داخلا ؛ 5229
پڙهيو ويو ؛ 2330
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2013-01-30


تصويرون


thath-masjid.gif
ٺٽي شهر جي مشهور جامع مسجد
ٺٽي شهر جي مشهور جامع مسجد

jaan-baba.gif
جان بابا ترخان جو مقبرو
جان بابا ترخان جو مقبرو

malik-raj.gif
ملڪ راج پال بن انڙ جو قبو
ملڪ راج پال بن انڙ جو قبو

baba-essa-chokandi.gif
بابا عيسيٰ لنگوٽيءَ جي چوڪنڊي
بابا عيسيٰ لنگوٽيءَ جي چوڪنڊي

pir-sadat.gif
پير سادات جو مقبرو
پير سادات جو مقبرو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٺٽو

ٽائيٽل ؛ ٺٽو


شاخ : شهر

ٺٽو: سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان -ٺٽو- هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شهر آهي. -ٺٽي- شهر جي قائم ٿيڻ، اُن جي -تهذيب- ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان، ڪي قدر تحقيقي مواد سامهون آيو آهي. -جن- مان مير علي شير قانع، مير محمد -بن- -جلال- ٺٽوي، -امير خسرو- دهلوي ۽ ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- ۽ ڪن غيرملڪي مؤرخن، سياحن، جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي. 1982ع ۾، مشهور -بين- الاقوامي آرڪيالاجسٽ ۽ مؤرخ، پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ، پنهنجي ڪتاب ‘Thatta Islamic Architecture’ ۾، -ٺٽي- جي -باري- ۾ بهترين تفصيل ڏنو آهي. پروفيسر دانيءَ جي هيءَ -تصنيف- گهڻي قدر مير علي شير قانع جي لکيل ۽ مشهور -بين- الاقوامي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ڪيل ۽ وڌايل فارسي زبان ۾ لکيل تاريخ، ’مڪلي نامه‘، -تان- ورتل آهي. لفظ ’ٺٽو‘ ۽ -ٺٽي- شهر جي بنياد پوڻ واري سال متعلق به تاريخدانن ۾ گهڻو اختلاف آهي. هن سلسلي ۾ مرحوم مرزا قليچ بيگ جو خيال آهي ته ”لفظ -ٺٽو- ’تهه تهه‘ لفظ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تهه مٿان تهه“. مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ”ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ کي؛ ٺٺ چَوَن خشڪ ميدان کي؛ شايد اُنهن مان -ٺٽو- نالو نڪتو هجي.“ ميجر راورٽيءَ جي راءِ موجب ”ٺٺ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ’تٽ‘ آهي، جنهن جو اُچار سنڌي زبان ۾ ’تڙ‘ (درياءَ جو ڪپر يا ڪنارو) ٿيو آهي؛ -ان- طرح ’ٺٽ‘ معنيٰ آهي ”ڪنهن واهه يا درياهه وٽ ٻڌل ڳوٺ جتان -پتڻ- اُڪري -پار- پهچجي“.
ڀيرومل مهرچند -آڏواڻي- ’سنڌ جو سيلاني‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”هتي ڪنهن زماني ۾ مهاڻا رهندا هئا، جي مڇي مارڻ کان سواءِ -پتڻ- به اُڪاريندا هئا. اُها ’ٺٽ‘، ’ننگر‘ نالي هڪڙي مهاڻي جي سڏبي هئي.“ ڀيرومل جو وڌيڪ خيال آهي ته ”عربي ۽ فارسيءَ ۾ ’ٽ‘ ۽ ’ٺ‘ نه هئڻ ڪري، -پارسي- زبان جي تاريخن ۾، ’ٺٽي‘ جي بدران ’تته‘ لکيل آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- لکي ٿو ته: ”ٺٽِي، -ٺٽ- ۽ ٺٽو، اُن بستيءَ کي چوندا آهن، جيڪا درياهه جي ڪنڌيءَ يا ڪناري تي -آباد- ڪئي ويندي آهي“. ڊاڪٽر -بلوچ- صاحب ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب جي راءِ ۾ هڪجهڙائي آهي.
ٺٽي شهر جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ اُن جو بنياد ڪنهن وڌو؟ اُن لاءِ به ماهرن جي راءِ ۾ گهڻو اختلاف آهي. تاريخن ۾ عام طور ائين لکيل آهي ته -ٺٽي- جو بنياد، سما گهراڻي جي حاڪم، ڄام نظام الدين (ڄام نندي) پندرهين صدي عيسويءَ ۾ وڌو. ڄام نندي جي حڪومت جو زمانو 1460ع کان 1508ع تائين ڄاڻايل آهي. ڄام نندو هڪ عالم، فاضل ۽ ديندار حاڪم هو. ڊاڪٽر -بلوچ- ڄام نندي کي سنڌ جو ’هارون الرشيد‘ سڏيو آهي. سندس زماني ۾ سياحن، واپارين، عالمن ۽ فاضلن کي هر طرح جون سهوليتون مليون. رعيت جي آرام ۽ آسائش لاءِ، ڄام نندي پراڻي شهر جي آثارن مٿان نئين شهر جو بنياد وڌو، جيڪو ساموئي يا سماننگر کان فقط ٽي ميل پري هڪ ڪشادي ميدان ۾ واقع هو. انهيءَ شهر ۾ 900 هه/ 1494ع، ڄام نندي پنهنجو -تخت- گاهه قائم ڪيو. -ٺٽي- شهر جي قائم ٿيڻ جي سلسلي ۾، ميجر روارٽيءَ جو خيال آهي ته: -ٺٽي- جو بنياد سما گهراڻي جي ٽئين حاڪم ’ڄام بابيني‘ (ڄام ٻانڀڻيي) وڌو هو. ميجر راورٽيءَ ’ڄام بابيني‘ جي -تخت- نشينيءَ جو سال 50- 1349ع ڏنو آهي. سندس خيال موجب جڏهن سما لاڙ ۾ طاقتور بڻجي چڪا هئا، تڏهن هن ئي حاڪم (ڄام بابيني)، ’ساموئيءَ‘ جي ويجهو پنهنجي -تخت- گاهه لاءِ نئون شهر ٻڌايو، جنهن تي ’ٺٽو‘ نالو رکيو ويو. ليڪن مختلف تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته -ٺٽي- جو بنياد سما دور کان گهڻو اڳ پيو هو، هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر -احمد حسن داني- لکيو ته ”ٺٽي کي سومرن جي حڪومت جي آخري دور سان به ملائي سگهجي ٿو. هي شهر اُن وقت به چڱيءَ طرح -آباد- هو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ -ٺٽي- جو شهر پنهنجي جاهه و -جلال- ۽ عظمت جي ڪري ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو هو. جڏهن علاؤالدين خلجيءَ (1296- 1316ع)، سومرن تي حملو ڪيو ۽ سندن -تخت- گاهه محمد طور کي تباهه ڪيو، ته سندس وڃڻ کان پوءِ سومرن وري -ٺٽي- تي قبضو ڪيو.“
ڊاڪٽر داني پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ٺٽي شهر، سومرن جي دور ۾ گهڻي -ترقي- ڪئي. -ابن بطوطه- جيڪو 34- 1333ع ڌاري سنڌ ۾ سير لاءِ آيو هو، ۽ سيوهڻ کان ٻيڙيءَ ذريعي لاهري -بندر- پهتو هو، تنهن -ٺٽي- شهر جي وجود ۾ هجڻ جي -باري- ۾ ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي، جنهن مان ائين ٿو لڳي ته -ٺٽي- جو شهر اُن زماني ۾ -آباد- ڪونه هو“. ڊاڪٽر داني اڳتي لکي ٿو ته ”ابن بطوطه جو اهو منفي رويو مناسب نه ٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته کيس -تغلق- حاڪمن جي ڀيٽ ۾ سما، خاندان جي باني ڄام اُنڙ جي -باري- ۾ پوري ڄاڻ هئي“. سيد حسام الدين راشديءَ، -امير خسرو- دهلويءَ (651- 725هه/ 1253- 1324ع) جي ديوان ’تحفة الصغر‘ (671 هه) مان هڪ شعر هٿ ڪيو هو، جنهن ۾ -ٺٽي- جو ذڪر ملي ٿو:
ســروِ چـُو تـو اُچـه و دَر تـتـه نَباشَد
گـُل مِثلِ رُخِ خـُوب تو، الـبته نَباشَد
]تو جهڙو قد و قامت ۾ نه ڪو اُچ ۾ آهي ۽ نه ئي وري ڪو -ٺٽي- ۾، گلن مثل تنهنجن ڳاڙهن ڳٽن جهڙو تنهنجو خوبصورت چهرو به اُتي نظر نه آيو“[.
امير خسروءَ جي مذڪوره شعر مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته تيرهين صدي عيسويءَ ۾ هو -ٺٽي- به آيو هو، ۽ اُن زماني ۾ -ٺٽي- جو شهر، پنهنجي شان شوڪت جي ڪري ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو هو. -ٺٽي- شهر جا سڀ کان آڳاٽا اُهڃاڻ ۽ نشان جنرل هيگ (Haig) جي ڪتاب ۾ به ملن ٿا. هُو، ڪننگهام جي حوالي سان -ٺٽي- کي ’ميناننگر‘ ٿو سڏي. هن جي لکت مان ظاهر آهي ته: ’سڪندراعظم (328 ق. م) پٽيالا جي فتح کان پوءِ، ميناننگر جي حاڪم کي شڪست ڏئي، ڪجهه لشڪر خشڪيءَ رستي روانو ڪيو هو“. جنرل هيگ جي اِن بيان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته -ٺٽي- جو شهر سڪندراعظم جي حملي وقت به موجود هو. -ٺٽي- شهر جي بنياد پوڻ جي -باري- ۾ جنرل هيگ جي راءِ ۾ يڪسانيت ڪانهي. هڪ طرف هُو -ٺٽي- کي ميناننگر ٿو ڪوٺي، جيڪو سڪندراعظم جي حملي وقت به موجود هو، ته ٻئي طرف لکي ٿو ته -ٺٽي- جو بنياد 1340ع ۾ پيو. راشدي صاحب جي راءِ موجب، -امير خسرو- دهلويءَ سندس مذڪوره ديوان 16 يا 19 ورهين جي عمر تائين چيل غزلن کي مرتب ڪري تيار ڪيو هو. اُن ديوان ۾ هڪ غزل اُهو به آهي، جنهن جي مطلع ۾ -امير- خسروءَ ’تته‘ جو قافيو ڪم آندو هو. هن غزل جي حوالي سان راشدي صاحب جي اها دعويٰ آهي ته ”ٺٽو، سال 667 هه/1268ع- 671 هه/1272ع ۾ نه فقط -آباد- ۽ معروف هو، بلڪه ايترو بارونق ۽ متمدن شهر هو، جو شاعر اُتان جي خوبصورت گلن ۽ سروقد سهڻن جي تشبيهه، پنهنجي محبوب جي تعريف ۾ ڪتب آندي آهي“. بهرحال -ٺٽي- جو اهو سمورو احوال، سومرن جي دور ۾ هن شهر جي وجود ۾ هجڻ ۽ جاهه و -جلال- لاءِ وڏو ثبوت آهي.
سومرن جي زوال وقت سنڌ ۾ ڄامن سمن جي حڪمراني شروع ٿي. ڄام فيروزالدين -انڙ- 1350ع ۾ حڪمران بنيو. ٻن سالن جي حڪومت بعد -انڙ- جي وفات تي علاؤالدين ڄام جوڻو ۽ سندس ڀائيٽو صدرالدين شاهه ڄام بابينو ثاني 1353ع ۾ سنڌ جا حڪمران بنيا. -ان- دور ۾ محمد شاهه -تغلق- پنهنجي -باغي- غلام ’طغي‘ جي ڳولا ۾ سنڌ طرف ڪاهه ڪئي. محمد شاهه سونڍا وٽ فوت ٿي ويو. -ان- ريت تغلقن جو حملو ختم ٿيو. فيروز -تغلق- مرحوم -بادشاهه- جو لاش کڻائي سيوهڻ پهتو. -جتي- لاش کي امانت طور دفن ڪري، نئون -بادشاهه- فيروز -تغلق- دهلي روانو ٿيو. 1365ع ۾ فيروز -ٺٽي- تي حملي آور ٿيو. پر کيس سوڀ حاصل نه ٿي. فيروز -ٽن- سالن بعد 1368ع ۾ وري سنڌ تي ڪاهي آيو. سيدن ۽ عالمن وچ ۾ پئي سمن ۽ تغلقن ۾ ٺاهه ڪرايو. ڄام بابينو ۽ ڄام -تماچي- کي دهلي ۾ نظربند رکيو ويو. -ان- سان گڏ ڄام توڳاچيءَ جي حڪومت به پوري ٿي. علاؤالدين ڄام جوڻو اڪيلي سر (ٻيو ڀيرو) سنڌ جو حڪمران بنيو. هن ارڙهن سال بادشاهي ڪئي. 1388ع ۾ فيروز -تغلق- فوت ٿيو. -ان- بعد دهلي سلطنت ختم ٿيڻ شروع ٿي. دهليءَ ۾ نظربند ڄام -تماچي- -ٺٽي- پهچي، ٻيهر سنڌ جي حڪومت سنڀالي. سندس چاچي ڄام جوڻي جو دور پورو ٿيو. سنڌ جي درويشن ۽ شاعرن ڄام تماچيءَ جي آجيان ڪئي. شيخ حماد دعائيه -بيت- چيو:
جـوڻـو مَتِ اُوڻــو، ڄـام تـماچــي آءُ،
سٻاجهـي ٻاجهه پئي، تو سين -ٺٽو- راءَ!
’نوري ۽ ڄام تماچيءَ، واري داستان جو سورمو به هي ئي حاڪم هو. سيد حسام الدين راشديءَ ’قصائد مطهر ڪڙهه‘ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ’مطهر‘ نالي شاعر 765هه/ 1363ع ۾ لکيو هو. هن سلطان فيروز شاهه جي مدح ۾ ٻه قصيدا چيا هئا، -جن- ۾ -ٺٽي- جو به ذڪر موجود آهي.
ان ريت معلوم ٿئي ٿو ته -ٺٽي- جو شهر سمن جي حڪومت کان گهڻو اڳ، سومرن جي حڪومت جي زماني ۾ به مشهور شهر هو. انهيءَ سموري وضاحت مان هيءُ ٿو ثابت ٿئي ته -ٺٽو- ڄام نظام الدين جي دور حڪومت کان ٻه سو ورهيه اڳ، نه فقط موجود هو، بلڪه جاهه و -جلال- وارو شهر ۽ سنڌ جو -تخت- گاهه به هو. ديبل جو نالو -تاريخ- جي صفحن -تان- 658 هه/ 1259ع کان پوءِ گم ٿي ويو، ۽ 671 هه/ 1272ع کان اڳ، -ٺٽو- اُن (ديبل) جو قائم مقام بڻيو هو. وچ ۾ فقط 9 يا 13 سالن جو وقفو رهيو. -امير- خسروءَ جي شعر مان اهو معلوم ٿو ٿئي ته جنهن زماني ۾ اهو شعر لکيو ويو هو، اُن وقت دهليءَ ۾، -ٺٽي- شهر ۽ اُتي جي ماڻهن جي خوبصورتيءَ جي عام واکاڻ ۽ شهرت هئي، تنهنڪري اها ڳالهه مڃڻي پوندي (1) -ٺٽو- ۽ ديبل هڪ ئي وقت موجود هئا. (2) -ٺٽو- 1253ع/ 651 هه ۾، -امير خسرو- جي ولادت کان به اڳ هڪ -آباد- شهر هو، (3) -ٺٽو- شهر اڳ ۾ موجود هو، پر اُن کي اهميت ديبل شهر جي زوال کان پوءِ -ترت- ملي. اهوئي سبب هو، جو ماڻهن جي ذهنن -تان- ديبل جو نالو اڃا لٿو ئي نه هو، ته -ٺٽي- جي شهرت شروع ٿي وئي، جنهنڪري ماڻهن جي زبان تي ”ديبل- ’ٺٽو“ گڏجي استعمال ٿيڻ لڳا. (4) ڄام نندي جي دور (1460ع- 1508ع) ۾ سنڌو درياءَ جي ڪلري شاخ، جنهن جي -اوڀر- طرف -ٺٽي- جو شهر -آباد- هو، سڪي وئي، تڏهن اهڙي حالت ڏسي، ڄام نندي موجوده -ٺٽي- شهر جي اُتر- -اوڀر- طرف نئون شهر اڏايو هو. جيتوڻيڪ انهيءَ شهر جي آثارن جو هاڻي ڪوبه وجود ڪونهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ، درياهه جي شاخ، ڄام نندي جي ٻڌايل شهر کان هٽي، پري وهڻ لڳي هئي. -ان- ڪري ڄام نندي جي اڏايل شهر جا ماڻهو ڏکڻ -اوڀر- طرف لڏي ويا.
ارغونن ۽ ترخانن جي زماني (926 هه-1520ع/ 962 هه / 1555ع) ۾ به -ٺٽي- کي وڏي شهرت حاصل هئي. مغلن جي زماني ۾ -ٺٽو- وڏي اوج تي رسيل هو. شهنشاهه اڪبر جي حڪومت واري زماني ۾، مرزا -جاني- بيگ (حڪومت 983 هه/1575ع- 1009هه/ 1600ع) سنڌ جو حاڪم هو. شهنشاهه اڪبر، عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو ۽ هو 1000 هه/ 1592ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. ڪيترن ئي هنڌن تي لڙايون لڳيون. نيٺ ساڳئي ئي سال (1000هه/ 1592ع) مرزا -جاني- بيگ هارايو. -جنگ- جي وقت -جاني- بيگ سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري -ٺٽي- جو شهر مغلن جي حوالي ڪرڻ نه ٿي چاهيو، تنهنڪري اميرن کي لکي موڪليائين ته -ٺٽي- جي شهر کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو. مرزا -جاني- بيگ نيٺ پيش پيو. خان خانان کيس عزت ۽ احترام سان اڪبري درٻار ۾ پهچايو، -جتي- شهنشاهه اڪبر مٿس مهرباني ڪري، سيوستان ۽ لاهري -بندر- کان سواءِ باقي سڄو ملڪ کيس موٽائي ڏنو، ۽ سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي گورنر مقرر ڪيو، جيڪو -ان- وقت 16 سالن جي عمر جو هو. مرزا غازي بيگ، علم ادب، فنونِ لطيفه ۽ تعميرات جي فن جو شوقين هو. -ٺٽي- ۽ مڪليءَ تي هن جا تعمير ڪرايل ڪيترا يادگار موجود آهن. مرزا غازي بيگ 1021هه/ 1612ع ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ مغلن جا هڪ ٻئي پٺيان سٺ کان به وڌيڪ -ٺٽي- لاءِ نواب (گورنر) مقرر ٿيا. ميان نور محمد جي دور ۾ 1150 هه/ 1737ع ڌاري هي سلسلو ختم ٿيو. -ان- ريت سموري سنڌ ڪهلوڙن جي حاڪميت ۾ اچي وئي.
ٺٽي جي ذڪر دوران سيد حسام الدين شاهه راشديءَ، مڪلي نامه ۾ عثمان نالي هڪ شاعر جي -تصنيف- ’مثنوي چتراوليءَ‘ مان ’دکني ٻوليءَ‘ ۾ هڪ شعر ڏنو آهي، جنهن ۾ شاعر جهانگيري دور جو بيان ٿو ڪري. هن شعر ۾، هن شاعر -ٺٽي- جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُن زماني ۾ ’دکن ولايت‘ اندر به، -ٺٽي- ننگر جي وڏي شهرت هوندي هئي. اهو شعر هن ريت آهي:
هيـري ســي ٺـٽـه نـگر سـوهـاوا
پيــين هـرن ســو بـن گـنجــاوا
(يعني -ٺٽو- ننگر هيري کان به وڌيڪ خوبصورت آهي، منجهس سارين جون سايون سايون پوکون، هرڻ، ڪشادا ۽ سهڻا -ٻيلا- موجود آهن.)
ميان يارمحمد ڪلهوڙي، سنڌ جو -تخت- گاهه -ٺٽي- مان تبديل ڪري، خدا -آباد- مقرر ڪيو، جنهنڪري -ٺٽي- جو جاهه و -جلال- آهستي آهستي ختم ٿي ويو.
سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ -ٺٽي- ۾، ۽ مڪليءَ تي ڪيترائي مقبرا ۽ مسجدون تعمير ٿيون. ساموئي ننگر ۾ شيخ حماد جو مقبرو، ۽ مڪليءَ تي ڄام نندي جو مقبرو، دولهه دريا خان جو مقبرو، مرزا عيسيٰ -اول- جو مقبرو ۽ ڪي ٻيا مقبرا موجود آهن. -ٺٽي- شهر ۾ -ترخان- دور ۾ دابگيرن (دبگرن) جي مسجد تعمير ٿي. -تاريخ- نويس اهو به لکن ٿا ته -ترخان- دور ۾، دابگيرن (دبگرن) جي مسجد، -ٺٽي- شهر جي وچ ۾ هوندي هئي. مغلن جي دور ۾، هي شهر اُتر طرف وڌڻ لڳو. -جامع مسجد- شهر جي انهيءَ حصي جي مرڪز ۾ هوندي هئي. مکيه شاهي بازار، هن حصي جي اولهه طرف ۽ مغل -باغ- جي -اوڀر- طرف هوندي هئي.
ٺٽي شهر جي اڏجڻ يعني هن شهر جي قائم ٿيڻ ۽ ويران ٿيڻ جو دارومدار سنڌو درياهه جي وهڪري، ۽ اُن جي تبديل ٿيڻ تي رهيو آهي. جاگرافيدانن جو خيال آهي ته مهراڻ درياهه جي مکيه شاخ جڏهن هيلاين وٽ پهچندي هئي، تڏهن اُها وري ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي، -جن- مان هڪ ’ڪلري شاخ‘ هئي، جنهن جي اولهه ڪناري تي ’ساموئي‘ يعني سمن جي آبادي هئي. ڪلري شاخ، ساموئي ۽ مڪلي ٽڪريءَ جي ڀر وٺي، ڪلان ڪوٽ کان ڦرندي، گُجي ۽ گهاري وٽان لنگهي، -ڀنڀور- ڏانهن وَهي، گهاري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. -ڀنڀور- جي ويجهو، هيءَ شاخ ٻن نهرن ۾ ورهائجي ويندي هئي. هڪ نهر، -ڀنڀور- جو ڏاکڻيون طرف وٺي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن نهر کي ’سسئيءَ وارو درياهه‘ به چوندا هئا. ٻي شاخ اولهه طرف وٺي، ڪورنگيءَ وٽ ’جهوڙي کاريءَ‘ ۾ ڪرندي هئي. مهراڻ جي ٻي شاخ، جيڪا هيلاين وٽان ڌار ٿيندي هئي، تنهن کي ’بگهاڙ شاخ‘ چوندا هئا. هيءَ شاخ (بگهاڙ) -ٺٽي- جي -اوڀر- طرف کان ٿيندي، ’پير پٺي‘ جي درگاهه واري ٽڪريءَ جي -اوڀر- وٽان ڦيرو کائيندي، موجوده شهر ’غلام الله‘ جو اُڀرنديون ڪنارو ڏيندي، ’وَر شهر‘ وٽان وڪڙ کائيندي، ميرپور ساڪري ڏانهن رخ رکندي هئي ۽ اُتان لاهري -بندر- وٽ، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن شاخ مان ’حجامڙو‘، ’ستاهه‘ ۽ ٻيون نهرون نڪرنديون هيون. -ٺٽو- سنڌو درياهه جي هڪ شاخ جي ڪناري تي -آباد- هوندو هو. درياهه جي انهيءَ وهڪري جي -اوڀر- طرف ’مهاڻن جي ٺٽ‘ نالي هڪ بستي -آباد- هوندي هئي. ممڪن آهي ته اها ٺٽ، ’ننگر مهاڻي‘ واري هجي، جنهن جو حوالو ڀيرومل مهرچند ڏنو آهي. ڊاڪٽربلوچ صاحب جو خيال آهي ته ”سما قبيلن انهيءَ -ٺٽ- کي آمد رفت، رسل و رسائل ۽ تمدن لاءِ مناسب بستي سمجهي، ’سمڪيءَ‘ مان لڏي، هن(ٺٽ) کي اچي -آباد- ڪيو، جا پوءِ ’ننگر ٺٽو‘ سڏجڻ ۾ آئي.“
سمن جي حڪومت واري زماني ۾، ماموئي فقيرن جو چيل هي -بيت- به بستيءَ يعني ننگر -ٺٽي- جي -باري- ۾ اُهڃاڻ ٿو ڏئي، جنهن ۾ فقيرن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته ننگر واري هيءَ بستي وري ڦٽندي، تنهنڪري هنن فقيرن ٻڌايو هو ته ننگر شهر جي سدائين -آباد- هجڻ واري آسري تي، اوڏانهن لڏي وڃي نه ويهجو. انهن فقيرن اهو مشورو پڻ ڏنو هو ته پراڻ درياهه جي به ٻيءَ ڀر وڃي، پنهنجا گهرڙا نه اڏجو، ۽ اُتي به هميشه لاءِ -آباد- ٿي نه ويهجو. ماموئي فقيرن جو مذڪوره -بيت- هن طرح آهي:
مـتــان ويـهجـا مــاڙهـوئا، نـنگر جـي آڌار،
پــُراڻـان پـراڙ، نــوان مَ اَڏجــا نــجهــرا.
پر جيئن ته درياهه جي شاخ جي وهڪري ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري، هن شهر جي جاءِ وقوع ۽ نالي ۾ تبديلي ايندي رهي آهي، تنهنڪري هن وقت، هن شهر جي اُنهن پراڻن ماڳن ۽ آثارن جو ڪوبه -پتو- نه ٿو پوي. اهو به ممڪن آهي ته سما قبيلن ’ساموئي‘ يا ’سڪي‘ ڇڏي، هن بستيءَ کي نئين سر -آباد- ڪري هن جو نالو ’سما ننگر‘ رکيو هجي، ڇو ته مشهور مؤرخ ولبر فورس پنهنجي مشهور ڪتاب ‘The History of Kathiawar’ ۾ لکي ٿو ته ”ول راجپوت جي ’ويراول‘ ڪاٺِي قوم جي هڪ حسين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. اڳتي هلي سؤ راشٽر (ڪاٺياواڙ) جو اُتر- اولهه وارو حصو، ڪڇ کان آيل جاڙيجن جي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو. هنن انهيءَ ايراضيءَ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون پئي ڪيون. پهرين -جاڙيجا- ۽ چوڙا سما جيسلمير جي ڀاٽين سان شامل ٿي ويا، ڇو ته اهي ٻئي گهراڻا -ٺٽي- واري ’سماننگر‘ جي سردار، ’نرپٽ سمي‘، جي اولاد مان هئا. جڏهن چوڙا سما سؤراشٽر طرف نائين صديءَ جي پوئين حصي ۾ لڏي ويا، تڏهن سنڌ جي جاڙيجن سؤراشٽر طرف پنهنجا حملا شروع ڪيا“. ولبر فورس جي هن راءِ مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سماننگر (ٺٽو) نائين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۾ به -آباد- هو، جتان چوڙا سما لڏي ڪڇ طرف ويا. -ٺٽو- شهر سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغل نوابن جي زماني تائين، يعني چار سئو کن سال، سنڌ جو -تخت- گاهه رهيو. انهن حڪومتن جي زماني ۾ هي شهر علم ادب، فن ۽ ثقافت، صنعت ۽ هنر، -تهذيب- ۽ تمدن جو مرڪز رهيو. اهڙيءَ طرح اسلامي ادبيات، مذهبي تعليم، تبليغ ۽ اسلامي فن جي فروغ جي ڪري، ايران، افغانستان، شام، بغداد، بصري، سمرقند، بلخ، -بخارا- ۽ وچ -ايشيا- جي ٻين ملڪن ۽ شهرن تائين، هن شهر کي گهڻي شهرت حاصل هئي. انهن ملڪن ۽ شهرن جا عالم، فاضل، اولياءَ، اڪابر، فنڪار، صوفي بزرگ ۽ درويش، اُتان لڏي، هت اچي -آباد- ٿيا. اهوئي سبب آهي جو اسلامي دنيا ۾ هي شهر ’بغداد ثاني‘ سڏجڻ لڳو. هت بيشمار مڪتب، مدرسا، درويشن جون درگاهون، خانقاهون، آستانا ۽ اوتارا قائم ٿيا، -جتي- پري پري کان شاگرد، علم جي پياس پوري ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. هي شهر علم ۽ هنر، مڪتبن، مسجدن، خانقاهُن، محلن، ماڙين، باغن، باغيچن، گلن، ميون ۽ وڻج واپار جي ڪري دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. سيد حسام الدين شاهه راشديءَ، ”مڪلي نامه“ ۾ هن شهر جو مڪمل نقشو ڏنو آهي، جنهن ۾ سما گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي مغلن جي نوابن جي راڄ تائين، ۽ اُن کان پوءِ واري دور ۾، هن شهر ۾ قائم ٿيل پاڙن، محل ماڙين، حويلين، بازارن، باغن، باغيچن، چؤڪن ۽ چؤرنگين جا نشان ۽ نالا ڏنا آهن، مطلب ته -ٺٽو- يارهين صديءَ کان وٺي، ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي تائين، سنڌ جو اهم -ترين- شهر هو. سڄي اُتر هندستان ۾ ٻيو ڪوبه اهڙو شهر نه هو. -تاريخ- طاهريءَ جو مصنف لکي ٿو ته ”حقيقت ۾ -ٺٽي- جو بنياد ڪنهن اهڙي سڀاڳي گهڙيءَ ۾ پيو هو، جو هتي جي رهواسين، رنج ۽ تڪليف ڪڏهن به نه ڏٺي آهي؛ جيڪي ڪجهه وٽن آهي، اُن تي قناعت ڪندا آهن؛ جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي نصيب آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن به هنڌ ورلي لڀندي“.
سترهين صديءَ جي هڪ مقامي مؤرخ، فريد بکريءَ جو رايو آهي ته ”ٺٽي کي ڌرتيءَ جي -جنت- سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکن جي گهٽيءَ ۾ پير نه پاتو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي، ۽ ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته -ٺٽو- ’عراق ثاني‘ آهي“. -ٺٽي- شهر جي شاهوڪاري ۽ تونگري، انهيءَ حقيقت مان ئي پڌري ٿي ٿئي ته جڏهن پورچوگيزن جي ڪمانڊر، پيڊرو، مرزا عيسيٰ -ترخان- جي چوڻ تي، سندس مدد لاءِ، 1555ع ۾، -ٺٽي- تي ڪاهيو، ۽ پوءِ مرزا عيسيٰ کي شهر ۾ نه ڏسي هن (پيڊرو) سخت ڪاوڙ ۾ اچي، -ٺٽي- جي شهر کي -باهه- ڏياري ڇڏي. انهيءَ -باهه- ۾ ويهن لکن سونين مهرن جي ملڪيت سڙي ناس ٿي وئي. -ٺٽي- جي ڦرلٽ مان پورچوگيزن کي ايترو ته مال غنيمت حاصل ٿيو، جو -ايشيا- ۾ شايد ئي ڪٿان کين يا ٻين حملي آورن کي مليو هجي. اهڙيءَ طرح ’نڪولس وٿنگٽن‘ 14- 1613ع ۾، پورچوگيز سياح ’مانرڪ‘ 1641ع ۾، ڊچ سياح ’منوڪي‘ 1659ع ۾ ۽ -انگريز- سياح ’اليگزينڊر هئملٽن‘ 1699ع ۾ -ٺٽي- آيا هئا. انهن مان هرهڪ -ٺٽي- جي تعريف ڪئي آهي. انهن مان هئملٽن لکي ٿو ته ”هي شهر ملڪ جي وڏي مارڪيٽ آهي. هيءُ هڪ تمام وڏو آسودو شهر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي. لاهري -بندر- کان هي شهر چاليهه ميل پري آهي؛ منجهس اولهه طرف هڪ وڏو قلعو ۽ پناهه گاهه آهي، جنهن ۾ پنج هزار ماڻهو ۽ گهوڙا رهي سگهن ٿا، -جن- جي رهڻ لاءِ جايون ۽ طبيلا آهن. انهيءَ قلعي ۾ نواب جي رهڻ لاءِ عاليشان محلات آهي. ٺٽو، سنڌونديءَ کان ٻه ميل پري آهي. درياهه مان نهرون ڪڍي، شهر ۾ -پاڻي- پهچايو ويندو آهي. شهر جي چوڌاري، -بادشاهه- جا تمام عمدي طرز جا ۽ وڻندڙ -باغ- آهن، -جن- ۾ هر قسم جا گل ڦل ۽ ميوا ٿيندا آهن. انهن باغن ۾ ڏاڙهون ته خاص قسم جا ٿيندا آهن. اهي اهڙا ته لذيذ ٿيندا آهن، -جن- جهڙا مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن چکيا به نه آهن. هي شهر دينيات، فلسفي ۽ سياسيات جي علمن کان گهڻو مشهور آهي. هت چار سئو مدرسا آهن، -جن- ۾ مٿي ڄاڻايل مضمونن کان سواءِ، ٻيا مضمون به پڙهايا ويندا آهن. انهن کان سواءِ هتي هندن جا گروڪل به آهن، جيڪي يونيورسٽين جهڙو درجو رکن ٿا. ٽي سال اڳ يعني 1696ع ۾ هن ملڪ ۾ پليگ جي وبا اهڙي ته اچي پئي، جو اُن ۾ صرف -ٺٽي- شهر ۾ اَسي هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ اڌ کان وڌيڪ شهر خالي ٿي ويو. هن شهر جي -اوڀر- طرف، پورچوگيزن جي هڪ ديول ٺهيل هئي، جنهن جي ٻاهرين ڪوٺيءَ ۾ مقدس درويشن ۽ بزرگن جون پراڻيون -تصويرون- ٽنگيل هيون“. سترهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ -ٺٽي- جو ستارو بدلجڻ لڳو ۽ اُن جو زوال شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته ميان يار محمد ڪلهوڙي (حڪومت 1700 کان 1718ع)، پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪندي ئي، پنهنجو -تخت- گاهه، خداآباد کي بنايو. پوءِ هي شهر آهستي آهستي ڦِٽندو ويو، ۽ ماڻهو هتان لڏي، -تخت- گاهه طرف وڃڻ لڳا. ايتري قدر جو 1809ع ۾ (ميرن جي دور ۾) جڏهن ’هينري پاٽنجر‘ هت آيو، تڏهن هُن، هِن شهر کي کنڊرن جي صورت ۾ ڏٺو. هُو لکي ٿو ته ”اسان تباهه ۽ ويران ٿيل کنڊرن مان تمام گهڻو مفاصلو پنڌ هلياسين، ۽ تنهن کان پوءِ شهر جي آباديءَ واري علائقي ۾ پهتاسين“.
”نادر شاهه جي حملي (1152هه/ 1739ع) وقت -ٺٽي- ۾ چاليهه هزار ڪوري هئا، ۽ ويهه هزار ٻيا ڪاريگر هئا. اُن کان سواءِ صراف، -اناج- جا واپاري ۽ ٻين جدا جدا جنسن جا سٺ هزار تاجر هئا“. اهڙيءَ طرح مسٽر سمٿ، ڪراچي ضلعي جي گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته ”ٺٽي جو ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو يورپ جي ملڪن ۾ مشهور هو. قلمي شورو وڏي مقدار ۾ ملندو هو. انهيءَ ڪري ايسٽ -انڊيا- ڪمپنيءَ قلمي شوري صاف ڪرڻ جا هت ڪارخانا لڳايا“. جنهن زماني ۾ -اورنگزيب عالمگير- ملتان جو گورنر هو، اُن زماني ۾ سنڌ جو ملڪ به سندس نظامت هيٺ هو. اُن زماني ۾، هُن پنهنجي والد، شهنشاهه شاهجهان، کي سنڌ جي -باري- ۾ ڪيترائي خط لکيا هئا. انهن خطن مان معلوم ٿو ٿئي ته اورنگزيب وقت بوقت -ٺٽي- جا تحفا شهنشاهه شاهجهان جي خدمت ۾ موڪليندو رهندو هو. اُنهن تحفن ۾ -ٺٽي- جون لونگيون، ڇيٽون، -ٺٽي- جي ٻين ميون سان گڏ بيداڻا ڏاڙهون ۽ ڪپڙو، خاص طور شهنشاهه شاهجهان کي موڪليندو هو.
بهرحال موجوده وقت -ٺٽي- جي پراڻي جاهه و جلال، بادشاهن جي محلن ۽ ماڙين، نوابن جي قلعن ۽ ڪوٽن جو ڪوبه نشان هت موجود ڪونهي. البت مختلف خاندانن جي پراڻن پاڙن، محلن، بازارين، حويلين، مسجدن جا نالا يا انهن مان ڪي مسجدون ۽ حويليون موجود آهن. اهڙيءَ طرح مڪليءَ تي سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ تعمير ٿيل مقبرن ۽ مسجدن کان سواءِ، -ٺٽي- شهر ۾ ڪي جايون، پاڙا ۽ بازاريون اڄ به شهر جي عظمت جي شاهدي ڏين ٿيون. اُنهن ۾ خاص هي آهن: مير احمد بيگ محلو، مُلا محمد علي محلو، خواجه شڪر محلو، ساگر محلو، سُرهين جو محلو، محلو ڪِشمِشيان، محلو سنگتراش، محلو نقارچين، مغل واڙو، محلو غله بازار، محلو مسڪر، سهتيه محلو، تندسر محلو، محلو ٺٺ مولو، محلو قاضيان، محلو رضوي سادات، محلو ميرڪي سادات، اميرخاني محلو، شڪرالاهي سادات محلو، محلو انجوي سادات، جمنا سرزمين، -اسلام- پوره محلو ۽ پلنگ پاڙو. انهن محلن ۽ پاڙن کان سواءِ هت ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مندر به آهن، جيڪي پنهنجن سينن ۾ اڄ به مختلف دورن جا داستان سانڍيندا اچن. اُنهن ۾ مسجد ولي نعمت، جامع فرخ، اميرخاني مسجد، محلو -تند- سر مسجد، دابگير (دبگر) مسجد، مُلا ملوڪ شاهه واري مسجد، مسجد لکي، مسجد -اسلام- پوره، مسجد ابوالقاسم نقشبندي ۽ مخدوم محمد معين مسجد. اهڙيءَ طرح هيٺيون حويليون اڄ به مشهور آهن: خسرو خان حويلي، عرب ڪوڪي حويلي، خشتي حويلي، قاضي ابراهيم حويلي، مرزا فتح علي بيگ جو محلات ۽ مرزا عظيم الدين جو بنگلو. هيٺيان چؤڪ ۽ بازاريون اڄ به جهونن ماڻهن کي ياد آهن: چؤڪ عبدالغني، چؤڪ ملڪ مانِ، جملي پير جو ميدان، غله بازار، مرزائي بازار، گودڙي بازار، گدا بازار، پٽيهٽ بازار، اميربيگ بازار، -بازار- قصاب، گلن جي -بازار- ۽ مڇي بازار. انهن کان سواءِ -ٺٽي- جا هيٺيان -باغ- اڄ به مشهور آهن؛ مير -ابو تراب- باغ، مير سيد علي (ثاني) شيرازي باغ، خورشيد -باغ- ۽ مُشڪين باغ.
هن شهر تي وڏي -تحقيق- جي ضرورت آهي جنهن ۾ هن شهر جي تاريخ، -تهذيب- ۽ تمدن، وڻج واپار؛ هتي جي ماڻهن، سندن سماجي زندگي، ريتن رسمن ۽ سندن نسبي ۽ نسلي -تاريخ- تي -تحقيق- کان سواءِ هتي هڪ ميوزيم هئڻ گهرجي، جنهن ۾ اُهي سڀ شيون گڏ ڪري رکجن، جيڪي هن شهر جي مطالعي جي سلسلي ۾ مددگار بڻجن.
ٺٽي شهر جا آڳاٽا آثار: -ٺٽو- شهر، جيڪو هن وقت ضلعي صدر مقام آهي، سو ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيو، سا حقيقت راز ۽ اسرار جي پردن ۾ ڍڪيل رهي آهي. سنڌ جي روايتي داستانن موجب -ٺٽي- شهر جو بنياد به اوترو ئي قديم آهي، جيترو قديم شهر ملتان جو. اهڙن داستانن جي هڪ راويت مطابق چئن زائفائن مان (جن چئني مان هرهڪ اها دعويٰ ٿي ڪئي ته هُوءَ سڀني ۾ وڏي آهي) هڪ چيو ته:
جــڏ ٺـٽـي ٿــي ٺـاهـه ڪـيـو، اڏيــو ٿـي مـلـتـاڻ
تـڏ سـئو سـهيلين سـاڻ، مـون مٽي کنئي مٿي تي.
ٺٽي جي بڻ بنياد بابت -امير خسرو- جي شعر چوڻ واري سٽ تي به -تحقيق- جي ضرورت آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته -ٺٽي- جي ابتدائي آباديءَ وارو دور اهوئي ساڳيو آهي، جڏهن سنڌونديءَ جي وچ وارو وهڪرو تبديل ٿيو، ۽ جڏهن سومرا خاندان جي حڪمراني زوال پذير هئي، -ان- جو اصل سبب اهو هو ته سنڌوندي پنهنجي ”پراڻ سرشتي“ وارو وچيون وهڪرو تبديل ڪري، اولهه طرف رخ ورتو هو، جنهن کي -ٺٽي- وارو سلسلو“ چئي سگهجي ٿو. زوال پذير سومرن جي خوشحاليءَ جو دارومدار ئي انهيءَ پراڻ سلسلي تي هو، جنهن ۾ پوءِ پاڻيءَ جي آوت گهٽ ٿيندي وئي، نتيجي ۾ هن طرف جا فصل متاثر ٿيڻ لڳا ۽ علائقي جي اقتصادي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي. -ٺٽو- -ان- وقت تائين هڪ ننڍي يا وڏي ننگر جي حيثيت حاصل ڪري ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بنجي چڪو هو. هي دور تيرهين صديءَ جي آخر کان چوڏهين صديءَ جي وچ تائين جو دور هو. -ان- ۾ به شڪ نه رهيو آهي ته -ٺٽو- سنڌونديءَ جي پيدا ڪيل بستي هئي، ۽ هن سنڌوءَ جي ڪُک مان -ان- وقت -جنم- ورتو، جڏهن ندي پنهنجو وچيون پراڻ سلسلي وارو وهڪرو مَٽي گهڻو اولهه طرف -ٺٽي- وارو رخ اختيار ڪيو. خود لفظ ”ٺٽه“ جي معنيٰ مان انهيءَ حقيقت جي ڪافي حد تائين تصديق ٿئي ٿي.”ٺَٽِي“، ”ٺٽ“ ۽ ”ٺٽو“، ٽيئي لفظ هڪڙي ئي صفتي معنيٰ رکندڙ آهن، جنهنجو مطلب آهي سنڌونديءَ جي ڪناري واري عارضي بستي. جنهن ۾ فقط ماڇي مهاڻا مڇيءَ جو شڪار گڏ ڪري رکڻ ۽ نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا هجن، اُن آباديءَ کي ’مياڻي‘ يا ’مياڻ‘ سڏبو آهي، پر جي اها آبادي جهجهي آهي ۽ -ان- ۾ مهاڻن کان سواءِ هاري ناري چوپائي مال جي ڌڻن سان ٿانئيڪا آهن ته پوءِ -ٿوري- مال واري وسنديءَ کي -ٺٽي- (ٺٽي معنيٰ ڌڻ)، -ان- کان وڌيڪ ڌڻ ڌنارن واري وسنديءَ کي ”ٺٽ“ ۽ اڃا به وڌيڪ گهڻي ڌڻ ڌنارن جي وسنديءَ کي -ٺٽو- چئبو. اهڙا نالا فقط اهڙين وسندين تي رکيل ٿين ٿا، جيڪي لازمي طرح تي مکيه درياهه جي ڪپ يا ڪنهن دائمي وسندڙ شاخ تي -آباد- ٿيل هجن. سنڌونديءَ ۽ -ان- جي ڦاٽن تي ڪيتريون ئي ٺٽيون ۽ -ٺٽ- موجود هئا؛ مثلاً -ٺٽ- ڳوراهو ۽ -ٺٽ- هوتچند وغيره، پر -تاريخ- ۾ انهن مان فقط وڏي ۾ وڏي وسندي يعني ”ٺٽي“ جو ذڪر موجود ۽ مشهور آهي. -ٺٽي- جي موجوده محل وقوع يا بيهڪ توڙي -ان- جو چوڦير پراڻي سنڌوندي ۽ -ان- جي شاخن جي پاتالن جي -ان- سان سڌي سنئين سنٻنڌ جي صورتحال مان اها تصديق ٿئي ٿي ته -ٺٽو- سنڌونديءَ جي شاخن جي وچ ۾ واقع هو؛ -ان- جي معنيٰ ته هيءَ وستي آبڪلاڻيءَ جي موسم (مئي، جون کان -آگسٽ- ۽ سيپٽمبر) دوران پوريءَ طرح محفوظ رهندي هئي. -ان- حقيقت جي تصديق فيروز شاهه -تغلق- جي -ٺٽي- خلاف مهمن (1350- 1368ع) ۽ -ان- بعد شاهه بيگ -ارغون- جي هٿان -ٺٽي- جي فتح (1520ع) بابت -تاريخ- ۾ ڏنل حوالن مان به ٿئي ٿي. مکيه درياهه، نواب شاهه (موجوده بينظير آباد) ۽ سڪرنڊ تعلقن جي ايراضين ۾ ڪنهن هنڌ تي پراڻ ڏانهن رخ رکندڙ پنهنجو اوڀر- ڏکڻ وارو وهڪرو مَٽي، اولهه- ڏکڻ طرف موڙ کاڌو. درياهه جي انهيءَ نئين وهڪري، شهدادپور، نصرپور ۽ ٽنڊي محمد خان جو رخ ورتو ۽ اڳتي وري ڏکڻ- اولهه طرف موڙ کائي -ٺٽي- ڏانهن رخ رکيو. درياهه -اتر- ۾ چليا ۽ ڏکڻ ۾ خان سومرا ڳوٺ واري ايراضيءَ مان ڪنهن هنڌان پنهنجي مکيه وهڪري ۾ ڦيرو کائي وڃي ڏاکڻيون -پاسو- ورتو ۽ اهڙيءَ ريت -ٺٽي- واري ايراضيءَ جي اُڀرندي لڳ ويجهو ٿي وهڻ لڳو. ڏکڻ طرف موڙ واري ور وٽان نديءَ جي هڪ معاون شاخ -ان- کان ڪٽجي جدا ٿي وئي، جا بعد ۾ انهيءَ پراڻي ڪلريءَ جي خشڪ ڍوري ۾ داخل ٿي وئي، جيڪو اسلامي دور کان گهڻو اڳ هڪ مکيه درياهه هو، بعد ۾ اها شاخ اڳتي ٻن شاخن ۾ ڦٽي نڪتي. -جن- مان هڪڙي شاخ -اتر- ۽ مڪليءَ جي ٽڪرين وچان وهندي اڳتي ڏکڻ - اولهه طرف گهاري جي رخ تي وهڻ لڳي، جڏهن ته ٻي شاخ مڪليءَ واري -ٽڪري- جي اُڀرندينءَ ڪڇ مان ڦيرا کائي پوءِ ڏکڻ طرف وهڻ لڳي. سنڌونديءَ جي وهڪري ۾ انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ سمن جا اهي راڄ، جيڪي مڪلي واري ايراضيءَ ۾ -آباد- هئا، سي ججهي ۽ دائمي وهندڙ پاڻيءَ مان سکيا ٿيا. سمن جي پهرين اهم وسندي، جيڪا سندن راڄ يعني ساموئيءَ جي نالي سان مشهور ٿي، ۽ جيڪا سندن جاگيرداري اقتدار جو ابتدائي مرڪز پڻ ٿي، سا مڪلي ٽڪريءَ جي بلڪل اُترئين ڇيڙي وٽان وهندڙ ۽ گهاري طرف ويندڙ شاخ جي کاٻي ڪپر (ڏکڻ طرف) تي -آباد- هئي. -ان- بعد سندن زرخيز زمينون مڪليءَ جي ٽڪرين جي اولهه طرف وڌنديون ۽ پکڙنديون ويون. تڏهن کان ئي اهو علائقو ’سمڪي‘ (يعني سمن جو علائقو) سڏجڻ لڳو. روينيو سرشتي جو اهو سرڪل، جنهن ۾ اها ايراضي شامل آهي، سو اڄ تائين انهيءَ ئي ’سمڪي سرڪل‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. سمن جي ٻي بستي مڪلي سلسلي جي اُڀرندينءَ ڪڇ مان وهندڙ شاخ جي اُڀرندي (کاٻي) ڪپر تي وڌڻ ويجهڻ لڳي. هڪ طرف انهيءَ وسنديءَ جون زمينون وڏين زرخيز ڊيلٽائي ايراضين واريون هيون، جيڪي اُن جي -اوڀر- ۽ ڏکڻ_ -اوڀر- طرف پکڙيل هيون، ته ٻئي طرف انهيءَ شاخ جو اولهائون ڪنارو مڪليءَ جي ٽڪريءَ سببان پاڻيءَ جي کاڌ کان محفوظ ۽ مستحڪم هو، جنهنڪري -ان- جا گهاٽ ڏاڍي سهوليت ۽ سهنج وارا هئا. اها آبادي، جا هونئن بنيادي طور محض هڪ مڇي مياڻ رهي ها، سا نيٺ هڪ -ٺٽي- بنجي وئي ۽ پوءِ وڌي تهان وڏو -ٺٽ- بنجي وئي. سمن حاڪمن جڏهن اهو محسوس ڪيو ته اها صورتحال آمد رفت ۽ نقل حمل لاءِ وڌيڪ سڻائي ۽ فائديمند آهي ته هنن ساموئيءَ مان پنهنجا ديرا کڻي اچي انهيءَ ”ٺٽ“ ۾ قائم ڪيا، نتيجي طور اهو -ٺٽ- سرڪاري ننگر (راڄڌاني) بنجي ويو. اهوئي ننگر بعد ۾ جلد پنهنجي ايراضيءَ ۽ پکيڙ ۾ وڌندو نيٺ وڃي وڏو -ٺٽو- ٿيو ۽ پُر اثر نالي سان مشهور ٿي ويو. محقق انهيءَ خيال جا آهن ته شهر جا جيڪي ڀاڱا ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مٿانهان آهن، سي ئي -ان- جا قديم حصا آهن. هيٺينءَ وچور موجب، ڄاڻايل ڀاڱا شهر جا اوائلي مٿانهان حصا سمجهيا وڃن ٿا:
(1) ڪاراڻي محلو: سڄوي ڪاراڻي محلو، جيڪو شاهي -بازار- جي ’ڀڳڙا بازار‘ واري ڀاڱي کان اولهه طرف واقع آهي ۽ پڻ -ان- جي -اوڀر- طرف هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ ”اِڊر پاڙو“ به اچي وڃي ٿو.
(2) شاهي -بازار- جي ”ڦول بازار“ واري ڀاڱي جي اولهه طرف پکڙيل ايراضي.
(3) گلڻ شاهه شيرازيءَ جي مسجد جي چوگرد ايراضي، توڙي -ان- جي -اوڀر- طرف پکڙيل ايراضي.
شاهجهان واري -جامع مسجد- جي بنياد پوڻ کان اڳ اها مسجد، -جامع مسجد- طور استعمال ٿيندي هئي. ”مسجد ولي نعمت“ ۾ هڪ مدرسو به هو، جنهن ۾ مشهور صوفي بزرگ شاهه مراد (93- 831هه/ 87- 1427ع) -تعليم- ورتي هئي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته سمن جي حڪمرانيءَ جي پوئين دور ۾ -ان- اولهائين ڀاڱي جي -اتر- وارو -پاسو- مکيه شهري علائقو هو.
سمن جي حڪمرانيءَ ۾ اوائلي دور وارو قديم -ٺٽو- ڪٿي واقع هو؟ انهيءَ ڏس ۾ هتي ٻه اهڙا اهم پاڙا آهن، جيڪي شهر جي بنيادي قدامت ڏيکارين ٿا. -جن- مان هڪڙو آهي -اسلام- پوره وارو پاڙو، ۽ ٻيو آهي ”ٺٽ -پاڙو- يا ٺٺ پاڙو“، جيڪو تاريخي لحاظ سان هڪ اهم -پاڙو- آهي. اهو -پاڙو- -اسلام- پوره پاڙي جي ڏکڻ ۾ آهي. هن وقت انهيءَ -ٺٽ- پاڙي ۾ جايون جڳهيون ڪي گهڻي تعداد ۾ باقي نه رهيون آهن، ڪنهن وقت اهو محلو ايراضيءَ ۾ چڱو وڏو هو. شهر جي هن حصي جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي جو -ان- جو اهو قديم نالو يعني ”ٺٽ يا ٺٺ“ اڄ تائين باقي رهيو آهي. 20- 1915ع تائين اتي ميمڻ قبيلي جا ڪيترائي گهر موجود هئا، -جن- جي فردن کي عام طور تي سندن -ٺٽ- محلي جي نالي پٺيان ”ٺٽيار“ سڏيو ويندو هو. -جن- مان مشهور شخص حاجي عبدالله -ٺٽيار- ۽ ورايو ٺٽيار، 1918ع کان اڳ گذاري ويا هئا، -ٺٽي- شهر توڙي آسپاس ۾ جتن جو ڪافي تعداد صدين کان -آباد- آهي، -جن- کي ”نانگرائُو جت“ سڏيو وڃي ٿو. محمد رمضان ميرجت چڱي ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو هو. هن ئي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ هڪ ٻي ٺٽِي (اوائلي آبادي) هئي، جنهن کي 866 کان 893 هجري (1462 کان 1488ع) دوران، درويش شاهه مراد جي سفارش سان ڄام نندي جي وزير ”لکدير“ ۽ سندس پٽ ”مُولي“ وسايو هو، جنهنڪري -ان- کي ”مولو ٺَٽي“ جي نالي سان سڏيو ويو. هيءَ ”مُولو ٺٽي“ -ان- وقت تائين موجود هئي، جنهن وقت مير علي شير قانع -تاريخ- لکي رهيو هو. ٺٺ يا -ٺٽ- محلو جيڪو ڏکڻ ۾ آهي ۽ -اسلام- پوره محلو جيڪو -اتر- ۾ آهي، سي ٻئي محلا انهيءَ ڍنڍ مثل کڏ جي اوڀرين ڪپ تي واقع آهن، جنهن کي.”تند سر“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو پيٽو پڻ درياهه جي پيٽ سان وڃي ٿو ملي. ”تندسر“ جي لغوي معنيٰ آهي پاڻيءَ جي هڪ ڀرپور وڏي ڇَرَ. انهيءَ جي پکيڙ ٺٺ- -اسلام- پوره واري اوڀرين ڪپر کان وٺي اولهه طرف مڪلي ٽڪريءَ جي لاهي تائين آهي. پاڻيءَ جي اها ڍنڍ، جيڪا اڳئين درياهه يا -ان- جي ڪنهن شاخ جي پيٽ سان لاڳو هئي، سا اڀرندي ڪناري تي ٻيڙين لاءِ هڪ مثالي لنگر گاهه جو ڪم ڏيندڙ هئي. پاڻيءَ جو جهجهو مقدار هتي سڄوئي سال، يعني آبڪلاڻيءَ توڙي سياري ٻنهي موسمن ۾ موجود هوندو هو. -ان- جي اوڀرين ڪپر تي موجود ٻن جليل القدر بزرگن، لال ڇٽي ۽ ابراهيم شاهه جا مقبرا اها شاهدي ڏين ٿا ته هيءُ هنڌ هميشه هڪ مرڪز رهيو آهي. -ان- جي -آمهون سامهون- درياهه جي اولاهين طرف مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي ڪناري سان دريا خان جو ”ڪوٽ“ هو، جيڪو ڄام نظام الدين جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار هو. انهيءَ ڪري ئي وزيراعظم دريا خان شهر جي هن قديم ڏکڻ- -اوڀر- وارين ايراضين جي آبپاشيءَ جي مسئلي تي گهڻو ڌيان ڏنو ۽ مشهور ”علي جان واهه“ (عرف خانواهه ڪئنال، جنهن کي هاڻي ”علي جاه“ سڏيو وڃي ٿو) کوٽايو. اهو واهه ڪلريءَ مان -پاڻي- کڻي، ”وڏي -الله- کاهي“ (چئنل) وٽان ۽ پوءِ ”ننڍي -الله- کاهي“ (چئنل) وٽان وهندو هو. معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ علي جاهه واهه جو -ٿورو- -پاڻي- پوڇڙيءَ جي ٻن کاهين مان (جن کي هاڻي ”گهاڙ مساڻ“ ۽ ”گهاڙ مڇي“ سڏجي ٿو) وهندو وڃي تندسر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبپاشيءَ جي انهيءَ آڳاٽي سرشتي، بعد جي دورن ۾ ٻين واهن لاءِ راهه هموار ڪري ڇڏي، -جن- -ٺٽي- جي -اوڀر- واري ايراضيءَ کي خوبصورت باغن واري سرزمين بنائي ڇڏيو.
ڀيرومل مهرچند 1920ع ۾ هن شهر بابت لکي ٿو ته -ٺٽي- شهر ۾ ڪيتريون جايون ماڙين سان آهن، مڪليءَ جي -ٽڪري- نزديڪ هوندي به ڪا -پٿر- جي جاءِ ڪانهي. شهر ۾ هندڪا پاڙا جڳيسيا، ٽوٽائي سيٺين جو -پاڙو- ۽ پلنگ -پاڙو- وغيره آهن. ٻيو هڪ ”ٺٽ“ -پاڙو- آهي، جيڪو اصل هڪ ننڍو ڳوٺ هو، جو پوءِ شهر سان گڏجي ويو آهي. انهيءَ -ٺٽ- -تان- -ٺٽي- ننگر تي نالو پيو آهي. -بازار- جي ڀاڱن تي جدا جدا نالا رکيل آهن: مثلاً ڀڳڙا بازار، کجور بازار، صراف بازار، ڦول -بازار- وغيره. -بازار- جي هڪ ڀاڱي جو نالو ”گيارس بازار“ آهي، اهو نالو گيارس جي ڏينهن کائڻ جي سامان وڪڻڻ ڪري پيو. آڳاٽي وقت ۾ -ٺٽي- جا حاڪم جڏهن شهر کي چڪر ڏيڻ لاءِ نڪرندا هئا، تڏهن گدا (فقير) کان بخشش گهرڻ لاءِ اِتي اچي ڪٺا ٿيندا هئا، تنهنڪري اِهو نالو پيو.
ٺٽي ۾ مندرن، مسجدن ۽ قبن جو ڪاٿو ئي ڪونهي. جنگشاهيءَ وارو رستو وٺي اچبو ته مڪليءَ جي ٽڪريءَ وٽ شنگهه ڀوانيءَ وارو مندر؛ ميونسپل ناڪي کان گُجي وارو رستو وٺي هلبو ته منشا ديويءَ جو مندر؛ جي اندر -بازار- ۾ وڃبو ته چؤنڪ -بازار- ۾ مندر؛ جنهن جي ڀر ۾ ننڍي -جامع مسجد- آهي. شهر جي ٻاهران مساڻي طرف کڏيءَ جو مندر ۽ ستين جو آستان آهي.
ٺٽي جي شهر ڪنهن زماني ۾ راحت به ماڻي، ته عذاب به ڏٺا هئا. ٽي گهمرا ته -باهه- ۾ جليو. پهرين -باهه- شاهه بيگ -ارغون- 1521ع ۾ ڏياري، ٻيو گهمرو پورچوگيزن 1555ع ۾، ۽ ٽيون گهمرو 1591ع ۾. -اڪبر بادشاهه- جو لشڪر جڏهن -ٺٽي- تي ڪاهي ٿي آيو، تڏهن مرزا -جاني- بيگ ڏٺو ته هاڻ -ٺٽو- هٿان ويندو، تنهن پنهنجي شهر کي پاڻهي -باهه- ڏياري! انهيءَ پوئين دفعي -ٺٽي- جو شهر اهڙو جليو، جو وري پوريءَ طرح پاڻ سنڀالي نه سگهيو. -ٺٽي- جا سيد علم جا صاحب هئا. سنڌي شعر پهريائين -ٺٽي- ۾ ٺهيو. -پارسي- شعر جوڙڻ لاءِ به هتي عمدا شاعر هئا، -جن- جا ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ لوازما ٻڌل هئا، جي پوءِ انگريزن جي صاحبيءَ ۾ -بند- ٿيا، جنهنڪري -پارسي- علم کي ڌڪ پهتو. سنڌ جي هڪ تواريخ، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٺاهيل آهي ۽ ”تحفته الڪرام“ جي نالي سان مشهور آهي. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ -ٺٽو- وڏو واپاري مرڪز هو. 1758ع ۾، ايسٽ -انڊيا- ڪمپنيءَ پنهنجون ڪوٺيون -ٺٽي- ۽ -اورنگا بندر- ۾، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي اجازت سان وڌيون، پر 1775ع ۾ سندس پٽ ميان سرفراز خان اُهي کڻائي ڇڏيون. -ٺٽي- ۾ عاليشان عمارتن جي به اڳي ڪمي ڪانه هئي. مرزا غازي بيگ جي وقت ۾، ميان خسرو خان -ٺٽي- جو خودمختيار حاڪم هو، تنهن اڪيچار ناڻو خرچي، ٽي سئو سٺ مسجدون، کوهه، پليون ۽ مسافرخانا وغيره جوڙايا هئا.
سياسي حالات: سياسي تاريخن ۾ به -ٺٽي- جو نالو بار بار آيو آهي. -ٺٽي- ۽ -ان- جي آسپاس پهريون دفعو خليفي عبدالمالڪ امويءَ جي دور ۾ عرب وارد ٿيا. هي علائقو -اول- اموي خلافت ۽ پوءِ عباسي مبلغن جي تابع رهيو. ايستائين جو سال 1025ع ۾، خليفي قادرباالله عباسيءَ اُنهن کي ملتان ۽ اُچ مان ڌڪي ڪڍيو. 1026ع ڌاري محمود غزنويءَ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي حملو ڪري، -ٺٽو- ۽ سيوهڻ فتح ڪري عربن کي ڀڄائي ڇڏيو. -ٺٽي- جي -تاريخ- ۾ -ان- کان پوءِ جو دور نهايت خراب رهيو. حاڪم خود لٽ مار ۾ مصروف ٿي ويا. انهيءَ دور ۾ ئي سومرن -بغاوت- ڪري -ٺٽي- تي قبضو ڪيو.
بعد ۾ 750 هه/ 1351ع ۾ سمن اقتدار تي قبضو ڪيو. اهي حڪمران ”ڄام“ چوائيندا هئا. ڄام نندي يعني ڄام نظام الدين پٽ ٻانڀڻي جو دور سمن حڪمرانن جو سونهري دؤر هو. ڄام نندو وڏو نيڪ ۽ علم دوست -انسان- هو. ڄام نندي چورن ۽ ڌاڙيلن کي ختم ڪرائي ڇڏيو. قاضي عبدالله (جنهن جي قبر مڪليءَ تي آهي)، -ان- جي نماز ڄام نندي پڙهائي هئي. ڄام نندي جي وفات کان پوءِ شاهه بيگ ارغون، (جيڪو -بکر- جو حڪمران هو)، -ٺٽي- تي پهريون حملو سال 1508ع ۾، ۽ ٻيو حملو 1521ع ۾ ڪيو، جنهن سان -ٺٽي- ۾ سمن جي حڪومت ختم ٿي. مرزا شاهه بيگ چاهيو ٿي ته سنڌ کان سواءِ گجرات جي حڪومت به سندس هٿ اچي وڃي. مرزا عيسيٰ جي زماني (975هه/ 1567ع) ۾، پورچوگيزن جمعي جي ڏينهن -ٺٽي- تي حملو ڪيو. ماڻهو جمعي نماز ادا ڪري رهيا هئا. ”فرنگين شهر لُٽي، گهرن کي -باهه- ڏيئي ڇڏي. مرزا عيسيٰ -ان- وقت -بکر- ۾ هئو؛ کيس خبر ملي ته فوراً -ٺٽي- پهتو. هن شهر جي هڪڙي ديوار درياهه سان گڏ کڻائي ۽ هڪ نهر کوٽائي شهر ۾ اندر آندي. هن هڪڙو نئون قلعو ”شاه بندر“ به تعمير ڪرايو.
همايون جڏهن شيرشاهه کان شڪست کائي ڀڳو، تڏهن لاهور کان ٿيندو -بکر- پهتو ۽ پوءِ اُتان نا اُميد ٿي -ٺٽي- ۾ آيو، پر مرزا شاهه حسن ساڻس -جنگ- ڪئي، تنهنڪري همايون لاچار ٿي -ايران- ڏانهن هليو ويو. سال 1614ع ۾ -ٺٽي- کي مغلن الڳ صوبي جو درجو ڏنو. -ٺٽي- ۾ مغليه دور جي هڪ مسجد توجهه لائق آهي. شاهجهاني جامع مسجد، جيڪا 1054هه/ 1644ع ۾ تعمير ٿي. هي مسجد مير -ابوالبقا- -امير- خاني تعمير ڪرائي.
ٺٽو پرڳڻو ۽ راڄڌاني: هي پرڳڻو سترهين صديءَ ۾، -ٺٽي- سرڪار جي چئن پرڳڻين مان هڪ هو. هن پرڳڻي ۾ چار راڄڌانيون هيون: (1) ٺٽو، (2) چاچڪان، (3) نصرپور ۽ (4) چاڪر هالا. پهريون ٽيئي راڄڌانيون، درياهه جي هِن ڀر -ٺٽي- جي پاسي اچي ٿي ويون ۽ چوٿين راڄڌانيءَ درياهه جي ٻئي طرف هئي.
ٺٽي جو شهر ۽ پرڳڻي جي ڪافي ايراضي درياهه جي کاٻي ڪپ تي هوندي هُئي، جنهن مان سُڌ پوي ٿي ته درياهه جيڪو -ٺٽي- ۽ مڪلي ٽڪرين جي -اتر- پاسي وَهندو هو، سو گجي ۽ -ٺٽي- جي هاڻوڪي رستي کي وچان -پار- ڪري وهندو هو. پرڳڻي جا ڪجهه حصا ٽڪرين تائين ڦهليل هُئا، -جتي- ڪهيري، ڪرمتي ۽ بلوچ، جيڪي حڪومت جا -باغي- هئا ۽ محال ڪوهستان ۽ ساڪري تعلقي جي ڏکڻ اولهه ۾ رهندا هئا، اها آبادي مغل حڪومت جي تابع هئي.
ٺٽي جي راڄڌانيءَ جا رعيتي ماڻهو ڏاڍا ”مسڪين“ هئا ۽ ڪابه ڪُڌائي نه ٿي ڪيائون، پر مهيرين ۽ نڱامرن جو هنن کي هر وقت خوف پئي رهيو، تنهنڪري ترخانن ٻنهي قبيلن جي سردارن سان صلح ڪري کين اطاعت ۽ امن ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن -ٺٽو- جهانگير بادشاه جي عملدارن جي ماتحتيءَ ۾ آيو، -ان- سان گڏ ڄام هالي ۽ راڻي عمر کي راضي ڪري، پنهنجي راڄ سان آزاد ڇڏيو ويو، جيڪي هميشه -ٺٽي- جي صوبيدار جي خدمت ۾ رهندا هئا. پوءِ ملڪ جي ضابطي ۽ -بادشاهه- جي حڪم سان ڪهيري ذات پنهنجي سردار ڄام هالي جي بادشاهي اقبال سان مير -ابوالبقا- هٿان نيست ٿي ويئي، پر نڱامرين آڻ نه مڃي، تنهن هوندي به راڻو عمر، جيڪو سندن سردار هو، سدائين فرمانبردار رهندو آيو.
هن شهر کي -تاريخ- جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته بارونق هجڻ سان گڏوگڏ علم ادب جو وڏو مرڪز رهيو آهي. -تاريخ- جي آئيني ۾ هي شهر وڏن لاهن چاڙهن مان گذريو آهي. هي شهر رونقن ۽ شادابيءَ ۾ قرطبه ۽ -بغداد- جو همعصر هوندو هو. -ٺٽو- شهر ڪيترائي دفعا -آباد- ته ڪيترائي دفعا برباد ٿيو آهي.
”آئين اڪبري“ ۾ لکيل آهي ته ”ٺٽو هڪ -بندرگاهه- هو. ملتان، لاهور، آگري ۽ -احمد آباد- سان -ٺٽي- جا خاص واپاري ناتا هئا. هن شهر جو واپار گووا، سورت ۽ ملبار جي خاص بندرگاهن تائين پکڙيل هو“. مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ هن شهر جي تاريخ، تمدن، ۽ -تهذيب- جي -باري- ۾ ڪافي روشني وڌي آهي. هو لکي ٿو ته ”ٺٽي شهر ۾ 164 ذاتين جا ماڻهو رهندڙ هئا، -جن- مان قديم ذات ميمڻ -برادري- آهي. هن وقت به ميمڻ برادريءَ جا ماڻهو -ٺٽي- جي ڪافي محلن ۾ -آباد- آهن. مغلن جي دور ۾ به -ٺٽي- جو ڪاروبار تقريباً ميمڻ قوم جي هٿن ۾ هو.
محلا: مل شير، شيرخاناڻي، شاڪراڻي، شڪر الاھي، شاهه مبين، بٽواڻي، تندسر، کٽي محلو، مخدوم محلو، پتي ھٽ، قاضي محلو، عقيلي محلو، گيدڙن جو محلو، عابداڻي، ڪشمشي محلو، بٺالا محلو، چانداڻي محلو، عباسين جا ٻه محلا، لوھارن جو محلو، وڏن جو محلو، ڪاسائي محلو، اميرخاني محلو (جامع مسجد جي -اوڀر- -اتر- ۾) انگريزن جو محلو، رضوي محلو، شيرازي محلو، ڀاڀي محلو، جمال محلو، مس گر محلو.
پاڙا: محلن ۾ جدا جدا پاڙا آھن، جيڪي ذات يا ڪنھن بزرگ جي مزار جي نالي پويان سڏجن ٿا: شاهه ڪمال پاڙو، کٽي پاڙو، کنڀاٽي پاڙو، سابوگر پاڙو، -بخاري- پاڙو، تندسر محلي ۾ واسواڻي پاڙو، ڪوٽائي پاڙو، وزن ڪشن جو پاڙو، غني پاڙو، ڀيلن جو پاڙو، حبشي پاڙو، درسن جو -پاڙو- وغيره. ٻيا پاڙا ھي آھن. وارين جو پاڙو، سون پاڙو، دبائي پاڙو، ساد پاڙو، لاسي پاڙو، حجام پاڙو، ماڻڪائي پاڙو، ميمڻ پاڙو، پلنگ -پاڙو- وغيره.
مزارون ۽ مقبرا: شاهه ڪمال (محلو مسگر) پير عباس ۽ مسجد (ڪشمش پاڙو) محمود شاهه جي مزار (مسگر محلو) شاهه ڏنو مزار (مسگر محلو) بيبي قدم (مسگر محلو) لال شاهه بخاريءَ جي مزار (مسگر محلو) شاهه مبين جي مزار (شاهه مبين محلو) خواجه اشرف صفي جي مزار (شڪرالاھي محلو) شاهه لڌي جي مزار (کير بازار) يتيم مردان (واسواڻي مسجد) شاهه معظم ٻانگي جي مزار (واسواڻي محلو) شاهه حسين جو مقبرو (ميروشاهه جو تلاءُ) شاهه ابراھيم جيلاني جي مزار (تندسر محلو- ڪنڀارن جي گھرن وٽ) نٿن شاهه جو مقبرو ۽ ڇتن شاهه جي مزار، شاهه ابراھيم (ڇاپائي محلو) -ٽن- بيبين جون مزارون (تندسر- ڇاپاٽي پاڙو) ميرو شاهه شيرازي (ميرو شاهه جو کوهه)لال ڇتو (تندسر) مخدوم قاسم (تندسر- ملاکڙي جو پٽ) شاهه برھان جي مزار (تندسر- سوني منڊين جو پاڙو) شاهه حسين جيلاني (تندسر- ڇانگن جو ڳوٺ) بيبي راڻي (تندسر- عطارن جو پاڙو) حاجي سليمان جو مقبرو (تندسر- ٽڪائين جو پاڙو) شاهه ابراھيم جي مزار (مغل واڙو) -بابو- شاهه بودلو (مغل وارو- محله اگر) شاهه ڏني ايسار جي مزار (مغلواڙو- ايسار) شاهه البو (پتڻ واري رستي تي) شاهه گوھر گنج (سھتيه- گور گنج) شمس -تبريز- ۽ ٻئي درويش جي مزار (گور گنج) محراب شاهه جي مزار (سھتيه- گورگنج) علي شاهه ناگائي (سھتيه- گورگنج) ننگر فقير جي مزار (اگر) شاهه عبدالواحد جيلاني (مظبوطن جي ڊٻ) حسين شاهه -بخاري- (اگر) پير دادن شاهه ۽ ٻيون تربتون (مھدوي رضوي محلو) شاهه اسماعيل بخاريءَ جو مقبرو (اگر) لاکي شاهه جي مزار (اگر) ابراھيم شاهه بخاريءَ جي مزار (اميرخاني قلعو) شاهه صدر لڪياري جي مزار (جامع مسجد جو دروازو- محلو اميرخاني) شاهه عبداللطيف (محلو اميرخاني) -پير شاهه- بخاري- شيخ فريد شڪرگنج (غله بازار) شاهه محمد مڪي (غله - -بازار- جو ڇيڙو- ھن بزرگ جي مزار ڪچي قلعي حيدرآباد ۾ به آھي) شاهه حسين (غله بازار) شاهه مڪسين ۽ خاڪي شاهه (شاھي بازار) ابراھيم شاهه غازي (غله بازار) سيد اسماعيل (محله خواجه شڪر) ملوڪ شاهه. پير سيبائتو ٻه تربتون گڏ (پلنگ پاڙو) پير آرڏو (تندسر- چانگ پاڙو) -جاڙا- پير ٻه قبرون (مخدوم محمد ھاشم جي گھر وٽ) ٻڍل شاهه (کدڙن جي مڙھيءَ وٽ) شاهه گل ۽ شاهه گھوٽ (جمالين جي گرائونڊ ۾) لال ڇتو (تار پاڙي ۾) شاهه -بندر- (ھنومان مندر جي پاسي ۾ مڪلي جي دروازي وٽ) پير جڏڙو (مشھدي سيدن جي پاڙي ۾) وغيره.
مسجدون: مٿي ڄاڻايل پاڙن ۾ ڪيتريون ئي مسجدون جوڙايون ويون، -جن- جا نالا ڏجن ٿا: (1) مسجد ولي نعمت، (2) -جامع مسجد- فرخ، (3) ميرڪن جي مسجد، (4) مسجد بزار اميربيگ، (5) مسجد محله اگريا، (6) دابگير مسجد، (7) مسجد خضري، (8) اميرخاني مسجد، (9) شاھجھاني مسجد، (10) حفظ -الله- خاني مسجد، (11) تندسر محلا مسجد، (12) محلي ملوڪ شاهه واري مسجد، (13) مير عبدل علي واري مسجد، (14) محله مسگر واري مسجد، (15) مسجد لکي، (16) مسجد -اسلام- پور، (17) قمري مسجد، (18) ميان ٺاري واري مسجد، (19) حاجي محمد قائم مسجد، (20) مخدوم آدو مسجد، (21) مخدوم ابراھيم مسجد، (22) مخدوم محمد قاسم مسجد، (23) مخدوم ابوالقاسم نقشبندي مسجد، (24) مخدوم محمد هاشم مسجد، (25) مسجد مخدوم معين.
حويليون: ڪجهه رھائشي جايون جيڪي اڃا موجود آھن. (1) خسروخان حويلي، (2) عرب ڪوڪي حويـلي، (3) خـشـتـي حويـلـي، (4) قـاضـي ابراھيـم حويلي، (5) مزار فتح علي بيگ جو محل، (6) مرزا عظيم الدين جو بنگلو.
باغ: (1) خواجه مير -ابو تراب- جو باغ، (2) سيد مير علي (ٻيون) باغ، (3) خورشيد باغ، (5) مشڪن باغ.
چؤڪ: (1) ميدان جملھ پير، (2) چؤڪ ملڪ ميان، (3) چوڪ عبدالغني.
بازارون: (1) مرزائي بازار، (2) گودڙي بازار، (3) پتي سٽ بازار، (4) گدا بازار، (5) غله بازار، (6) -امير- بيگ بازار، (7) -بازار- قصابان.
ٺٽو هن وقت سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. هي حيدرآباد ڊويزن جي چئن ضلعن مان هڪ آهي. هن جي -اتر- ۾ ضلعو ڄام شورو ۽ ضلعو ڪراچي، -اوڀر- ۾ ضلعو حيدرآباد، ڏکڻ -اوڀر- ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ اولهه ۾ عربي سمنڊ آهي. ميرپورساڪرو، سجاول، ٺٽو، شاهه بندر، ڪيٽي -بندر- وغيره هن شهر جا مشهور تعلقا ۽ مشهور مقام آهن. هن ضلعي جي آبادي تقريباً ساڍن 11 لکن کان مٿي آهي. -ٺٽي- ۾ ڪيترائي عالم، شاعر، اديب، ڪاتب، عابد ۽ زاهد موجود آهن، ۽ هنرمند ماڻهن جي به ڪمي نه آهي، جيڪي پنهنجي هنر ۾ ڪمال رکن ٿا. هتي جيڪو سامان تيار ٿئي ٿو، اهو عراق ۽ انگريزن جي مال کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي.
موجوده شهر سنڌ جي سما خاندان پنهنجي حڪمرانيءَ جي دوران 1340ع ڌاري پنهنجي درالسلطنت طور مڪليءَ جي دامن ۾ -آباد- ڪيو هو. -ان- وٽ سنڌو درياهه -ٺٽي- جي ڀر مان وهندو هو. سترهين صدي ۾ تجارت جي لحاظ سان هندستان جو ڪوبه شهر -ٺٽي- سان برميچي نه سگهندو هو. سنڌو درياهه جي رستي لاهور، ملتان، ۽ -بکر- مان ٻيڙين ۾ تجارتي قافلا -ٺٽي- ۾ پهچندا هئا. ارڙهين صديءَ ۾ -ٺٽي- تي زوال اچڻ شروع ٿيو. اوڻيهين صديءَ جي وچ ۾ هن جي آبادي -ٽن- لکن مان گهٽجي صرف ستن هزارن تائين وڃي پهتي. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ هن شهر ٻيهر -ترقي- ڪئي. -ٺٽو- شهر ڪراچيءَ کان 100 ڪلوميٽر ۽ ڪوٽڙيءَ کان 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هرقسم جي -اچ- وڃ جو ذريعو بسون، ڪوچ، ويگنون وغيره آهن. -ٺٽي- جي ويجهو ريلوي -اسٽيشن- جنگشاهي آهي، جيڪا -ٺٽي- کان 13 ميلن پنڌ تي آهي. هتي کنڊ جا پنج ڪارخانا آهن: ديوان شگرملز، -ٺٽو- شگر ملز، الآصف شگر ملز، شاهه مراد شگر مل ۽ لاڙ شگر مل. هتي هڪ سيمنيٽ فئڪٽري پڻ آهي، جنهن سان هزارين ماڻهن جو روزگار وابسته آهي. ٺٽو، ڪراچي شهر ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو گهرج پوري ڪندو آهي. ڪراچيءَ کي اهو -پاڻي- هاليجي ڍنڍ ۽ ڪينجهر مان ڏنو ويندو آهي. انهيءَ مقصد تحت گهاري ۾ هڪ فلٽر پلانٽ نصب ڪيو ويو آهي. ڪپهه، ڪمند، ڪيلو، ڪڻڪ ۽ چانور هتي جي اهم زرعي پيداوار آهن. ڪوٽڙي -بئراج- جون چار نهرون ٻنين کي سيراب ڪنديون آهن. هي ضلعو معدني دولت سان به مالا مال آهي. مڪليءَ جي ويجهو تقريباً 20 ڪروڙ -ٽن- چُن جي -پٿر- جو ذخيرو دريافت ٿيو آهي، جيڪو ڪراچي -اسٽيل- مل ۾ استعمال ٿئي ٿو.
2008ع وارين چونڊن -ٺٽي- ضلعي مان عبدالواحد سومرو ۽ -اياز شاهه- شيرازي ايم. اين. اي چونڊيا ويا، جڏهن ته سنڌ جي -ثقافت- کاتي جي وزير سسئي پليجو، صادق علي شاهه (مرحوم عبدالجليل ميمڻ جي وفات بعد چونڊيل)، شاهه حسين شاهه شيرازي، محمد علي ملڪاڻي ۽ محمد عثمان جلباڻي، صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺٽو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺٽو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شهر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باقراڻي
بٺورو
بخارا
بدين
ٻانڌي
ٻٻرلوءِ
ازبڪستان
ٻنگار (شهر)
ٻنون (شهر)
استنبول
ٻيراڻي
اسلام آباد1
اسلام ڪوٽ
برهان پور
امر ڪوٽ عمرڪوٽ
بسطام
اٻاوڙو
اوٻاوڙو
اٽڪ
اجمير
اچ
احمد آباد (انڊيا)
احمد نگر
بصره
بغداد
انڙ پور
بکر
انقره
ايوڌيا
آمري4
بهاولپور
بلڙي
بيت المقدس
بمبئي
بنارس
بنگلو (شهر)
آگرو
بارسلونا
برمودا
بلخ
بنگلور
ٻاڙمير
امر تسر
الهه آباد
تلهار
ڀانڀرا
ڀان سيد آباد
ڀٽ شاھه
ڀٽو واھڻ
ڀُڄ
ڀريا ٽائون ڀريا سٽي
ڀريالوءِ پريالوءِ
ترائي 2
تربت 2
ٺارو شاهه
ٺٽو
ترمذ
ڀِنيان
ڀوبينسور
ڀوپال
ڀيلاڻي
تونسا شريف
ڀينءَ
ٽنڊو آدم
ٽنڊوالهيار
ٽنڊو باگو
ٽنڊو ٻورا
ٽنڊو ٺوڙهو
ٽنڊو جان محمد
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڇاڱاڻي
ٽنڊو شهبازي
ٽنڊو علي محمد
ٽنڊو غلام حيدر
ٽنڊو غلام علي
ٽنڊو قيصر
ٽنڊو مائي ماهڻ
ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو مير غلام حسين
ٽنڊو مير مريد حيدر
ٽنڊو مير نور محمد
ٽنڊو يوسف
تهران
ٿاڻو بولا خان
ٿاڻو عارب خان
ٿرڙي محبت
تاشقند
پاٽ
پاٽ پراڻي
پشاور
جارجيا
جالنڌر
پاڪ پتڻ
جده
جريڪو
پاڻيپٽ
جلال آباد
پتڻ رڪڻ
پتڻ منارو
پٿورو


.....شهر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن