مخدوم شفيق الزمان

مخدوم شفيق الزمان

شفيق الزمان مخدوم

شفيق الزمان، مخدوم: سياستدان ۽ سماج سڌارڪ مخدوم شفيق الزمان، 1952ع ڌاري درگاهه نوح سرور جي گادي نشين ۽ نامور شاعر مخدوم محمد الزمان ‘طالب المولى’ جي گهر، هالا حويلي، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. مختلف تعليمي ادارن مان ديني توڙي دنياوي تعليم حاصل ڪئي.
مخدوم شفيق، هالا مان پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياست جو آغاز ڪيو. سماجي سرگرمين ۾ گهڻو حصو وٺندو رهيو. سروري جماعت جي مسئلن جي حل ۽ جماعت جي ايڪي لاءِ سرگرم رهيو. والد جي وفات کانپوءِ سندس وڏو ڀاءُ مخدوم محمد امين فهيم درگاهه نوح سروررحه جو گادي نشين ٿيو، جنهن جي سياست کي مڪمل وقت ڏيڻ سبب هي درگاهه ۽ جماعت کي سنڀالڻ لڳو. 1990ع واري نگران حڪومت ۾ صوبائي وزير پڻ مقرر ٿيو. هالا ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي نالي سان تعليمي ادارا قائم ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو.
هن 16 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي، کيس درگاهه نوح سرور رحه جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1996.11.16  عيسوي

سياستدان ۽ سماج سڌارڪ مخدوم شفيق الزمان، 1952ع ڌاري درگاهه نوح سرور جي گادي نشين ۽ نامور شاعر مخدوم محمد الزمان ‘طالب المولى’ جي گهر، هالا حويلي، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. مخدوم شفيق الزمان 16 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي، کيس درگاهه نوح سرور رحه جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيجومل
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
اقرا عزيز
دلاور خان هالاڻي
ابن حوقل
جوڌا ٻائي
الهه بخش جنجهڻ
تاجل بيوس
جئرام داس دولترام
عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون