سنڌي فلمون پسمنظر ۽ تاريخ

سنڌي فلمون (پسمنظر ۽ تاريخ) سئنيما جي تاريخ ۾ جتي انگريزي، هندي ۽ اردو فلمن ماڻهن کي تفريح فراهم ڪئي، اتي سنڌي فلمن به سنڌ واسين توڙي ٻاهر رهندڙ سنڌين جون دليون موهيون. سنڌي فلم جي ابتدا، اردو فلمن کانپوءِ ٿي. سنڌي فلمن جي مختصر تاريخ ورهاڱي کان اڳ شروع ٿئي ٿي ۽ ورهاڱي کان اڳ رليز ٿيندڙ پهرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ هئي، جيڪا رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ تيار ڪئي هئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ کي فن موسيقي ۽ اداڪاريءَ جو گهڻو شوق هو، جنهن اردو ۽ هندي فلمن کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ فلم انڊسٽري جي قيام لاءِ پهرين وک کڻي، ذاتي وسيلا استعمال ڪري، ڪجهه دوستن ۽ سينيئر پروڊيوسرن جي مدد سان پهرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ تيار ڪئي، جيڪا بمبئيءَ مان 1945ع ڌاري رليز ٿي. انهيءَ فلم جا گيت سنڌ جي بهترين شاعر اظهر گيلانيءَ لکيا هئا. فلم ۾ هيروئن جو ڪردار ڪوشليا ادا ڪيو ۽ ٻيا ڪردار ڪريم بخش نظاماڻي، هري شوداساڻي فاني، گلشن صوفي، مايا ديوي، چندرواسواڻي، رام پنجواڻيءَ هئا. ’ايڪتا‘ پهرين سنڌي فلم هئڻ ڪري مقبول رهي. ان فلم جو هيرو ڪريم بخش پاڻ هو. هن فلم جي هن وقت ڪيسٽ يا سي. ڊي موجود نه آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ڪجهه عرصي بعد 1951ع ۾ ’ڀڳت ڪنوررام‘ نالي هڪ ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي وئي، جيڪا سنڌي ماڻهن جي رهائش وارن علائقن ۾ ڏيکاري وئي. ڊاڪيومينٽري فلم هر لحاظ کان چڱي هئي. ٽيڪنيڪل ۽ ڦوٽوگرافڪ ميدان ۾ ايتري بهتري نه هئي، ڇاڪاڻ ته اوائل ۾ سنڌي فلمڪارن ۽ ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ وارن وٽ ايترا وسيلا نه هئا، باقي عام طرح فلم سٺي هئي. پرسرام ’ضيا‘ جا گانا وڻندڙ هئا. رام پنجواڻي صاحب جي اداڪاري حقيقت سان ڀرپور هئي. ان بعد ۾ 12 مارچ 1956ع تي ٻي فلم ’عمر ماروي‘ رليز ٿي. جنهن جو فلمساز سيد حسين شاهه فاضلاڻي، موسيقار غلام نبي عبداللطيف، هدايتڪار شيخ حسن، ڪهاڻيڪار قاضي عبدالرحيم، نغمانگار رشيد احمد لاشاري ۽ اداڪارن ۾ نگهت سلطانه، حسين شاهه فاضلاڻي، نور محمد چارلي، شيخ حسن، ببو بيگم، گُل محمد هوت ۽ شيخ محمد هئا. هيءَ فلم نشاط پبليڪيشن جي پيشڪش هئي، جيڪا لائيٽ هائوس ڪراچي سئنيما، نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 1958ع ڌاري سنڌ ۾ چار فلمون رليز ٿيون، ’پرديسي‘ فلم 21 اپريل 1958ع تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سئنيمائن ۾ رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار ايس.اي غفار هو، فلم جي موسيقي غلام نبي عبداللطيف ترتيب ڏني، ڪهاڻي حسين فاضلاڻيءَ لکي، جڏهن ته فلم جا گيت ۽ مڪالما رشيد احمد لاشاريءَ لکيا ۽ عڪاسي اسماعيل گيلانيءَ ڪئي، اداڪارن ۾ حسين شاهه فاضلاڻي، مصطفى قريشي، رخشي، لالي، نور محمد چارلي، روبينه احمد علي، حسن شيخ، سلوني وغيره شامل هئا. هيءَ سنڌي فلم نشاط پبليڪيشن جي پيشڪش هئي. ورهاڱي کانپوءِ ’سسئي پنهون‘ فلم بيحد مقبوليت ماڻي. اصل ۾ عمر ماروي ۽ پرديسيءَ جي ڪاميابي بعد ڪيترن ئي ماڻهن جو فلم انڊسٽري تي ڌيان ويو، جن ۾ مشهور سماجي ۽ سياسي شخصيت حاجي عبدالله هارون جو فرزند سعيد اي هارون به هو، جنهن ’سسئي پنهون‘ نالي سان شاهه لطيف جي رسالي مان هڪ داستانسسئي پنهون‘ تي دستاويزي فلم ٺاهي. هن موضوع تي 1960ع ڌاري به سنڌي ۾ فلم ٺهي، پر ان فلم ايتري ڪاميابي حاصل نه ڪئي. سسئي پنهون فلم جو هدايتڪار اڪبر علي هو، جڏهن ته موسيقار غلام نبي هو ۽ اداڪارن ۾ نگهت سلطانه، رخشي ۽ ساقي شامل هئا. هيءَ فلم مسعود فلمز ڪيفي جي پيشڪش هئي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ تاج محل سئنيما ۽ ٽنڊي آدم ۾ ريڪس سئنيما ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ان کانپوءِ فلم ’اباڻا‘ ڀارت ۾ ٺهندڙ پهرين ۽ بهترين سنڌي فلم هئي، جيڪا 24 جنوري 1958ع تي رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي وچولي طبقي جي ڪردارن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌين جي حالت کي ڏيکاريو ويو. هن فلم ۾ شيلا راماڻيءَ هڪ ريلوي ملازم جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيو. هن فلم جو پروڊيوسر ٽي.ايم بهاري، هدايتڪار ديپڪ آشا ۽ ارجن هنڱوراڻي هئا، موسيقار بلو سي راڻي ۽ ارجن چندناڻي هئا، فلم جا گيت پراسرام ضيا لکيا ۽ اداڪارن ۾ ديپڪ آشا، ڀڏو آڏواڻي، ماستر سشيل، سيتا راماڻي، ساڌنا ۽ وديا گربخشاڻي شامل هئا. فلم ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبول ٿي. 2005ع ڌاري هن فلم جي وڊيو سي. ڊي مارڪيٽ ۾ آندي وئي آهي. ’اباڻا‘ فلم کانپوءِ ’پرائي زمين‘ 14 آگسٽ 1958ع تي سنڌ ۾ رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار شيخ حسن ۽ فلمساز اي.جي مرزا هو. هيءَ ڪهاڻي اردوءَ ۾ لکي وئي هئي، جنهن جو سنڌي ترجمو گل محمد هوت ڪيو. موسيقار غلام نبي عبداللطيف هو ۽ اداڪارن ۾ سوزي، ڊينيل، سلطان، رخسانه ۽ چارلي وغيره هئا. هيءَ فلم ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبول ٿي. 1959ع ڌاري ’راءِ ڏياچ‘ نالي ڀارت ۾ ٺهيل فلم تمام گهڻي مقبول ٿي. هيءَ فلم شاهه لطيف جي سُر سورٺ تي آڌاريل هئي. هن فلم جو پروڊيوسر نندماتا آتو لعلواڻي هو، جڏهن ته هدايتڪار جي. بي. لُلا هو ۽ فلم جا گيت پرسرام ضيا لکيا، هن فلم جا اداڪار پرتاب منيار، آتو لعلواڻي، شانتي، ڪان موهن ۽ ڀُڏو آڏواڻي وغيره هئا. هيءَ فلم هدايتڪاريءَ، فوٽوگرافي، سيٽنگ ۽ ڪهاڻيءَ جي لحاظ کان معياري فلم هئي، جيڪا عام ماڻهن ڏاڍي پسند ڪئي. 1960ع ڌاري ڀارت ۾ ٻه فلمون رليز ٿيون. پهرين ’انصاف ڪٿي آهي‘ نالي هئي، هن فلم جو هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ ليکڪ ديپڪ آشا هو، جڏهن ته هن فلم جا گيت پرسرام ضيا لکيا. اداڪارن ۾ ديپڪ آشا، چندر ميراڻي، ڪان موهن ۽ ڀڏو آڏواڻي هئا. هن فلم جي ڪهاڻيءَ ۾ سماجي اوڻاين کي پڌرو ڪيو ويو هو. اها ڪامياب فلمن مان هئي. 1960ع ڌاري ٻي فلم ’سسئي پنهون‘ ڀارت ۾ رليز ٿي. هيءَ فلم به شاهه لطيف جي داستانسسئي پنهون‘ تي آڌاريل هئي. هن فلم جو پروڊيوسر، هدايتڪار، ليکڪ ۽ اداڪار سرڳواسي رام رسيلا هو، جيڪو گجراتي ڊرامن ۽ فلمن جو ڄاتل سڃاتل ڪلاڪار هو. هن فلم جو سنگيت مهيش چندر ترتيب ڏنو، جڏهن ته اردو فلم ۽ غزل جي گائڪ طلعت محمود پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ هن فلم لاءِ گيت ڳاتو هو. هيءَ فلم باڪس آفيس توڙي عام ماڻهن ۾ ڪامياب نه رهي. بعد ۾ رام رسيلا هن فلم ۾ ڪجهه تبديليون ڪري نئين فلم ’پرديسي پريتم‘ جي نالي سان رليز ڪئي پر اها به ناڪام وئي. 1960ع کانپوءِ هندستان ۾چئن سالن تائين ڪابه فلم نه ٺهي. 1964ع ڌاري ڀارت ۾ رام پنجواڻيءَ جي ناول ’آهي نه آهي‘ تي آڌاريل فلم ’جهولي لال‘ ٺاهي وئي. هيءَ فلم جهولي لال يعني سنت اڏيري لال بابت هئي. جهولي لال فلم ويساهه جي موضوع تي فلمايل آهي. هن فلم جو پروڊيوسر اي.ڪي ملتاني هو، جڏهن ته هدايتڪار ڌرم ڪمار، ڪهاڻيڪار رام پنجواڻي هئا. هن فلم جا گيت پرسرام ’ضيا‘ لکيا هئا. هن فلم جي اداڪارن ۾ رام پنجواڻي، رتنا، آنند، چندا ميرچنداڻي ۽ نئي ران پنٽو شامل هئا. هي فلم تمام گهڻي ڪامياب وئي. هن فلم جي وي.سي.ڊي پڻ نڪتل آهي. 1964ع کان 1966ع جي وچ ۾ هندستان ۾ ڪابه سنڌي فلم نه ٺهي. 1966ع ڌاري فلم ’لاڏلي‘ رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار ديپڪ آشا، پروڊيوسر نرماتا هرڪشن هو، جڏهن ته ڪهاڻي ڪڪي ۽ ڪندن ڪمار لکي. فلم جا گيت گورڌن ڀارتيءَ لکيا ۽ سنگيت سي ارجن ترتيب ڏنو. اداڪارن ۾ نرملا ميرچنداڻي، موهن ٻيلاني، پرتاب منيار، ورشا، رام پنجواڻي، گورڌن ڀارتي، سترام روهڙا، ڪندن ڪمار ۽ ڪڪي هئا. هن فلم جا گيت ڪملا ڪيسواڻي، گرڌر ميراڻي، ڪلان هزاري، ڄيٺا لعل، ماسٽر چندر، ڀڳونتي ناواڻي، رام پنجواڻي ۽ بلو سي راڻيءَ ڳاتا، جيڪي ڪافي مشهور ٿيا. هن فلم جي ڪهاڻي پيار ۽ سماجي مسئلن تي آڌاريل هئي. فلم ڪامياب ٿي.1966ع ڌاري ٻي فلم ’سنڌؤَ جي ڪناري‘ هندستان ۾ رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر، هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار مشهور سنڌي اديب گوبند مالهي هو. هن فلم جا گيت گورڌن ڀارتيءَ لکيا. جڏهن ته سنگيت سي. ارجن ترتيب ڏنو هو. اداڪارن ۾ ڀڳونتي ناواڻي، مدن جماڻي، امرچندناڻي، ايس پي منگهاڻي، رميش ڄاڃاڻي، رميش راج ۽ جي ايشور هئا. فلم جا گيت ماستر چندر، رام پنجواڻي، سترام روهڙا ۽ چندرو آتما جا ڳاتل آهن. هيءَ فلم ڪامياب نه وئي. 1968ع ڌاري ٻه فلمون رليز ٿيون، جن ۾ ’شهرو فيروز‘ نالي فلم 18 آڪٽوبر 1968ع تي سنڌ ۾ رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي، فلمساز خادم بلوچ، هدايتڪار شيخ حسن ۽ اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، ماهه پاره، احمد علي، شيخ حسن ۽ شاڪر بلوچ شامل هئا. هيءَ فلم پيلس ميرپورخاص جي پيشڪش هئي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي. هيءَ فلم حيدرآباد ۾ نشاط سئنيما، تاج محمل سئنيما ڪراچيءَ ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. فلم جي وڊيو سي.ڊي مارڪيٽ ۾ آندي وئي. هي فلم ڏسندڙن ۾ ڪامياب وئي. 1968ع ڌاري ٻي فلم ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ ڀارت ۾ رليز ٿي. اها فلم رام پنجواڻيءَ جي ناول ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ تي آڌاريل هئي. موضوع جي لحا‎ظ کان فلم سماجي مسئلن ۽ ڏيتي ليتيءَ جي مسئلي تي ٺهيل هئي. هن فلم جو پروڊيوسر رميش راج هو، هدايتڪار ديپڪ آشا هو، گيت گورڌن ڀارتيءَ لکيا هئا، جن جو سنگيت سي ارجن ترتيب ڏنو هو ۽ ٻين نامورن گائڪن به هن فلم لاءِ ڳاتو. پرتاب منيار، ديپڪ آشا ۽ ايس پي منگهارام ڪردار ادا ڪيا. هيءَ ڪامياب فلمن ۾ شمار ٿئي ٿي. 1969ع ڌاري ’رات هڪ طوفان جي‘ فلم هندستان ۾ رليز ٿي، جيڪا نامور اديب موتي پرڪاش جي لکيل ناٽڪ ’رات هڪ طوفان جي‘ تي آڌاريل هئي. فلم جو پروڊيوسر دامو ڪتاڻي ۽ هدايتڪار موتي پنجواڻي هو، پر ڪن سببن ڪري هو فلم اڌ ۾ ڇڏي ويو هو، جنهن بعد ديپڪ آشا فلم مڪمل ڪئي. فلم جو اسڪرپٽ ۽ گيت موتي پرڪاش لکيا. فلم جي اداڪارن ۾ نرملا مير چنداڻي، امرچنداڻي، سچو آڏواڻي، روپ گيهاڻي، پرتاب منيار ۽ ايس پي مينگهاڻي شامل هئا. فلم سسپنس تي ٻڌل هئي. هن فلم جو هڪ گانو اردو اديب نقش لالپوريءَ لکيو هو. فلم گهڻي ڪامياب نه وئي. 1969ع ڌاري هڪ ٻي فلم ’چانڊوڪي‘ سنڌ ۾ رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام نبي هو، جڏهن ته هدايتڪار اي. ڪيو پيرزادو هو. فلمساز ايس. واءِ. اي گروپ ۽ اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، ماهه پاره، ملڪ انوکو، چڪوري، شيخ سنڌي ۽ قربان جيلاني شامل هئا. هيءَ فلم شاهه فلمز جي سنڌي پيشڪش آهي، جيڪا شاليمار سئنيما حيدرآباد، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۽ تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هي فلم تمام گهڻي مقبول ٿي. 1970ع ڌاري ڇهه فلمون رليز ٿيون، جن ۾ پهرين فلم ’گهونگهٽ لاهه ڪنوار‘ 18 سيپٽمبر 1970ع تي سنڌ ۾ رليز ٿي. هيءَ فلم جزوي رنگين هئي ۽ سنڌي پبليڪيشن جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي هو، هن فلم جا مڪالما نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل جا لکيل هئا. اداڪارن ۾ وسيم، سعيده، ڪرن، ملڪ انوکو، حنيف ۽ سيد صالح محمد شاهه شامل هئا. هي فلم مالا ۽ ڪرائون سئنيما ڪراچي، شاليمار ۽ نشاط سئنيما حيدرآباد، شاهين سئنيما لطيف آباد، پيلس سئنيما ميرپورخاص، ايلائيٽ سئنيما حيدرآباد، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم به مقبول وئي. ’نوري ڄام تماچي‘ فلم 10 اپريل 1970ع تي رليز ٿي. هن فلم جو فلمساز بهار. اي. بلوچ، موسيقار غلام علي، هدايتڪار شيخ حسن ۽ اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، عشرت، نرگس جهان، احمد علي، شڪيل لاسي ۽ امير حسن شامل هئا. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هن فلم جي ڪهاڻي، مڪالما ۽ گيت رشيد احمد لاشاريءَ لکيا. ’نوري ڄام تماچي‘ سنڌ جي لوڪ داستان تي ٻڌل فلم ڪافي ڪامياب وئي. ساڳئي سال فلم ’رک مولا تي‘ رليز ٿي. هيءَ فيئر ڊبل فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار اسماعيل ميمڻ هو، جڏهن ته فلم جا مڪالما امر جليل جا لکيل هئا. فلم جا گانا سيد منظور جا لکيل، موسيقار امداد حنيف ۽ ايڊيٽر ايم عقيل خان هو، جڏهن ته هن فلم جي مکيه اداڪارن ۾ سعيده، مشتاق چنگيزي،عبدالحق ۽ ان کان سواءِ ڪجهه نوان اداڪار به شامل هئا. هي فلم 1970ع ۾ رليز ٿي. ’تنهنجون ڳالهيون سڄڻ‘ فلم 1970ع ڌاري رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار بلاول بيلجيم، فلمساز ۽ هدايتڪار مولانا جپسي ۽ غلام محمد حسن ٽالپر هئا. هن فلم جي اداڪارن ۾: نذر، نجمه شاهين، منصور بلوچ، شمع ۽ خورشيد ڪنول شامل هئا. هيءَ سنڌي فلم ڏسندڙن ۾ ڪامياب وئي. ’اڃا ته مان ننڍڙي آهيان‘ سنڌي فلم 1970ع ۾ ٺهي ڀارت ۾ رليز ٿي. هن فلم جو فلمساز ڊاڪٽر رامچند تارا سنگهاڻي ۽ هدايتڪار گلاب پرڪاش هو. هن فلم جا گيت ناليواري شاعر موتي پرڪاش لکيا، جن کي موسيقي بلو سي راڻي ڏني. فلم جي اداڪارن ۾ رتنا، چندرا ميرچنداڻي، ڪان موهن، پرتاب منيار، گلاب، ٽن ٽن ۽ ديپڪ آشا شامل هئا. هن فلم جا گيت ڄيٺا لعل، اشو جاگيردار ۽ بلو سي راڻيءَ ڳايا. ’رنگ محل‘ فلم 28 ڊسمبر 1970ع تي لعل فلمز جي سهڪار سان رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار فيروز گل، فلمساز سيد سيف الله شاهه، هدايتڪار ايس. واءِ احمد ۽ اداڪارن ۾ رشيد، ماهه پاره، مشتاق جسڪاڻي، صالح محمد، احمد علي ۽ ڪمال ايراني شامل هئا. هيءَ فلم ڪراچيءَ ۾ ناز سئنيما، قيصر سئنيما حيدرآباد، رائل سئنيما لاڙڪاڻي، پيلس سئنيما ميرپورخاص ۽ پيراڊائيز سئنيما سکر ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 15 جنوري 1971ع تي ’پنو عاقل‘ فلم رليز ٿي جيڪا ماسٽر فلمز انٽرپرائزر جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار ايس.ايم نسيم، موسيقار غلام علي، اداڪارن ۾ قربان جيلاني، شهزادي، عبدالحق ابڙو، ملڪ انوکو، ساقي، وسيم، انيلا، ناصر خان، ڪمال ايراني ۽ ناز بيگم شامل هئا. اها فلم به مقبول وئي. 18 جون 1971ع تي ’ليلى مجنون‘ فلم رليز ٿي، جيڪا نيازي فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار ايس. اي. غفار، فلمساز مسز ممتاز، موسيقار غلام علي ۽ اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، ماهه پاره، احمد علي، مشتاق مغل، اي. آر. بلوچ، انيلا سٺانو، ڪمال ايراني، اسحاق قريشي، پروين اختر ۽ ساقي شامل هئا. هيءَ فلم ريگل ڪرائون سئنيما ڪراچي، مالا سئنيما، نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، شاهين سئنيما لطيف آباد ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هن فلم تمام گهڻي ڪاميابي ماڻي. ’محبوب مٺا‘ فلم 12 نومبر 1971ع تي رليز ٿي، جيڪا مهراڻ فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار اي.ڪيو پيرزادو، پروڊيوسر جي.ايس گورچاڻي، موسيقار غلام علي ۽ اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، انيلا نياز، چڪوري، ملڪ انوکو، شيخ سنڌي، ڪرن ۽ منصور بلوچ شامل آهن. هي فلم ايلائيٽ سئنيما حيدرآباد ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي. ’نقلي شان‘ هيءَ سنڌي فلم 1971ع ۾ ٺهي ۽ ڀارت ۾ رليز ٿي، جنهن جو ڪهاڻيڪار رميش مهتا، فلمساز ۽ هدايتڪار تلسي رامسي هو. هن فلم جا گيت مشهور شاعر ڪرشن راهيءَ لکيا، جن جي موسيقي بلو. سي راڻيءَ ترتيب ڏني. هڪ گيت مڪيش کان ڳارايو ويو. هيءَ فلم مزاحيه انداز جي ۽ سماجي موضوع تي آڌاريل هئي. هن فلم جي ڪهاڻي هڪ سنڌي ناٽڪ ’انڊر سيڪريٽري‘ تان ورتل آهي. هن فلم جي اداڪارن ۾ اي. ڪي هنگل، ستين ڪيو، امر چنداڻي، ايس. پي مينگهاڻي، مدن جماڻي، بوني رتنپال، آشا هرگناڻي، گيتاراج ۽ رجني تولا شامل هئا. 18 نومبر 1972ع تي ’مٺڙا شال ملن‘ فلم رليز ٿي. هيءَ فلم مهراڻ فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار اي. ايڇ صديقي، فلمساز شمس الدين هو ۽ موسيقار جا فرض غلام عليءَ سرانجام ڏنا. هن فلم جي اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، چڪوري، عشرت، ڪليم، ملڪ انوکو ۽ قربان جيلاني شامل آهن. هيءَ فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد، تاج محل سئنيما ڪراچي، فردوس سئنيما ميرپورخاص، شمس سئنيما حيدرآباد، رائل سئنيما لاڙڪاڻو، پلازه سئنيما شڪارپور ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي هئي. هيءَ فلم ڪامياب وئي. هن فلم ۾ شيخ اياز جي وائي ’سهندو ڪير ميار‘ فقير عبدالغفور جي آواز ۾ شامل هئي. ’بادل‘ فلم 8 نومبر 1972ع تي رليز ٿي، هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي هو، جڏهن ته فلمساز ۽ ڪهاڻيڪار اسماعيل ميمڻ ۽ موسيقار امداد حسين هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: وسيم، سعيده، ملڪ انوکو، عبدالحق ابڙو، احمد علي، اي. آر. بلوچ، چڪوري، ساقي، جمن ملان ۽ مشتاق مغل شامل هئا. هيءَ فلم نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 1973ع ۾ چار فلمون رليز ٿيون، جن ۾ ’جيجل ماءُ‘ فلم، 9 نومبر 1973ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم فيمس سني فلمز جي سهڪار سان ٺهي. هن فلم جو هدايتڪار فلمساز اي. ايڇ. صديقي، موسيقار غلام علي هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، چڪوري، ملڪ انوکو، روشن، لاڊو، رمضان، گڊو ۽ قربان جيلاني شامل هئا. هيءَ فلم تاج محل سئنيما ڪراچي، نشاط سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، پيراڊائيز سئنيما سکر، راحت سئنيما حيدرآباد، نگار سئنيما لاڙڪاڻو، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. فلم ڪامياب وئي. 7 ڊسمبر 1973ع تي رليز ٿيندڙ سنڌي فلم ’سوڍا پُٽ سنڌ جا‘ وانا فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار يونس راٺوڙ هو. موسيقاريءَ جا فرض ظفر عليءَ سرانجام ڏنا. فلمساز صاحبزاده اياز ۽ اداڪارن ۾ چڪوري، مشتاق چنگيزي، نرگس، مراد بلوچ، ملڪ انوکو، محبوب علي، ايس مغل، مشتاق مغل ۽ مشتاق جسڪاڻي شامل هئا. هيءَ فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊو آدم، شمس سئنيما حيدرآباد، ريڪس سئنيما ٽنڊو آدم، تاج محل سئنيما ۽ ڪرائون سئنيما ڪراچي ۽ ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي جي پردي تي ڏيکاري وئي. فلم تمام گهڻي ڪامياب ٿي. ’البيلي‘ فلم 1973ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي، ڀٽائي فلمز جي سهڪار سان رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي، پروڊيوسر آر. پي چوڌري، موسيقار غلام علي هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: مشتاق چنگيزي، عشرت چوڌري، ڪرن، ملڪ انوکو، قمر چاندني، عبدالحق ابڙو، سڪندر ۽ قربان جيلاني شامل هئا. هيءَ فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ ٻين ڪيترين سئنيمائن ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا ڏسندڙن ۾ مقبول وئي. 8 جون 1973ع تي فلم ’سورٺ‘ رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر مظهر حسين، موسيقار غلام نبي عبداللطيف، هدايتڪار اي. ڪيو. پيرزادو هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ وسيم، انجمن، محبوب عالم، افشان، اي.آر بلوچ ۽ تاج نيازي شامل هئا. هي فلم وينس سئنيما حيدرآباد، امپائر سئنيما سکر، نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 1974ع ڌاري پنج فلمون رليز ٿيون جن ۾: ’لڄ رک‘ فلم 1974ع ۾ رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار ظفر قريشي، هدايتڪار ايس. ايم بروهي، فلمساز جليل قريشي ۽ اداڪارن ۾ رب نواز، نادره، آفندي، ڪرن، عاشي، پرنس مغل، شراوت، شهزادي، محمود، شڪيل لاسي، باڊي بلڊر سڪندر ۽ ايس مغل شامل هئا. هيءَ فلم قيصر سئنيما حيدرآباد ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾پردي تي ڏيکاري وئي. ان بعد ’تان صدقي'>پيار تان صدقي‘ فلم 17 مئي 1974ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار ايس. واءِ احمد، فلمساز اي. رزاق ۽ ايم قاسم، عڪاسي آغا امام، موسيقي غلام عليءَ ترتيب ڏني. هن فلم جي اداڪارن ۾: مشتاق چنگيزي، چڪوري، نرگس، عرفان، محبوب عالم، گل منير، رمضان، اي.آر بلوچ ۽ ملڪ انوکو شامل هئا. هيءَ فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد، نشاط سئنيما سکر، نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم آر. ڪي فلمز جي سهڪار سان رليز ڪئي وئي ۽ ڪامياب ٿي. 25 ڊسمبر 1974ع تي ’غيرت جو سوال‘ سنڌي فلم عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي وئي، جيڪا العباس فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار يونس راٺوڙ هو ۽ فلمساز عقيل خان ۽ موسى ڪليم هئا، جڏهن ته موسيقار فيروز گل ۽ رضا حيدر هئا. هن فلم ۾ عشرت چوڌري، ڪيفي، ناصره، اقبال احمد، محبوب عالم، ناهيد، قربان جيلاني، ڪرن، ملڪ انوکو، اي.آر بلوچ، ننهو ۽ شهباز درانيءَ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هيءَ فلم چاندني سئنيما، نشاط سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، محفل سئنيما هالا، تاج محل سئنيما ڪراچي، شهاب سئنيما حيدرآباد، ڪوههِ نور سئنيما حيدرآباد، دلشاد سئنيما نوابشاهه ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم ڏسندڙن ۾ ڪامياب وئي. 5 ڊسمبر 1974ع تي ’منهنجو پيار پڪاري‘ فلم رليز ٿي. هيءَ فلم گل رنگ پروڊڪشن جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار ايس. واءِ احمد، فلمساز خورشيد حيدر نقوي ۽ موسيقار غلام علي هئا. هن فلم جي اداڪارن ۾ نور محمد لاشاري، چڪوري، مشتاق چنگيزي، اي. آر بلوچ، گڊو، خالده، ڪرن، ملڪ انوکو، ساحره ۽ گل منير شامل هئا. هيءَ فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد ۽ شاهين سئنيما لطيف آباد ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 15 فبروري 1974ع تي ’پيار ڪيو سينگار‘ فلم رليز ٿي. هيءَ فلم ’سنڌ سائين فلمز‘ جي پهرين رنگين پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار يوسف رضا، موسيقار غلام علي ۽ فلمساز يوسف نصر هئا. فلم جي اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، وسيم، عشرت چوڌري، دلاور شاهه، احمد علي، ملڪ انوکو، مشتاق جسڪاڻي ۽ ڪرن شامل هئا. هي فلم شاليمار سئنيما ڪراچي، ايلائيٽ سئنيما حيدرآباد ۽ ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا گهڻو مشهور ٿي. 1975ع ۾ پنج فلمون جاري ٿيون. ’بادل ۽ برسات‘ فلم 7 فبروري 1975ع تي رليز ٿي، جيڪا سنڌو موويز جي پهرين پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار اي.ڪيو پيرزادو، موسيقار غلام نبي عبداللطيف، فلمساز اي.ايم عباسي هو. هن فلم ۾ وسيم، اي.آر بلوچ، قادر شيدي، ابو بلاول، چنگاري، گاجن قريشي، شمس الدين، رحيم شوري، عشرت، ملڪ انوکي، اسد قريشي ۽ عبدالحق ابڙي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هيءَ فلم لائيٽ هائوس سئنيما ۽ خيام سنگيت سئنيما ڪراچي، راحت سئنيما حيدرآباد ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ فلم هئي، جيڪا مشهور ٿي ۽ ڪامياب وئي. 21 فبروري 1975ع تي ’رت جا رشتا‘ فلم رليز ٿي، هن فلم جو هدايتڪار اي.ايڇ صديقي، موسيقار غلام علي هو. هن فلم جا نغما علي محمد مجروح ڳاتا. فلمساز ظاهر سلطان ۽ قربان جيلاني هئا. هن فلم ۾ عشرت، محبوب عالم، ملڪ انوکو، ڪرن، مشتاق جسڪاڻي، شهزادي، اي.آر. بلوچ، گل بانو، ايس مغل، نور محمد لاشاري، قربان جيلاني، ملڪ ۽ غزالا رفيق وغيره اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هيءَ فلم چاندني سئنيما حيدرآباد، شاليمار سئنيما حيدرآباد، تاج محل ۽ ڪرائون سئنيما ڪراچي، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا تمام گهڻي ڪامياب ٿي. ’ڌرتي دل وارن جي‘ فلم 17 اپريل 1975ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي هو. اداڪارن ۾ وسيم، عشرت چوڌري، محبوب عالم، ملڪ انوکو، مشتاق جسڪاڻي، گل بانو، فريده انجم، نازيه، شهزادي ناز ۽ گل منير شامل آهن. هيءَ فلم چاندني سئنيما حيدرآباد، نگار سئنيما لاڙڪاڻي، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’سنڌڙيءَ تان صدقي‘ فلم 4 جولاءِ 1975ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم عائشه موويز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار جميل مرزا، فلمساز خواجه بشير احمد، موسيقار غلام علي ۽ اداڪارن ۾ چڪوري، وسيم، تاج نيازي، وصي احمد، احمد علي، عبدالحق ابڙو، نرگس، بينا، روشن عطا، حسن ۽ سهيل شامل هئا. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، پيراڊائيز سئنيما سکر، ٺارو ٽاڪيز سئنيما نارو شاهه، شاهه ٽاڪيز سئنيما ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي. پهرين آگسٽ 1975ع تي ’ڌرتي لال ڪنوار‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام نبي عبداللطيف هو، جڏهن ته فلمساز خليل بچاڻي ۽ هدايتڪار اي. ايڇ. صديقي هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ محبوب عالم، ميان مصطفى قريشي، عشرت، اي. آر بلوچ، ملڪ انوکو ۽ مشتاق جسڪاڻي هئا. هيءَ فلم تاج محل سئنيما ڪراچي، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 1976ع ڌاري ٻه فلمو رليز ٿيون. 23 جولاءِ 1976ع تي ’رت جي راند‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر ظفر ڀٽي هو. موسيقار فيروز گل، هدايتڪار منظور احمد هو. فلمساز شمس الحق ظفر ڀٽي ۽ منظور احمد هئا. هن فلم ۾ مشتاق چنگيزي، چڪوري، ملڪ انوکو، محبوب عالم، سيما، عبدلحڪيم کوسو، ايس مغل، عشرت بوبي، اديب نظاماڻي، مشتاق جسڪاڻي، نورين، سعيد ۽ يوسف اداڪاري ڪئي. هي فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، نشاط سئنيما سکر، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، تاج محل سئنيما ڪراچي، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي ڏيکاري وئي ۽ فلم ڪامياب وئي. ’اچ ته ڀاڪر پايون‘ فلم 2 جولاءِ 1976ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم مهراڻ فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار مشتاق چنگيزي، موسيقار فيروزگل، فلمساز جي. ايم ميمڻ هو ۽ اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، چڪوري، ملڪ انوکو، شبانه ناز، خميسو جانوري، عبدالحق ابڙو، الطاف سومرو، مقبول کوکر، زاهد پروين پريم ۽ شيخ سنڌي شامل هئا. هيءَ فلم نشاط، راحت، ۽ اوڊين سئنيما حيدرآباد، فردوس سئنيما ميرپورخاص، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، ريگل سئنيما نوابشاهه، شاليمار سئنيما سکر ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’رت ۽ اجرڪ‘ فلم 18 فبروري 1977ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار نذير صوفي، فلمساز شبير احمد انصاري، مڪالمه سائل آزاد ۽ موسيقار غلام علي محمد اشرف هو. اداڪارن ۾ چڪوري، مشتاق چنگيزي، روشن عطا، حڪيم کوسو، شبانه ناز، خميسو جانوري، عبدالحق ابڙو، نادر بلوچ، نور محمد لاشاري، اي.آر بلوچ ۽ فرح ديبا شامل هئا. هيءَ فلم راحت سئنيما حيدرآباد، نشاط سئنيما سکر ۽ نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم سنڌي سماج جي مزاج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي عڪاسي ڪندڙ فلم هئي، جيڪا تمام گهڻي ڪامياب وئي. ڪينجهر فلمز جي پيشڪش ’ڌرتي ۽ آڪاش‘ 6 جولاءِ 1979ع تي رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر غلام نبي عبداللطيف، هدايتڪار راج اشوڪ ۽ اسماعيل بن واصف هئا. هن فلم ۾وسيم، چندا، رحيم شورو، ريحانه ممتاز، ابو بلاول، دوما ناز، نادر بلوچ، شبانه ناز، خميسو جانوري، عبدالحق ابڙو، مشتاق جسڪاڻي. ايس مغل ۽ اي. آر بلوچ اداڪار ۽ ٻيا شامل آهن. هيءَ فلم شهاب ۽ شاليمار سئنيما حيدرآباد، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، المهراڻ سئنيما نوابشاهه ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’دوستن جو پيار‘ فلم لسٻيله فلمز جي پيشڪش هئي. هيءَ فلم 7 ڊسمبر 1979ع تي رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام ايف ظفر هو ۽ پروڊيوسر پريم لاسي هو ۽ هدايتڪاري صمد شيخ جي ڏنل هئي. هي فلم دوستن جي دوستيءَ جي موضوع تي ٻڌل هئي. هن فلم ۾ انور اقبال، رئيس، خالد، محمود لاسي، اي.آر بلوچ، شهزادي، شڪيلا ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ اداڪاري ڪئي. هي فلم ڪيترن ئي سئنيمائن تي پردي تي ڏيکاري وئي، جن ۾ جوبلي سئنيما ڪراچي، راحت سئنيما حيدرآباد، المهراڻ سئنيما نوابشاهه ۽ قلوپطره سئنيما لاڙڪاڻو شامل آهن. ’حاضر سائين‘ فلم 1979ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿي. هن فلم ۾ غلام حيدر موسيقاري ڪئي، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار ايس گل هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: ايس گل، سعيد احمد علي، وسيم، قمر ميمڻ، شهنيلا قريشي، شبانه ناز، روشن عطا، بينا، گاجن قريشي، نور محمد لاشاري، ملڪ انوکو، سنڌر ۽ سيد سليمان شاهه شامل هئا. هيءَ فلم تاج محل سئنيما بندر روڊ، شهاب سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’گهاتو گهر نه آيا‘ فلم 2 آگسٽ 1981ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم ايم. ڪي. بي فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو نالو شاهه لطيف جي سُر گهاتو مان ورتو ويو. فلم جو موسيقار ايف. ايم نظر هو، هدايتڪار صمد شيخ هو ۽ پروڊيوسر بابر سلطان هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ بابر سلطان، بلقيس، ڪنول، محمد صديق، فرزانه، مراد بلوچ، نجمه، زينت شيخ، آغا گل محمد، عبدالله جان ۽ نور محمد لاشاري شامل هئا. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 25 مارچ 1983ع تي ’اميد‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر رابرٽ ملڪ، هدايتڪار شڪيل لاسي ۽ موسيقار غلام علي هئا. هن فلم ۾ فاروق مير، ريٽا، لطيف مني، ياسمين، ايس مغل، شهنيلا قريشي، چاندني، احمد علي، ملڪ انوکي ۽ محمود لاسيءَ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هيءَ فلم محفل سئنيما ڪراچي، راحت سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، حفيظه سئنيما سکر، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم لسٻيله فلمز جي پيشڪش هئي. هيءَ فلم ڪامياب وئي. 30 جون 1984ع تي ’ڦل ماڇي‘ فلم رليز ٿي. هيءَ فلم ناليواري ڌاڙيل ڦل ماڇيءَ جي زندگيءَ تي آڌاريل هئي. هن فلم جو موسيقار اياز علي هو. پروڊيوسر اي. ايڇ صديقي ۽ هدايتڪار نصرالسلام هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: شهنيلا قريشي، ريٽا، پريمي يار سلطان، شاهده ملڪ، محمد صديق، عبدالله جان، روشن عطا، رشيد صابر ۽ وينا جان شامل هئا. هيءَ فلم ايلائيٽ سئنيما حيدرآباد، قلوپطره سئنيما لاڙڪاڻي، المهراڻ سئنيما نوابشاهه، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، فردوس سئنيما ميرپورخاص، نگار سئنيما لاڙڪاڻي، محفل سئنيما ڪراچي، ڪيپري سئنيما ڊگهڙي، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار، تصوير محل سئنيما ڪورنگي (ڪراچي)، ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۽ حفيظ سئنيما سکر ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا تمام گهڻي ڪامياب ٿي. 12 آڪٽوبر 1984ع تي ’پرديسي ۽ پيار‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار امداد حسين، پروڊيوسر خير محمد لاسي ۽ هدايتڪار مشتاق چنگيزي هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: مشتاق چنگيزي، ريٽا، سرتاج وارثي، ممتاز ڪنول، مشتاق جسڪاڻي، مقبول کوکر ۽ محمود لاسي شامل آهن. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، محفل سئنيما ڪراچي، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، پيراڊائيز سئنيما سکر ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا ڪامياب وئي. 2 نومبر 1984ع تي ’ممتا‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي، پروڊيوسر آغا اين ڪاوش، هدايتڪار يوسف نصر هو، هن فلم جي اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، ريٽا، رحمٰن، روشن عطا، احمد علي، نسرين ناز، فتح محمد ۽ خميسو جانوري شامل هئا. هيءَ فلم انجمن سئنيما ڪراچي، نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، امپريل سئنيما سکر، المهراڻ سئنيما نوابشاهه، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ فيض ٽاڪيز سئنيما شهدادپور ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم ڪامياب فلمن ۾ شامل ٿئي ٿي. ’برسات جي رات‘ سنڌي فلم 20 جون 1985ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار ايس.ايم بروهي هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: غفار ڀٽي، پونم، صلاح الدين، نسرين ناز، منظور مراد، روشن عطا، منظور سخيراڻي ۽ ساقي هئا. سکر، قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻي ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 15 نومبر 1985ع تي ’جلال چانڊيو‘ فلم رليز ٿي. هيءَ فلم يڪتاري چپڙيءَ جي بي تاج بادشاهه جلال چانڊيي جي زندگيءَ تي آڌاريل آهي. هن فلم جي موسيقاري فيروز گل ڏني، پروڊيوسر مظهر حسين هو، هدايتڪار شاهه اسد هو ۽ اداڪارن ۾ شهناز ڀٽي، مشتاق چنگيزي، جلال چانڊيو، پروين، بوبي، لعل ڪمار، شهزادي، لطيف منو، غلام رسول جتوئي، مشتاق جسڪاڻي ۽ محمود صديقي شامل هئا. هيءَ فلم تمام گهڻي ڪامياب وئي. هن فلم جي وڊيو سي ڊي نڪتل آهي. هيءَ فلم نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، پيراڊائيز سئنيما سکر، قلوپطره سئنيما لاڙڪاڻي، پلازه شهدادڪوٽ، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، شاهين سئنيما شهدادپور، ۽ محفل سئنيما، ڪيپري سئنيما ۽ ڪوهنور سئنيما حيدرآباد ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 13 ڊسمبر 1985ع تي ’حيدر خان‘ سنڌي فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي هو، پروڊيوسر اي. نذير ڪاوش، هدايتڪار يوسف نصر هو. هيءَ فلم نصر فلمز جي پيشڪش هئي، هن فلم ۾ وسيم، ريٽا، رحمٰن، عائشه، امداد جويو، فتح محمد، اسد قريشي، جلال چانڊيو ۽ صائمه اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، پيراڊائيز سئنيما سکر، ڪاڪ محفل سئنيما موري، تاج محل سئنيما دادوءَ، نشاط سئنيما جيڪب آباد، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، شاهين سئنيما شهدادپور، محفل انجمن سئنيما ڪراچي، تصوير محل سئنيما ڪراچي، هالي ووڊ سئنيما ڪراچي، سرتاج سئنيما سانگهڙ ۽ محفل سئنيما هالا ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، اها تمام گهڻي مقبول وئي. 26 اپريل 1985ع تي ’جانو ڌاڙيل‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار اصغر علي خان هو ۽ اداڪارن ۾ بابر سلطان، ريٽا، محمد صديق، حنا شيرازي، وسيم، اسلم راهي، رشيد خان، عبد سلطان ۽ شهباز دراني شامل آهن. هيءَ فلم اتحاد فلمز جي پيشڪش هئي۽ ناز سئنيما ڪراچي، شمس سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، ريگل سئنيما نوابشاهه، ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، محفل سئنيما هالا، نشاط سئنيما شهدادڪوٽ ۽ ٽالپر ٽاڪيز سئنيما خيرپورميرس ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 7 مارچ 1986ع تي ’سهڻا سائين‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام حيدر هو. پروڊيوسر ۽ هدايتڪار ايس گل هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: صلاح الدين تنيو، تهمينه، غفار ڀٽي، نور محمد لاشاري، روشن عطا، گل بانو، مشتاق جسڪاڻي، ممتاز ڪنول، يار محمد شاهه، نسرين ناز، شبير انصاري ۽ منظور مراد شامل هئا. هيءَ فلم نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، ناز سئنيما ڪراچي، ريجنٽ سئنيما سکر ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم تمام گهڻي ڪامياب ٿي. 1986ع ۾ ’پوتي ۽ پڳ‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار وجاهت عطري، پروڊيوسر محبوب عالم ۽ هدايتڪار ايڇ.اي بخاري هو. هن فلم ۾ محبوب عالم، عشرت چوڌري، بنديا، اديب، نيلو، فردوس جمال، عابد ڪاشميري، بهار ۽ مصطفى قريشي اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، پيراڊائيز سئنيما سکر، شهباز سئنيما ۽ اوڊين سئنيما ڪراچيءَ ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 9 جون 1986ع تي ’حاڪم خان‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار لال محمد هو، پروڊيوسر اشتياق اڪبر، هدايتڪار شيرين هو ۽ اداڪارن ۾: وسيم، ياسين، اشتياق، شيرين، بابر سلطان، جاني مري، روشن عطا، احمد علي، انور ٿيٻو، ملڪ انوکو، انيلا، انور شيخ، محمد حسين ۽ صمد شيخ شامل هئا. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، المهراڻ سئنيما نوابشاهه، قلوپطره سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فردوس فلمز جي پيشڪش هئي. ’قرباني‘ فلم، 9 جون 1986ع تي رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي هو، پروڊيوسر خير محمد لاسي، هدايتڪار شڪيل لاسي هو ۽ اداڪارن ۾ رحمٰن، ريٽا، بابر سلطان، شهنيلا قريشي، محمود، محبوب اختر، حنا شيرازي، لطيف منو، روشن عطا، فاروق مير ۽ رحمٰن وغيره شامل هئا. هيءَ فلم لسٻيله فلمز جي پيشڪش هئي ۽ ايلائيٽ سئنيما حيدرآباد، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ شاهين سئنيما شهدادپور ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’هو جمالو‘ سنڌي فلم 1986ع ۾ ڀارت ۾ ٺهي رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي هندو- مسلم ايڪتا، قومي جذبن ۽ پاڪ ڀارت لڙائيءَ جي موضوع تي آڌاريل هئي. هن فلم جا فلمساز سنڌي ساهتيه جا مشهور ليکڪ ارجن چاولا ۽ هري موٽواڻي هئا. فلم جو هدايتڪار ارجن چاولا ۽ اشوڪ راءِ هئا. هن فلم جا گيت گورڌن ڀارتيءَ لکيا، جنهن کي موسيقي سي. ارجن ڏني. هن فلم جي اداڪارن ۾ سنجيو ڪمار، ستين ڪپور، گيتا راج، رام پنجواڻي، ايس. پي. مينگهاڻي وغيره شامل هئا. هن فلم جا گيت ڀڳونتي ناواڻي، سترام روهڙا، ٽيڪاسين، ڪملا ڪيسواڻي، مهندر ڪپور، ڪلان هزاري ۽ رام پنجواڻيءَ ڳايا آهن. ’امي يا ممي‘ نالي سنڌي فلم دهليءَ جي ڊراما گروپ مهراڻ طرفان 1986ع ۾ ٺهي ۽ دهليءَ ۾ رليز ٿي. هيءَ فلم سنڌي ناٽڪ جي ڪهاڻيءَ جي آڌار تي ٺهيل هئي. فلم ۾ سنڌي ٻولي بچائڻ تي زور ڏنو ويو. هن فلم جو ليکڪ گوپال پنجواڻي ۽ هدايتڪار اشوڪ جئسنگهاڻي هو. هن فلم جا گيت مختلف شاعرن جا لکيل آهن ۽ موسيقي ڪان موتيهار ڏني. هن فلم جا ڪجهه گيت هندي فلمن جي مشهور فنڪارن اُشا منگيشڪر، سلڪٽئا پنڊت ۽ سشما سريشت کان ڳارايا ويا. هن فلم جي هڪ گيت ’سنڌي اسان جي ٻولي، مٺڙي اباڻي ٻولي‘ ڪافي مقبوليت ماڻي. هن فلم جي اداڪارن ۾ ڪويتا پنجواڻي، گوپال پنجواڻي، شنڪر مولواڻي، اُتم تلريجا وغيره هئا. ’پرو‘ سنڌي فلم، 1987ع ڌاري، بلونا فلمز طرفان ٺهي. هيءَ فلم سنڌ جي تڏهوڪي مشهور ڌاڙيل پرو چانڊيي جي زندگيءَ تي فلمايل هئي، جنهن ۾ وڏيرن جي ظلم ۽ پرو چانڊيي سان ٿيندڙ ناانصافين کي ڏيکاريو ويو. هن فلم جو موسيقار فيروزگل هو، جڏهن ته پروڊيوسر مظهر حسين، هدايتڪار شاهه اسد هو ۽ اداڪارن ۾ منصور بلوچ، ريٽا، مشتاق چنگيزي، شهناز اڪمل، نور محمد لاشاري، شهزادي، لعل ڪمار، انور سولنگي، مشتاق جسڪاڻي، انجمن طالش ۽سپنا شامل هئا. هيءَ فلم ڪيترن ئي سئنيمائن جي پردي تي ڏيکاري وئي، جن ۾: نشيمن سئنيما ڪراچي، ڪوهنور سئنيما حيدرآباد، پيراڊائيز سئنيما سکر، قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻو، افشان سئنيما شڪارپور، افشان سئنيما ڪراچي، نشاط سئنيما نوابشاهه، تاج محل سئنيما دادو، ڪاڪ محل سئنيما مورو، شمس سئنيما نوشهرو فيروز، شاهين سئنيما شهدادپور، ڪيپري سئنيما ٽنڊوالهيار، سوهڻي سئنيما خيرپور ناٿن شاهه، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، ريڪس ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊو آدم ۽ قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻو شامل هيون. هي فلم ڪامياب وئي ۽ ڏسندڙن ۾ مقبوليت ماڻي. 1987ع ۾ ’طوفان‘ فلم آر. اي پڪچرز جي طرفان رليز ٿي. هن فلم جي موسيقار ستار حسين، پروڊيوسر اي. ايڇ صديقي هو. مصنف ۽ هدايتڪاري اصغر علي خان جي ڪيل هئي. هن فلم جي اداڪارن ۾ وسيم، ريٽا، بابر، سلطان، حنا شيرازي، ملڪ انوکو، نوشي، اسد قريشي، زاهد ابڙو، روشن عطا ۽ شهباز دراني شامل آهن. هيءَ فلم اوڊين سئنيما ڪراچي، نشاط سئنيما حيدرآباد، رائل سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما نوابشاهه، پيراڊائيز سئنيما سکر ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’هل ته ڀڄي هلون‘ هيءَ سنڌي رنگين فلم 1987ع ۾ ڀارت ۾ ٺهي ۽ رليز ٿي. هن فلم جو موضوع سماجي ۽ مزاحيه هو. هيءَ فلم ٻين سنڌي فلمن کان ڪافي مختلف هئي، جنهن سبب ڪافي مقبول ٿي ۽ ڪاميابي ماڻيائين. هيءَ پهرين رنگين فلم هئي، جيڪا رنگين ۽ سئنيما اسڪوپ هئي. هيءَ فلم مشهور ڪلاڪارن سترام روهڙا ۽ مدن جماڻيءَ ٺاهي، جنهن ۾ هدايتڪار به مدن جماڻي هو. فلم جا گيت گورڌن ڀارتي لکيا، جن کي موسيقي سي. ارجن ڏني. هن فلم ۾ مشهور فنڪاره لتا منگيشڪر کان سنڌيءَ ۾ هڪ گانو به ڳارايو ويو، جڏهن ته گهنشيام واسواڻي ۽ ارونا ڪندناڻيءَ به گانو ڳاتو. هن فلم جي اداڪارن ۾ راجن سپي، سونيا مولچنداڻي، ايس. پي. مينگهاڻي، رميش ڄاڃاڻي، سترام روهڙا، رميش مهتا، سرد ڀگتياڻي، شان ڇاٻڙيا ۽ نيرو آسراڻي شامل هئا. هن فلم ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل آهي. هن فلم کي انڊيا جي اردو فلمن سان مقابلي ۾ ڀيٽي سگهجي ٿو. ’نادر گوهر‘ فلم 18 مئي 1988ع تي نصر فلمز طرفان رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار فيروز گل، پروڊيوسر يوسف نصر، هدايتڪار يوسف ظفر هو. هن فلم ۾ اداڪار فتح محمد، ريٽا، اسد قريشي، صائمه، منور ابڙو، محمود لاسي، شهزادي، حنا شيرازي، نور محمد لاشاري ۽ گلاب چانڊيو هئا. هيءَ فلم المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، افشان سئنيما شڪارپور، فردوس سئنيما ميرپورخاص، ايلائيٽ سئنيما حيدرآباد، ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار، نشاط سئنيما جيڪب آباد، ريگل سئنيما نوابشاهه، پيراڊائيز سئنيما سکر، افشان سئنيما ڪراچي، نگار سئنيما لاڙڪاڻي، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان، شمس سئنيما گمبٽ، نثار سئنيما خيرپور ناٿن شاهه، نشاط سئنيما راڻيپور، ناز سئنيما ميرپورماٿيلي، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، شاهين سئنيما شهدادپور ۽ صدف سئنيما گهوٽڪيءَ ۾ پردي تي ڏيکاري وئي هئي. ’دشمن‘ سنڌي رنگين فلم 18 مئي 1988ع تي سرمست آرٽ فلمز جي طرفان رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي هو. پروڊيوسر مظفر حسين، هدايتڪار ايس. واءِ. احمد هو ۽ اداڪارن ۾ منصور بلوچ، شڪيلا خان، منظور مراد، شيراز، شهنيلا قريشي، شهباز دراني، گلاب چانڊيو، ملڪ انوکو، مشتاق جسڪاڻي، انور سولنگي، نوري ۽ اي.آر. بلوچ شامل آهن. هيءَ فلم نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، دلشاد سئنيما نوابشاهه، افشان سئنيما ڪراچي، نشاط سئنيما سکر، اسڪالا سئنيما ڪراچي، ٽالپور ٽاڪيز سئنيما خيرپور ميرس، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، شهباز سئنيما ٽنڊوالهيار، افشان سئنيما شڪارپور، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، تاج محل سئنيما دادو، ڪوهه نور سئنيما نوشهري فيروز، نشاط سئنيما راڻيپور، ماروي سئنيما ڪوٽڙي ۽ ريوالي سئنيما راڌڻ ۾پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم ڏسندڙن ۾ ڪافي ڪامياب وئي. ’مهراڻ جا موتي‘ فلم 10 جون 1988ع تي اي. ايم فلمز طرفان رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار شيخ حسن هو ۽ اداڪارن ۾ شيراز، ريٽا، محمود لاسي، ملڪ انوکو، رشيد خان، بابر بلوچ، ملڪه ۽ سيد سليمان شامل هئا. هي فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، فردوس سئنيما ميرپورخاص، رائل سئنيما لاڙڪاڻو، ڪيپٽل سئنيما ٽنڊي الهيار ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، جيڪا ڏسندڙن ۾ مقبول وئي. ’علي گوهر‘ رنگين سنڌي فلم 5 جولاءِ 1988ع تي ڄاموٽ فلمز طرفان رليز ٿي. هيءَ فلم ناليواري ڌاڙيل علي گوهر چانڊيي جي زندگيءَ تي آڌاريل هئي، جيڪو پنهنجي ڀاءُ پرو چانڊيي سميت تر جي وڏيرن جي آزار سبب ڌاڙيل ٿيڻ تي مجبور ٿيو هو. هن فلم جو موسيقار غلام علي، پروڊيوسر ايس. گل ۽ هدايتڪار شاهه وحيد هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: يار محمد شاهه، سلمى جان، صلاح الدين، نسرين ناز، نواب محمدي، شهزادي، نور محمد لاشاري ۽ محمود صديقي شامل هئا. هيءَ فلم پيراڊائيز سئنيما سکر، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، ميلوڊي سئنيما نوابشاهه، افشان سئنيما ڪراچي، سُهڻي سئنيما جيڪب آباد، ٽالپر ٽاڪيز سئنيما خيرپورميرس، سنگيت سئنيما ملير ڪراچي، فردوس سئنيما حيدرآباد، شهباز سئنيما، شاهين سئنيما شهدادپور ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي ۽ ڪامياب وئي. ’مورک‘ سنڌي فلم 18 آگسٽ 1989ع تي رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر ۽ هدايتڪار صمد شيخ هو. موسيقار فتح محمد نظر هو. هيءَ فلم شهاب سئنيما حيدرآباد ۽ رائل سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم سني پڪچرز ۽ شيخ پڪچرز جي پيشڪش هئي. ’فيصلو ضمير جو‘ فلم 1989ع ۾ رليز ٿي، جيڪا نصر فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار ۽ فلمساز يوسف نصر هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ ممتاز ڪنول، فتح محمد، ريٽا، مشتاق چنگيزي، سهڻي، اسماعيل چانڊيو، نجمه ڪاوش، محمود لاسي، ڪمال ايراني، حبيب، خميسو خان، عبدالرزاق، حسين، اڪبر راهوجو ۽ روشن عطا هئا. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، ڪاڪ محل سئنيما موري، نشاط سئنيما نوابشاهه، محفل سئنيما هالا، شاهين سئنيما شهدادپور، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، امداد سئنيما سعيدآباد، شاهپور سئنيما سڪرنڊ، محفل سئنيما شاهپورچاڪر، نشاط سئنيما جيمس آباد، تاج محل سئنيما ڀريا روڊ، اسڪالا سئنيما سانگهڙ، ڪئپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. لسٻيله فلمز جي پيشڪش سنڌي فلم ’پلاند‘، 8 سيپٽمبر 1989ع تي رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار بابر علي، پروڊيوسر خير محمد لاسي، ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار نادر بلوچ هئا. هن فلم جي اداڪارن ۾ ناصر بلوچ، ريٽا، ابو بلاول، ريحانه ممتاز، منظور مراد، الطاف سومرو، شبانه ناز، قمر ميمڻ، اشرف بلوچ، محمود لاسي، رحيم شورو، ۽ اي.آر بلوچ شامل آهن. هيءَ فلم المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، پيراڊائيز سئنيما سکر، ميلوڊي سئنيما نوابشاهه ۽ ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 1989ع ۾ ’جهومر ۽ بندوق‘ سنڌي فلم شهنشاهه پروڊڪشن جي طرفان رليز ٿي. هن فلم ۾ موسيقي فيروز گل ڏني ۽ پروڊيوسر اي.ايڇ صديقي هو، جڏهن ته بابر سلطان هدايتڪاريءَ جا فرض سرانجام ڏنا. هن فلم ۾ بابر سلطان، ريٽا، گل محمد، نجمه ڪاوش، انور ٿيٻو، عبدالله جان، رشيد ناز، ابو بلاول ۽ نغمه اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، رشنا سئنيما سکر، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، افشان سئنيما شڪارپور، ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار، جاويد ٽاڪيز سئنيما خيرپورميرس، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’پڪار‘ سنڌي فلم 1989ع تي تاج فلمز جي طرفان رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار فيروز گل هو. پروڊيوسر ۽ هدايتڪار مشتاق چنگيزي هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ سهڻي، دلبر مهر، آفتاب شيخ، نجمه ڪاوش، اصغر جاني، ايم. ايم بلوچ ۽ ايس ڀٽي شامل هئا. هيءَ سنڌي فلم نيومئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، رائل سئنيما لاڙڪاڻي، ڪاڪ محل سئنيما موري، دلشاد سئنيما نوابشاهه، امداد سئنيما نيو سعيدآباد، شاهين سئنيما شهدادپور، سرتاج سئنيما سانگهڙ، محفل سئنيما هالا، قائم سئنيما ميرپورخاص، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، ريڪس سئنيما بدين، ماروي سئنيما ڪوٽڙي ۽ محفل سئنيما شاهپور چاڪر ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’ٽي قيدي‘ سنڌي فلم 7 مئي 1989ع تي رليز ٿي. هن فلم ڪاميابي ماڻي. هن فلم ۾ ڪيترن ئي بهترين اداڪارن ڪم ڪيو، جن ۾: بابر سلطان، ثمينه مير، محمود پريمي، ريٽا، رشيد خمار، ريحانه ممتاز، عبدالله خان ۽ محمود لاسي وغيره. هن فلم جي موسيقي فيروز گل ڏني جڏهن ته پروڊيوسر اي. ايڇ صديقي ۽ هدايتڪار بابر سلطان هو. هي فلم رائل سئنيما لاڙڪاڻي، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان، دلشاد سئنيما ڪنڌڪوٽ، امداد سئنيما سعيدآباد، فردوس سئنيما ميرپورخاص، دلشاد سئنيما نوابشاهه، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، راڪسي سئنيما ڪراچيءَ ۾ پردي تي ڏيکاري وئي هئي. ’شهيد‘ سنڌي فلم 2 جون 1989ع تي رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر مظهر حسين، موسيقار غلام علي هو. هن فلم جو مصنف، شاعر، فلمساز ۽ هدايتڪار شاهه اسد هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ منصور بلوچ، ليلى حسن، مشتاق چنگيزي، ريٽا، نور محمد لاشاري، اسد قريشي، رشيد، نواب محمدي، لال ڪمار ۽ گلنام سنڌي شامل هئا. هيءَ فلم بمبينو سئنيما حيدرآباد، قلوپطره سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، ميلوڊي سئنيما نوابشاهه، اسڪالا سئنيما سانگهڙ، ريڪس ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، نشيمن سئنيما ڪراچي، فردوس سئنيما ميرپورخاص، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، سنگيت سئنيما ڪراچي، افشان سئنيما شڪارپور، ٽالپور ٽاڪيز سئنيما خيرپورميرس ۽ نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي، ڏسندڙن ۾ هن فلم ڪاميابي ماڻي. 7 مئي 1989ع تي ’بيوس‘ فلم رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي/ لال اقبال هو. پروڊيوسر راج اشوڪ ۽ هدايتڪار مشتاق چنگيزي هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، ريٽا، شهزادي ۽ روبينه حيدري شامل آهن. هيءَ فلم نشيمن سئنيما ڪراچي ۽ ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ به ڪامياب وئي. 1989ع جي آخري فلم ’جيئي جهولي لال‘ رليز ٿي، ان فلم به ڪاميابي ماڻي. 1990ع ڌاري ٽي فلمون رليز ٿيون. 9 مارچ 1990ع تي ’ميراڻ جمالي‘ سنڌي فلم لسٻيله فلمز طرفان رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر خير محمد لاسي، ڪهاڻيڪار سائل آزاد، موسيقار لال محمد اقبال ۽ هدايتڪار محمد حسين مداري هو. هن فلم ۾ مشتاق چنگيزي، ريٽا، اسد قريشي، اي. آر. بلوچ، لطيف منو، ملڪ انوکو، ڪمال ايراني ۽ بدر منير اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هيءَ فلم المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان ۽ ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’جيئي لطيف‘ فلم 27 اپريل 1990ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم شاهه موويز جي طرفان مظهرالحق پيش ڪئي. هن فلم جو موسيقار غلام علي هو. پروڊيوسر ايم شفيق، مصنف ۽ هدايتڪار شاهه اسد هو. هن فلم جي اداڪارن ۾: ليلى حسن، اسد قريشي، شبانه سنڌي، حسين ٻگهيو، ابو بلاول، نواب محمدي، رشيد خمار، ايم. ايم بلوچ، ياسمين، ننڍڙو جلال، زرينه، اڪبر بلوچ، شمع ۽ نورمحمد لاشاري شامل هئا. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، دلشاد سئنيما نوابشاهه، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، پلازه سئنيما شڪارپور، سرتاج سئنيما سانگهڙ، محفل سئنيما هالا، امداد سئنيما نيو سعيدآباد، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار، ريڪس سئنيما بدين، ناز سئنيما گهوٽڪي، نثار سئنيما خيرپور ناٿن شاهه، شاهين سئنيما شهدادپور، ڪيپري سئنيما حيدرآباد، نشيمن سئنيما ڪراچي ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي ۽ ڪامياب وئي. ’ڪارو ماڇي‘ سنڌي فلم 4 جولاءِ 1990ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم شاهين انٽرپرائيز جي پيشڪش هئي. هن فلم جو ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار بابر سلطان هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ بابر سلطان، ريٽا، رشيد خمار، شاهده حيدري، عبدالله جان، محمد شيرازي، صمد شيخ، عيسى خان، علي حمزه، ماروي، نظام شيخ ۽ قلندر بخش ڪلو شامل آهن. هيءَ فلم رائل سئنيما لاڙڪاڻي، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان، طارق سئنيما ڪنڌڪوٽ، ناز سئنيما گهوٽڪي، قائم ٽاڪيز سئنيما ميرپورخاص ۽ ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي ڏيکاري وئي ۽ ڪامياب ٿي. ’دريا خان‘ سنڌي رنگين فلم 8 نومبر 1991ع تي عظمى فلمز جي طرفان ٺهي رليز ٿي. 1991ع واري سال ۾ رڳو هڪ فلم ٺهي. هن فلم جو هدايتڪار محمد يونس راٺوڙ هو ۽ هن فلم ۾ ڪيترن ئي اداڪارن پنهنجي اداڪاري ڏيکاري، جن ۾: مصطفى قريشي، نيلي، جهانزيب، ثمينه پيرزادو، شجاعت هاشمي، محبوب عالم، سانوڻ، عابد ڪشميري، پاڪيزه مغل، عظمت شاهه، تمنا، ظاهر شاهه، اديب ۽ منصور بلوچ شامل هئا. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، پيراڊائيز سئنيما سکر، ريگل سئنيما نوابشاهه، سرتاج سئنيما سانگهڙ، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان، نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، المهراڻ سئنيما نوابشاهه، ڪاڪ محل سئنيما موري، افشان سئنيما شڪارپور، محفل سئنيما هالا، ڪوهنور ۽ شمس سئنيما نوشهري فيروز، ڪئپيٽل سئنيما جيڪب آباد، ريڪس سئنيما ڪنڌڪوٽ، شاهين سئنيما شهدادپور، ناز سئنيما گهوٽڪي، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، سهڻي سئنيما جيڪب آباد، ڪئپيٽل سئنيما ڪنڌڪوٽ، ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۽ ماروي سئنيما ڪوٽڙيءَ ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم ڏسندڙن ۾ مقبول وئي. ’الهه بچايو‘ رنگين سنڌي فلم 18 ڊسمبر 1992ع تي ’سٽيزن موويز‘ طرفان رليز ٿي. هن فلم ۾ هدايتڪاريءَ حبيب ڪئي ۽ نامور موسيقار ۽ مصنف ڪم ڪيو، جڏهن ته هن فلم جي اداڪارن ۾: شاهد، دردانه، رحمٰن، منصور بلوچ، سوزي، مسعود اختر، اسد ۽ حبيب شامل آهن، جڏهن ته ڪهاڻيڪار ۽ گانا محمد بخش چانگ ڳاتا. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ ممتاز سئنيما موري ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. الفاروق فلمز جي پيشڪش رنگين سنڌي فلم ’وڏيرو سائين‘، 6 نومبر 1992ع تي رليز ٿي. هن فلم جي اداڪارن ۾: انجمن، غلام معين الدين، عارفه صديقي، بابر، جگي ملڪ، الطاف خان، طالش، فردوس ۽ مصطفى قريشي وغيره شامل آهن. هن فلم جو پروڊيوسر فاروق ملڪ، ڊائريڪٽر دائود ڀٽ، موسيقي ايم. اشرف ڪئي. هيءَ فلم المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما نوابشاهه، ڪيپري سئنيما نڊي الهيار، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان، ڪاڪ محل سئنيما موري، نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، ٽالپر ٽاڪيز سئنيما نصرپور، پلازه سئنيما شڪارپور، دلشاد سئنيما ڪنڌڪوٽ، ناز سئنيما گهوٽڪي ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’باغي‘ سنڌي فلم 5 اپريل 1992ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم حبيب فلمز جي پيشڪش هئي. هن فلم جي ڪهاڻي محمد بخش چانگ لکي هئي، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار حبيب هو ۽ موسيقي جي وزير ڏني. جڏهن ته اداڪارن ۾ سونيا، بابر، حنا شاهين، جهانزيب، طالش، همايون قريشي، غلام محي الدين، سلطان راهي ۽ حبيب شامل آهن. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، ڪاڪ محل سئنيما موري، پي. ايف سئنيما بدين، شمس سئنيما نوشهري فيروز، محفل سئنيما هالا، نشاط سئنيما نوابشاهه ۽ نيشنل سئنيما ٺٽي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. سخي فلمز جي پيشڪش ’محب شيدي‘ سنڌي فلم عبدالفطر جي موقعي تي 5 اپريل 1992ع تي ٺهي رليز ٿي. هن فلم جو فلمساز يار محمد شاهه، هدايتڪار شاهه اسد، موسيقار غلام علي هو. هيءَ فلم المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، پيراڊائيز سئنيما سکر، ميلوڊي سئنيما نوابشاهه، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار، بي. ايف سئنيما بدين، نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، وينس سئنيما سانگهڙ، پيليس سئنيما ميرپورخاص، نيو مئجسٽڪ سئنيما ڊگهڙي، ريڪس سئنيما بدين، ڪئپيٽل سئنيما جيڪب آباد، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص ۽ ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي ۽ پڻ ڪامياب وئي. ’ملاکڙو‘ رنگين سنڌي فلم مارچ 1993ع تي رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي، مڪالمه ۽ گيت غلام محمد چنا جا لکيل آهن. هدايتڪار الطاف قمر هو ۽ اداڪارن ۾ ريما، جاويد شيخ، ڪنول، سيما، سلطان راهي، خاور عباس، سليم حسين، بادل، تاجي، جبار چنه، بهار، گاجن قريشي، همايون قريشي، منصور بلوچ ۽ مصطفى قريشي شامل آهن. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، سپريل سئنيما سکر، سهڻي سئنيما جيڪب آباد، نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هن فلم جي پروڊيوسر مسز ڪي چنا هئي ۽ موسيقي وجاهت عطري ڏني. ’مسٽر شڪارپوري‘ فلم پهرين جون 1993ع تي رليز ٿي. هن فلم جي اداڪارن ۾ نرگس، عبدالحڪيم کوسو ۽ مشتاق جسڪاڻي هئا. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. ’سنڌ جا سپوت‘ فلم 19 نومبر 1993ع تي رليز ٿي. هن فلم جي اداڪارن ۾ وسيم، ريٽا، مينا شيرازي، بينا شيرازي، حيدر سلطان وغيره شامل هئا. هيءَ فلم ريگل سئنيما نوابشاهه، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 1994ع ۾ ’ڪير ڪنهن جو‘ فلم، ’درپن فلمز‘ طرفان ٺهي ۽ ڀارت ۾ رليز ٿي. هن فلم جو ليکڪ گوپال پنجواڻي، فلمساز راجڪمار ڪوتواڻي ۽ هدايتڪار ڪمل ناٿاڻي هو. هن فلم جا گيت راجڪمار ڪوتواڻي ۽ ڪان موتيهار لکيا، جن کي موسيقي ڪان موتيهار ڏني. هن فلم جا گيت انو راڌا ٻوڊوال، سريش واڊيڪر، گهنشيام واسواڻي، مهيندر ڪپور ۽ چندو شوداساڻي کان ڳارايا ويا. هن فلم جي اداڪارن ۾ سريچند ماکيجا، سنڌيا جئسنگهاڻي، نريش لالوالي، مڌو ناٿاڻي ۽ اجيت وڇاڻي هئا. 1995ع ۾ ’ڏٺو ويندو‘ رنگين سنڌي فلم رليز ٿي. هيءَ فلم پاپا پروڊڪشن جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار ايس ايم بروهي هو، جڏهن ته فلمساز مظهر حسين هو ۽ موسيقي فيروز گل ڏني. هن فلم جي اداڪارن ۾ گلاب چانڊيو، منظور مراد، نسرين ناز، اسد قريشي، انور سولنگي شامل هئا. هيءَ فلم پيراڊائيز سئنيما سکر ۽ ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. 1996ع ڌاري ٻه فلمون رليز ٿيون جن ۾ هڪ فلم ’ڌرتي منهنجي ماءُ‘ ٺهي ۽ ٻي سنڌي فلم ساڳئي سال 29 اپريل ۾ ٺهي، عيدالاضحى جي موقعي تي رليز ٿي. هن سنڌي فلم جو فلمساز حاجي محمد شفيق هو، هدايتڪار يونس راٺوڙ، موسيقار امانت گل، مصنف رشيد ساجد ۽ نغمه نگار سائل آزاد ۽ نياز پتافي هئا. هن فلم جي اداڪارن ۾ اظهار قاضي، بابره شريف، بابر، سونيا، طارق شاهه، منزه شيخ، عبيد گل، رنگيلا، منصور بلوچ، شفقت چيمه، منظور مراد، اسلم لاٽر، پير معظم، خمار ۽ بطور سجاول مصطفى قريشي شامل هو. هيءَ فلم ڏسندڙن ۾ ناڪام وئي. 1997ع ڌاري ’همت‘ رنگين فلم رليز ٿي، تنهن بعد 2000ع ڌاري ’دل ڏجي دل وارن کي‘ سنڌي فلم ڀارت ۾ ٺهي رليز ٿي. هي فلم ٻن خاندانن جي وچ ۾ وڇوٽين ۽ جهيڙن تي آڌاريل هئي، جنهن ۾ ٻنهي خاندانن مان ڇوڪري ۽ ڇوڪرو ڪاليج ۾ هڪ ٻئي سان پيار ڪن ٿا ۽ ٻنهي خاندانن وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري سندن ٺاهه ڪرائين ٿا. هن فلم جا فلمساز ٺاڪر ڀيرواڻي، ڪمار منداڻي ۽ منوج ڀيرواڻي، ڊائريڪٽر يشونت ۽ فلم جي موسيقي مشهور قوال شنڪر جي فرزند رام شنڪر ڏني آهي. هن فلم ۾ مشهور هندي فلمن جي فنڪارن دت نارائڻ، ساڌنا سرگم، ڪويتا ڪرشنا ۽ مورتيءَ کان سنڌي گانا ڳارايا ويا آهن. هن فلم جا گيت جي.ڪي سيجپال، ڪمار منواڻي ۽ ٺاڪر دولتاڻي لکيا آهن. هن فلم جي اداڪارن ۾ مئڪ موهن، اجيت وڇائي ۽ سڌير وغيره شامل آهن. 2001ع ۾ ’پاڙي واري‘ فلم رليز ٿي. 2010ع ۾ ’جيون چڪرا‘ فلم ٺهي. 2011ع ۾ ’جيون ساٿي‘ فلم ٺهي رليز ٿي. سئنيما جي پردي کان سواءِ به سنڌ ۾ 2003ع کان 2013ع تائين مختلف سنڌي فلمون تيار ٿيون، جيڪي سنڌي سيٽلائيٽ چئنلن ڪي. ٽي. اين، سنڌ ٽي. وي، آواز ۽ مهراڻ ٽي. وي جي پراڊڪشن آهن. پر اهي فلمون سئنيما جي پردي جون نه بلڪه عوامي پسند موجب وڊيو سي. ڊيءَ ۽ ٽي. وي نشريات تحت ڏيکاريون ويون. ڇاڪاڻ جو هاڻي سئنيما انڊسٽري اسان وٽ زوال جو شڪار آهي، تنهنڪري


هن صفحي کي شيئر ڪريو