سنڌي غزل جي اوسر ڀاڳو پهريون

سنڌي غزل جي اوسر ڀاڳو پهريون

سنڌي غزل جي اوسر ڀاڳو ٻيو

سنڌي غزل جي اوسر ڀاڳو ٻيو

سنڌي غزل جي اوسر

سنڌي غزل جي اوسر (ڪتاب): ٻن ڀاڱن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي پي. ايڇ. ڊي جو تحقيقي مقالو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ستن بابن تي مبني آهي، جن ۾ (1) غزل، جنهن ۾ غزل جي ابتدا، تشريح، اصول، غزل جي پيدائش، موضوع، غنائي خاصت، مقامي اثر، غزل تي اعتراض ۽ سنڌي غزل تي اعتراض. ٻيون باب: پارسي شاعريءَ جو سنڌي غزل تي اثر (سنڌ ۾ پارسي شاعري)، ٽيون باب: پارسي شاعريءَ جو سنڌي غزل تي اثر. باب چوٿون: دعوت غزل. باب پنجون: اخباري شاعري. ڇهون باب: بزم مشاعره ۽ باب ستون: ڪُل سنڌ ادبي ڪانفرنسون شامل آهن. ساڳيءَ ريت ٻئين ڀاڱي ۾ به ڪُل ست باب آهن، جن جا موضوع ترتيبوار هن ريت آهن: باب اٺون: سنڌي غزل جي ابتدا، باب نائون: گل جو دورو، باب ڏهون: خليفي قاسم جو دور، باب يارهون: سانگيءَ جو دور، باب ٻارهون: قادريءَ جو دور، باب تيرهون: ورهاڱي کانپوءِ (جائزو) ۽ چوڏهون ۽ آخري باب: ڀارت ۽ سنڌي غزل (ڀارت ۾ سنڌي غزل جو جائزو اچي وڃن ٿا. ڪتاب جي ٻنهي جلدن ۾ غزل جي صنف متعلق جامع تحقيق ڪندي غزل جي هر هڪ پهلوءَ کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ هن، سنڌي غزل جا مختلف دور قائم ڪري انهن جو ان وقت جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي لاڙن جي روشنيءَ ۾ نئين انداز سان تجزيو بيان ڪيو آهي ۽ هر دور جي نمائنده شاعرن جي حياتيءَ جو احوال، ڪلام جو نمونو ۽ ڪلام تي تبصرو ڏنو آهي. ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن جو مهاڳ خود محقق ڊاڪٽر اياز قادريءَ جو لکيل آهي. جڏهن ته پهرئين جُلد جو انتساب، ليکڪ پنهنجي ناني غزل گو حاجي زوار حڪيم فقير ميان علي محمد قادري جي نانءُ ۽ ٻئي جُلد جو انتساب پنهنجي پيءُ، غزل جي برک شاعر ’غلام سرور ’فقير‘ قادري جي نالي ڪيو آهي. هن پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ سندس نگران ’پروفيسر مولوي غلام مصطفيٰ قاسميِ‘ ٿي رهيو. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو نومبر 1983ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي طرفان شايع ٿيو ۽ ٻيو ڀاڱو به ساڳئي اداري پاران ڊسمبر 1984ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. چار رنگي ٽائيٽل، ڪچي جُلد ۽ ڊيمي سائز سان هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو 443 صفحن ۽ ٻيو ڀاڱو 566 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن مان هر هڪ جي قيمت 150 روپيا آهي.


لفظ سنڌي غزل جي اوسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو