ٺارومل بجاج

ٺارومل بجاج: ٺاري مل بجاج 21 جولاءِ 1907ع تي اٻاوڙي ضلعي سکر (هاڻي گھوٽڪي) شهر ۾ تلسي داس بجاج جي گھر ۾ جنم ورتو. ٺارومل ننڍپڻ کان ئي هوشيار شاگرد هو. ستين درجي تائين هر سال امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هو. فائنل امتحان پاس ڪري ٽريننگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. اتان ڪورس مڪمل ڪري ماستري ڪيائين. ماستري دوران ست سنگ ۽ ڀڄن ڀاؤ ۾ حصو وٺندو هو. ملڪ جي آزاديءَ جي هلچل ۾ به حصو ورتائين.کاڌيءَ جي سادي پوشاڪ پائيندو هو. اَٻاوڙي ۾ جڏهن آريا سماج تنظيم قائم ٿي ته ٺارومل ان جو سيڪريٽري قائم ٿيو ۽ وڏي چاهه سان ڪم ڪيائين. هن گرٻاڻي، رامائڻ، مهاڀارت ۽ ٻين ڌرمي ڪتابن جو ڪافي اڀياس ڪيو هو. ورهاڱي کان پوءِ ٺارومل بجاج ليڪ ڀيل ڪيمپ (ڀارت) ۾ اچي رهيو هو، ۽ اتي مکيءَ جو پد ماڻيائين. بعد ۾ الهاس نگر ۾ اچي رهيو. 1952ع ۾ ڀمڀري، پوني ۾ اچي رهيو جتي هن سماجي خدمت جا ڪم ڪيا. کيس ماڻهو عزت مان مکي ٺارو مل سڏيندا هئا. پوني ۾ هن جو واسطو دادا جشن واسواڻيءَ سان پيو ۽ ساڌو ٽي.ايل واسواڻيءَ کي پنهنجي گروديو مڃي صبح شام ميران ڀوميءَ ۾ اچي سنگتن جي حاضري ڀريندو هو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”سرل سلوڪ“ ۽ ”پياس جي پڪار“ پيل آهن.


لفظ ٺارومل بجاجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو