ٺٽوي سيد احمد

ٺٽوي، سيد احمد: سيد احمد ٺٽوي جو پيءُ سيد محمد انجوي شيرازي 786هه/1384ع ۾ سنڌ پهتو، ان وقت ڄام صلاح الدين سمي جي سنڌ ۾ حڪومت هئي، هي بزرگ منڇر جي ڪناري مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، ان کانپوءِ هن جي پٽ سيد احمد ٺٽوي ماڻهن جي ڪشش سبب اها جاءِ ڇڏي ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ قاضي نعمت الله عباسيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. هن کي چار پٽ ٿيا جن مان سيد محمد حسين عرف شاهه مراد شيرازي تمام گھڻو نامور ٿيو. سيد احمد ٺٽوي هڪ الله لوڪ بزرگ هو ۽ الله وارن جي صحبت ۾ هوندو هو. ٺٽي جي ويجهو ساموئي شهر ۾ هڪ بزرگ شيخ عيسٰي لنگوٽي رهندو هو. سيد احمد ان سان ملاقات لاءِ ويندو رهندو هو. هڪ دفعو سيد احمد، شيخ عيسٰي سان ملاقات لاءِ ويو ته ان وقت شيخ وٽ شهر جو مشهور عالم قاضي نعمت الله عباسي ويٺو هو. شيخ صاحب، سيد احمد جي تعظيم واسطي اٿيو پر قاضي صاحب نه اٿيو. اها ڳالهه سيد احمد کي ناگوار لڳي ۽ رنجيده ٿي گهر هليو ويو. قاضي نعمت الله جڏهن پنهنجي گھر پهتو ته نظر کان محروم ٿي ويو. ان بابت قاضي جي ڌيءَ کي خواب ذريعي سيد احمد خان جي ناراضپي جي خبر پئي، جنهن کانپوءِ قاضي نعمت الله پنهنجي ڌيءَ جي شادي سيد احمد سان ڪري خوشنودي حاصل ڪئي. سيد احمد کي چار پٽ ٿيا. (1) سيد علي ٺٽوي، (2) سيد جعفر ٺٽوي، (3) سيد محمد شريف ٺٽوي ۽ (4) سيد محمد حسين عرف شاهه مراد شيرازي ٺٽوي. ٺٽي جا شيرازي سادات شاهه مراد شيرازي ٺٽوي جي اولاد آهن. سيد احمد ٺٽوي 1 محرم الحرام 845 هه/22 مئي 1441ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان جو مقبرو مڪلي تي عباسي قاضين جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو