داخلا جي تاريخ 2012-01-25
داخلا نمبر 769
عنوان ٻري جن ٻاري (ڪتاب)
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 461 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ٻري جن ٻاري

ٻري جن ٻاري

ٻري جن ٻاري (ڪتاب)

ٻري جن ٻاري (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري اديب ۽ دانشور شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتن تي، ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ پنهور صاحب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت کي تمام نرالي ۽ سلوڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1995ع ۾ ڇپايو ويو. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب ۾ 258 صفحا آهن ۽ قيمت 95 رپيا لکيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو