سنڌ تي حملن جي تاريخ

سنڌ تي حملن جي تاريخ

سنڌ تي حملن جي تاريخ

سنڌ تي حملن جي تاريخ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور ليکڪ اياز ڀاڳت لکيو آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هن ڪتاب ۾ صرف ڌارين جي ڪاهن انهـن جي ڦرلـٽ، ظـلـم ۽ زيادتـيءَ کي چٽيو ويو آهي. هن ڪـتاب ۾ ڪُل 28 مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ سنڌ امڙ ڌرتي، سنڌي ۽ آريا، سنڌي ۽ ايراني، سڪندر مقدوني سان سنڌين جي ويڙهاند، سنڌين جو اعلان آزادي، موريا خاندان کانپوءِ سنڌ جي حالت، ساڪا قبيلن جي سنڌ ۾ آمد، ڪشن گهراڻو، سنڌين جي ايرانين سان مدد، گپت گهراڻي جو حملو، هُڻ (Huns) لوڪن جو ڏهڪاءُ، سنڌين جي حاڪميت، سنڌين جي حالت آرين کانپوءِ، نوشيروان جي ڪاهه، عرب ۽ سنڌي، عربن ۽ سنڌين جي ويڙهه، سنڌ تي محمود غزنويءَ جا حملا، دهليءَ جا دلال ۽ سنڌ جا سورما، شاهه بيگ ارغون جو سنڌ تي حملو، شاهه حسن ارغون جا ظلم، ترخانن جا ڪلور، سلطان محمود ڪوڪلتاش جو دور، مغل حاڪمن جا ڏاڍ ۽ ظلم، ڪلهوڙن جو دور ۽ ڌارين جون سازشون، سنڌ تي افغانين جا راتاها، شاهه شجاع جون شرانگيز حرڪتون، ٽالپر دؤر ۾ انگريزن جون سازشون، انگريز سامراج ۽ سنڌي- جهڙن اهم موضوعن تي مضمون شامل آهن. 208 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن، نوابشاهه،2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ملهه پڪي جلد سان 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو