سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو

سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو

سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو

سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب برطانوي عملدار جنرل هيگ جي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي متعلق تحرير ڪيل انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو عطا محمد ڀنڀري ڪيو.
جنرل هيگ پهريون مصنف هو، جنهن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي بابت هيءُ معياري ڪتاب لکيو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڇوڙ واري علائقي جي ڪُل ايراضي ڏهه هزار چورس ميل ڄاڻائي آهي. سندس ڪتاب ۾ نو (9) باب آهن. پهرئين بابت ۾ سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ڇوڙ واري علائقي جو احوال سڪندر جي حملي واري دور کان شروع ڪري ان کانپوءِ وارن مختلف دورن ۾ ڇوڙ واري علائقي جي تاريخي ۽ جاگرافيائي صورتحال تي روشني وڌل آهي. ان کانسواءِ ڪتاب ۾ ڏنل ضميما پڻ اهميت جا حامل آهن. هن ڪتاب جو ترجمو، عطا محمد ڀنڀري سهڻي ۽ سليس اسلوب ۾ ڪيو آهي. پيش لفظ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ترجمي بابت لکيو آهي ته هيءُ ڪتاب هونئن به اهم آهي، ويتر ڀنڀري صاحب حاشيا لکي، ان جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ ڪن غلط مونجهاري وارين ڳالهين تي تاريخ جي حوالن سان روشني وڌي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مارچ 1995ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان شايع ڪرايو ويو. سنڌوءَ درياهه جي تصوير سان سينگاريل ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 344 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪچي جلد واري ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو