سنڌو سنبت ڪئلينڊر

سنڌو سنبت ڪئلينڊر: هندستان ۾ قديم زماني کان وٺي ڪيترائي سن سنبت/ ڪئلينڊر عمل ۾ پئي آيا آهن، جن مان مشهور سنبت:
(1) ياوانا، (2) هرش سنبت/ ڪئلينڊر، (3) وڪرمي سنبت (وڪرماجيت جي نالي سان جاري ڪئلينڊر: ڏکڻ ۽ اولهه هند ۾ مروج)، (4) ساڪا ڪئلينڊر (اتر هندستان، ڪشمير ۽ موجوده پاڪستان وارو علائقو)،
(5) ولڀي سنبت (گجرات ۽ ٻين علائقن ۾ مروج)، (6) گيتا سنبت،
(7) سنڌو سنبت/ ڪئلينڊر.
يارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ مشهور عرب سياح ۽ سائنسدان البيرونيءَ ننڍي کنڊ جو سفر ڪيو هو. هن پنهنجي ڪتاب ’ڪتاب الهند‘ (Indica) ۾ هڪ باب اهڙن ڪئلينڊرن بابت به لکيو هو، جيڪي هند سنڌ جي علائقن ۾ استعمال هيٺ هئا. البيرونيءَ اهڙن ڪئلينڊرن مان: (1) هرش ڪئلينڊر، (2) وڪرمي سنبت/ ڪئلينڊر، (3) ساڪا ڪئلينڊر، (4) ولڀي ڪئلينڊر ۽ (5) سنڌو ڪئلينڊر جو ذڪر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي ته هڪ خيال آهي ته ساڪا ڪئلينڊر 78 ۽ 79 عيسويءَ ڌاري سنڌ ۾ ٿيل ڪن خاص واقعن جي نتيجي ۾ شروع ٿيو هو. بيرونيءَ جي بيان موجب تن ڏينهن ۾ ’آريا ورت‘ جي علائقي تي هڪ ڌاريو حاڪم راڄ ڪندو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ سنڌ ۾ هو. ان هڪ فرمان جاري ڪيو هو، جنهن موجب آريا پاڻ کي فقط ’ساڪا‘ سڏائي ٿي سگهيا، نه ڪي آريا. ان ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس پسند نه ڪندا هئا. اهو حڪمران هڪ مقامي بغاوت ۾ ملتان جي ويجهو ڪروڙ/ ڪيرار وٽ مارجي ويو. سندس موت وڪرماجيت جي پيش قدميءَ دوران ٿيو ۽ ظالم جي ان انت واري واقعي کان ساڪا سنبت شروع ٿيو. هي ڪئلينڊر موجوده پاڪستان واري علائقي تي محيط سنڌ مملڪت ۾ 700 سالن تائين مروج رهيو، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي.
ساڪا سنبت کان 700 سال پوءِ هڪ نئون سن ’سنڌو سنبت‘ يا ’سنڌو ڪئلينڊر‘ جاري ٿيو، جنهن بابت البيرونيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌو سنبت وسيع علائقي ۾ ڪتب ايندو هو، جنهن ۾ ڪشمير کان وٺي سنڌو ساگر (عربي سمنڊ) تائين ۽ گجرات کان ڪرمان تائين جا علائقا اچي ٿي ويا. سال ۾ مهينن ۽ ڏينهن جي ڳڻپ جي سرشتي/ هرگڻا جو ذڪر ڪندي هن سنڌو سنبت جي اسلامي هجري سال، ايران جي يزدگرد ڪئلينڊر ۽ ساڪا ڪئلينڊر سان لاڳاپيل ترڪيب پيش ڪئي آهي.
هي سن، سنڌ جي راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سهارس جي شهادت واري واقعي کان شروع ٿئي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ فتحنامي (چچنامي) جي حوالي سان لکي ٿو ته راءِ سهارس جو موت هيٺ ڄاڻايل حالتن ۾ ٿيو.
”سهارس راءِ ولد سهاسي راءِ جنهن جي حڪومت جون الهندي واريون سرحدون ڪُرد جبلن ۽ ڪيڪانان (قلات ۽ مڪران) تائين وسيع هيون، تنهن پنهنجي گاديءَ واري هنڌ اروڙ ۾ نهايت ڪامياب نموني بدستور حڪومت ٿي هلائي. اوچتو ئي اوچتو فارس طرف کان نيمروز جي بادشاهه جي فوج اچي ڪرمان ۾ وارد ٿي. سهارس کي جڏهن اها خبر پهتي ته هن پاڻ پنهنجي سر پيش قدمي ڪري حملي آور فوج سان سخت جنگ جوٽي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن جا ڪيئي جنگي جوڌا ڪسجي ويا. ان بعد ايرانين سخت حملو شروع ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ سهارس جي فوج گهيري ۾ اچي وئي. پنهنجي مان شان ۽ عزت برقرار رکڻ خاطر سهارس پنهنجا قدم مضبوط کُپائي اڏول ٿي بيهي ان وقت تائين لڙيو، جيستائين پاڻ شهيد ٿي ويو. ان ڊگهي ويڙهه بعد ايراني بادشاهه نيمروز پنهنجي وطن ڏانهن واپس ٿيو. جنهن بعد راءِ سهاسي، سهارس جو پٽ، پنهنجي پيءُ واري راج گديءَ تي ويٺو ۽ پنهنجي ملڪ جو طاقتور حاڪم ثابت ٿيو.“
اهو ئي واقعو هو، جنهن سان سنڌ ۾ سياسي غلاميءَ جي دؤر جو خاتمو ٿيو. راءِ سهارس جي پٽ راءِ سهاسي هڪ خودمختيار حاڪم طور ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ ان بعد سنڌ ساسانين جي غلاميءَ مان آجي ٿي. راءِ سهارس جي هار ۽ شهادت دراصل فتح ۾ تبديل ٿي ويون، ۽ سندس پٽ راءِ سهاسي سنڌ ملڪ جو هڪ سگهارو ۽ هاڪارو حاڪم ٿي ويو. انهيءَ سال کان وٺي سنڌو سنبت (نئين سن) جي شروعات ٿي ۽ اهو سال 4 هجري مطابق 626ع وارو هو. سنڌو سنبت جي پهرين تاريخ چيٽ کان شروع ٿئي ٿي. گريگورين ڪئلينڊر مطابق سنڌو سنبت سال جي شروعات، چيٽ مهيني جي پهرين هميشه 14 مارچ تي ٿيندي آهي، سواءِ واڌو سال جي، جنهن ۾ وري پهرين تاريخ 21 مارچ جي برابر بيهندي آهي. جڏهن ته بقايا يارهن مهينن جي تاريخ جي مدنظر ٻنهي سنبتن جا تقابلي ڏينهن ساڳيا ۽ سواءِ بدلجڻ جي رهندا آهن ۽ واڌو سال اندر پڻ اها ئي نوعيت برقرار رهندي آهي.
سنڌو سنبت، ٻين سنبتن جي مقابلي ۾ ٻڙي سال سان شروع ٿئي ٿو، ليڪن ٻين ٻن سنبتن جا سال بجاءِ ٻڙي سال جي هڪ سال سان شروع ٿين ٿا. سنڌو سنبت جي جنتريءَ ۾ هڪ سال اندر ٻارهن مهينا ٿين ٿا. پهريون مهينو هر عام سال ۾ 30 تِٿن (تاريخن/ ڏينهن) جو ۽ واڌو سال ۾ 31 ڏينهن جو ٿيندو آهي ۽ ان کان پوءِ جا پنج لاڳيتا مهينا في مهينو 31 ڏينهن جو ٿيندو آهي ۽ بقايا ڇهن مهينن مان في مهينو 30 ڏينهن جو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح هر دستوري عام سال ۾ 365 ڏينهن ۽ واڌو سال ۾ 366 ڏينهن ٿيندا آهن. هن سنبت جو ابتدائي مهينو چيٽ هوندو آهي ۽ آخري مهينو ڦڳڻ هوندو آهي.
گريگوري ڪئلنڊر مطابق سنڌو سنبت جي مهينن جا نالا مقرر ٿيل مهينن جي انداز سميت هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
سنڌو سنبت جا مهينا عيسوي سن جا مهينا
(1) چيٽ اپريل- مئي
(2) ويساک مئي- جون
(3) ڄيٺ جون- جولاءِ
(4) آکاڙ جولاءِ- آگسٽ
(5) سانوَڻ آگسٽ- سيپٽمبر
(6) بڊو سيپٽمبر- آڪٽوبر
(7) اَسُو آڪٽوبر- نومبر
(8) ڪتي نومبر- ڊسمبر
(9) ناهري ڊسمبر- جنوري
(10) پوهه جنوري- فبروري
(11) ماگهه فبروري- مارچ
(12)ڦڳڻ مارچ- اپريل.
سنڌو سنبت/ ڪئلينڊر، سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ ٻهراڙين کانسواءِ آسام، بنگال، مهاراشٽر، برما، ڪيرالا، مانيپور، اڙيسا، پنجاب، سريلنڪا، تامل ناڊو ۽ ٿائلينڊ ۾ به مروج آهي.
هن ڪئلينڊر مطابق ڌرمي سنبت تهوارن جي نشاندهي اڳواٽ ٿيل هوندي آهي. اتر اوڀر هندستان ۽ گجرات جي علائقن ۾ گهڻي ڀاڱي هي ڪئلينڊر استعمال ٿيندو آهي.
هند سنڌ جا هندو سنڌي، نئين سنڌو سنبت سال جي آجيان چيٽي چنڊ جي ميلي سان ڪندا آهن. سنڌ ۽ سنڌيت جو مشهور اوتار جهولي لعل (اڏيرو لعل) به چيٽي چنڊ جي ڏينهن تي ڄائو هو.
سنڌو سنبت واحد سن آهي، جيڪو سنڌ (پاڪستان) ۽ هند جو ورثو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ آهي ته ”اهو فقط سنڌو سنبت ئي آهي، جيڪو بادشاهيءَ (راءِ گهراڻي) وارين سرحدن اندر شروع ٿيو ۽ بعد ۾ انهن ٻين علائقن ۾ پڻ رائج ٿيو، جي هن وقت پاڪستان جا حصا آهن. (راءِ سهارس) سورمو به بذات خود سنڌي ۽ سنڌ جو حاڪم هو، جنهن پنهنجي جند جان سنڌ تان صدقي ڪئي ۽ سنڌ کي اهڙيءَ طرح ڌارين جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيو . . . انهيءَ حقيقت جي مدنظر سنڌو سنبت جي بنياد تي هڪ شمسي جنتري ترتيب ڏئي، ان کي سرڪاري طور ’پاڪستاني قومي جنتري‘ جي حيثيت ڏني وڃي . . . ان حد تائين جو هي ڪئلينڊر گريگورين جنتريءَ بدران به ڪم اچي سگهي ٿو.“
(حوالو: ’تاريخي سنڌو سنبت‘: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪتاب ’ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا، نوادرات کاتو حڪومت سنڌ: 2012ع، ص: 218– 238)


هن صفحي کي شيئر ڪريو