سيد پريل شاھ

سيد پريل شاھ

سيد پريل شاھ

سيد پريل شاھ : سيد پريل شاهه ولد سيد ڇٽل شاهه، 9 نومبر 1960ع تي ميھڙ جي ٻٽ محلي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. هن مجسمازيءَ جي فن جي شروعات 1975ع ۾ مئٽرڪ پاس جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ غربت سبب 5 روپيا في نه ھئڻ ڪري ھاءِ اسڪول ميھڙ کي مريم توب ٺاھي ڏيڻ سان ڪئي. نامياري اديب، مصور، صرير پنھور کيس ھن فن ڏانھن دلچسپي ڏياري. پريل شاھ'>سيد پريل شاھ شھيد بينظير ڀٽو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ قائداعظم، سر سيد احمدخان، علامه اقبال، سردار عبدالرب نشتر، ليڊي ڊائنا، نواز شريف، لياقت علي جتوئي ۽ ٻين جا چيڪي مٽيءَ مان مجسما ٺاھيا. ھن چيڪي مٽيءَ مان 12 فوٽ اوچائي وارو مينار پاڪستان ٺاھيو، جڏھن ته ڀٽ ڌڻيءَ جو روضو، عمرڪوٽ جو قلعو، قائد اعظم جو مقبرو به ٺاھيو، ھن شاھ سائينءَ جي سورمين عمر مارئي، مومل، سسئيءَ جا مجسما به ٺاھيا، جڏھن ته ھن ڀٽ ڌڻيءَ جو تصوراتي مجسمو بلڪل نئين ۽ جديد انداز ۾ چيڪي مٽيءَ مان تيار ڪيو، جيڪو شاهه جي ھن وقت تائين تصوراتي تصويرن، مصوريءَ کان الڳ ٿلڳ ۽ مختلف آھي. ھن سنڌ جي ڪيترن سازن جا اھڙا مجسما ٺاھيا، جيڪي اصل حالت ۾ وڄائي به سگھجن. پاڻ ڪيترو عرصو ڦڦڙن ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا هو، جنهن سبب 23 آگسٽ 2017ع تي ميهڙ ۾ وفات ڪيائين. کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.


لفظ سيد پريل شاھھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.11.09  عيسوي

سيد پريل شاهه ولد سيد ڇٽل شاهه، 9 نومبر 1960ع تي ميھڙ جي ٻٽ محلي ۾ پيدا ٿيو


2017.08.23  عيسوي

سيد پريل شاھ ڪيترو عرصو ڦڦڙن ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا هو، جنهن سبب 23 آگسٽ 2017ع تي ميهڙ ۾ وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهلول لوڌي
ويرو ڪولھي
عالي فقير ڀاڳت
خالد محمود سومرو ڊاڪٽر
شير محمد خان
خليفو خدابخش سولنگي
بنگل چانڊيو
حاجي غلام نبي شاهه
ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاهه سان جنگ
سيد صادق علي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون