داخلا جي تاريخ 2011-12-29
داخلا نمبر 413
عنوان سيد محسن شاهه بخاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1045 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
سيد محسن شاهه بخاري

سيد محسن شاهه بخاري

سيد محسن شاهه بخاري

بخاري، سيد محسن شاهه: سيد محسن شاهه بخاري، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل ايل بي حيدرآباد لا ڪاليج مان ڪيائين. هو شاگرديءَ واري زماني کان پ پ سان واڳيل رهيو ۽ شاگرد تنظيم سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندي قيد پڻ ڪاٽي چڪو آهي. هو 1988، 1990، 1993، 1997 ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر رهيو ۽ وزير خوراڪ پڻ رهيو. چين، فرانس، ڪوريا، سعودي عرب، آمريڪا، انگلينڊ ۽ ازبڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي. هن وقت 2008ع واري چونڊ کٽڻ کانپوءِ زراعت ۽ چوپائي مال بابت سنڌ اسيمبلي جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.04.24  عيسوي

بخاري ، سيد محسن شاهه: سيد محسن شاهه بخاري ، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو . هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون