ٺاڪر چاولا

ٺاڪر چاولا

ٺاڪر چاولا

ٺاڪر چاولا: سنڌ ۽ هند جو ناميارو اديب، ٺاڪر چاولا 18 فيبروري 1931ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو هيرانند هو. هن جي تعليم سينيئر ڪئمبرج تائين آهي. ٺاڪر چاولا جو خاندان اصل ۾ درازن ضلعي خيرپور جو رهاڪو هو. ورهاڱي کان پوءِ 18 سالن جي عمر ۾ بمبئيءَ (ڀارت) هليو ويو. هن 1949ع ۾ نامياري ليکڪا پارو چاولا سان شادي ڪئي. ٺاڪر چاولا کي ننڍپڻ ۾ درازا شهر ۾ ’ايمل‘ مائيءَ پاليو، جيڪا لاڏا ڳائيندي هئي، جيڪي ٺاڪر چاولا شوق سان ويهي ٻڌندو هو. هن کي شاهه عبداللطيف جي رسالي سان ننڍپڻ کان وٺي وڏي محبت هئي. ڀارت وڃڻ بعد ٿانيڪي ٿيڻ لاءِ 25 سال کيس ڀٽڪڻو پيو. نيٺ ممبئيءَ ۾ وڏيءَ محنت کان پوءِ واپار شروع ڪيائين. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان وڏي محبت آهي، ان ڪري ادبي ۽ ثقافتي ميدان ۾ سدائين سرگرم رهيو آهي. سندس اصل سُڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي، پر هن مضمون ۽ ٻين صنفن تي به قلم آرائي ڪئي آهي. سندس ڪهاڻين جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: ’شادي جي پهرين رات، (1995)، ’اڄ جون ڪهاڻيون‘ (2000ع) ۽ ’سنڌي ڪهاڻيون‘ (2006). ٺاڪر چاولا هڪ وڏي عرصي کان روزاني ’هندستان‘ ۽ هفتيوار ’هند واسي‘ اخبارن جو اعزازي ايڊيٽر به رهيو آهي. 1988ع کان ماهوار ’سپون‘ ادبي رسالو ڪڍڻ شروع ڪيائين، جيڪو اڄ ڏينهن تائين لاڳيتو ڪڍندو اچي ٿو.
2000ع ۾ ٺاڪر چاولا کي اڌ صديءَ کان مٿي انتظار ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي ويزا ملي ۽ ماتر ڀومي گهمڻ آيو، ان دوران پاڻ ۽ سندس گهر واري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد به گهميا هئا. هتان موٽي سنڌ جو سفر نامو لکيائين، جيڪو امرتا آنند پبلڪيشن ممبئيءَ پاران 2001ع ۾ ڇپيو. ٺاڪر چاولا ۽ سندس گهرواري پارو چاولا، ممبئي شهر ۾ ’سنڌي ثقافتي‘ شو ڪرائيندا رهندا آهن. هنن ممبئيءَ جي ’سيتا سنڌو ڀون‘ ۾ سنڌي ميوزيم پڻ قائم ڪيو آهي ۽ سنڌيت جي ترقيءَ لاءِ مسلسل جاکوڙ ڪندا رهن ٿا. ٺاڪر چاولا کي دادا جشن واسواڻيءَ طرفان سونو ٻلو (1999ع) ۾، ۽ نئين دهلي سنڌي اڪيڊميءَ طرفان مڃتا طور سال 2000ع جو ادبي اوارڊ به ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ ٺاڪر چاولا ”رائيٽرس اينڊ آرٽس ويلفيئر فائونڊيشن“ ممبئيءَ جو مئنيجنگ ٽرسٽي، مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ميمبر ۽ رام پنجواڻي ڪلچرل سينٽر ممبئيءَ جو ٽرسٽي ميمبر رهيو. نوٽ : ٺاڪر چاولا 14 ڊسمبر 2013ع ديهانت ڪيو.


لفظ ٺاڪر چاولاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو