ ”گمنام صدا“ (1954ع)، ”ڦول ۽ ترانا“ (1956ع)، ”ادبي تنقيد“ (1984ع)، ”جنگي ترانا ۽ متفرق گيت“، ”آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ“ ۽ ”شاعر ته بيوس“ وغيره شامل آھن. ھن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي تنقيدي رايا لکيا ۽ ساڳئي نالي سان ڪتاب به شايع ڪيو. ھن جي ڪتاب ”آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ“ ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو (1984ع، 1986ع) پڻ شايع ٿي چڪو آھي، ان کان سواءِ مھاتما گانڌيءَ جي سو ساله سالگرهه تي ھن ”گانڌي گرنٿ“(1972ع) شايع ڪيو. هن کي ادبي صحافتي خدمتن تي ”سنڌي شريمن“ (1991ع) ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ پڻ مليا. هي سنڌي ٻولي، ساهتيه ۽ ڪلا وڪاس سڀا، آل انڊيا سنڌي ڪانگريس مينس فورم، مهاراشٽر ساهتيه اڪيڊمي وغيره سان به لاڳاپيل رهيو. هو 1991ع ۾ وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.09.09  عيسوي

ٻلديو گاجرا 9 سيپٽمبر 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو.


1991.00.00  عيسوي

1991ع ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون