داخلا نمبر 767
عنوان ٻريا رنگ رتول
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 504 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ٻريا رنگ رتول (ڪتاب)

ٻريا رنگ رتول (ڪتاب)

ٻريا رنگ رتول

ٻريا رنگ رتول (ڪتاب ):هي ڪرائون سائيز جي 132 صفحن تي مشتمل ڪتاب، مزاحمتي شاعر افضل قادريءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو ’ٻريا رنگ رتول‘ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي پاران 8 مئي 1977ع تي ڇاپي پڌرو ڪيو ويو هو. هن ڪتاب تي ”سون تي سهاڳ“ عنوان سان نالي واري ڪهاڻيڪار سليم ڪورائيءَ جو مهاڳ لکيل آهي. ڪتاب ۾ وايون، غزل، ترائيل، سانيٽ، ٽيڙو، لوڪ گيت، نظم، آزاد نظم شامل آهن. ڪتاب جو پيش لفظ منظور بلوچ لکيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو